مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
رولاڪيون ڪندي ڪافي وقت ٿي ويو هو. مافوشي ٻيٽ جي
به هر گهٽي صاف سٿري ۽ خوبصورت نظر آئي. نه نالي، نه نالو، نه گٽر، نه بجليءَ جو ٽرانسفارمر،
نه تنبو، نه تارون، نه ڪٿي ڪچري جو ڍير، رستي تي گپ، نه گند. مون کي لڳو ته هتان
جو هر ٻيٽ اهڙي ئي ساڳي طرز تي ٺهيل آهي، جيئن اسان جو گروئيدا ٻيٽ هيو. منصوبي
تحت ٺهيل مالديپ جو هر ٻيٽ پنهنجي خوبصورتي ۽ پليننگ جو اعليٰ مثال آهي. ان ڪري ئي
هتي سڄي دنيا جا سياح گهمڻ اچن ٿا. جيڪو هڪ دفعو گهمي وڃي ٿو، اهو ٻيهر اچڻ لاءِ
بيتاب آهي. ان کان علاوه اهو ماڻهو ٻين سياحن کي به پنهنجي ملڪ وڃي هن خوبصورت ٻيٽ
جا قصا ٻڌائي، انهن کي هرکائي ٿو.
مافوشي ٻيٽ کان اڳتي ٻيو”گُلي“Gulhi
Island نالي ٻيٽ هيو، يا وري ان کي Gulhi or Gulhi Island به چئبو آهي.هي
ٻيٽ به مالديپ جي Kaafu Atoll ۾ آهي. جتان اسان جو دوست
نظير سوڊاني به ٿي آيو هو. نظير کان جڏهن گُلي ٻيٽ جو پڇيوسين ته هن جو چوڻ
هيو،“هي سڀ ٻيٽ ساڳي ئي نموني تي ٺهيل آهن. پر مافوشي سڀ کان وڏو ۽ بهترين ٻيٽ
آهي. ٻين نمبر تي ”گرائيدو“Guraidhoo ۽
”گُلي“ ٽين نمبر تي اچي ٿو. سو گلي ٻيٽ جي جوڙ جڪ به تقريبن ساڳي آهي. ان ڪري اتي
وڃڻ جو خاص فائدو ڪونهي. توهان هتي ڪنهن به هڪڙي ٻيٽ تي هڪڙو ڏينهن به رهو، توهان
ئي ائين لڳندو ته توهان مالديپ جي ڄڻ ته سڀني ٻيٽن ۾ رات رهي آيا آهيو. ان ڪري
اسان گُلي وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. ڇو ته هڪڙي ٻيٽ ۾ اسان رهون پيا، ٻيو
گهمي رهيا هياسين. ٻنهين ٻيٽن ۾ ڪو خاص فرق ڪونه نظر آيو. سو مون کي لڳو ته هتان
جو هر ٻيٽ ساڳي ئي طرز تي ٺهيل آهي. ان ڪري ٻين ٻيٽن تي وڃڻ پئسي ۽ وقت جو زيان نه
ڪجي ته بهتر.
هاڻي بک لڳي هئي، پرتاب جو موڊ هيو ته اڄ منجهند جي
ماني ۾ هتان جي برياني جو مزو وٺجي. ان لاءِ مافوشي جي مين روڊ تي ڪيئي کاڌي جون
هوٽلون هيون. هلندا به رهياسين ته هوٽل به جاچيندا رهياسين. رستي تي هڪڙو لاهوري
پنجابي ٻاتڙو اسان سان ٽڪرائجي ويو هو. هن پنهنجي هوٽل جو پفليٽ اسان کي ڏنو هو.
ماني جي باري ۾ وڏا حوال ڪاٽڻ لڳو. هو چوڻ لڳو ته ،”اسان وٽ جهڙي لذيذ ماني آهي،
اهڙي توهان ڪٿي به نه کاڌي هوندي، توهان هڪ ڀيرو مون کي آزمائي ڏسو“. سو دوستن جو
خيال هو ته ڀلا ايڏي وڏي دعويٰ ڪري ٿو ته پوءِ هلو ته هلي ڏسي اچون. جڏهن هن جي هوٽل
وٽ پهتاسين ته هن کان پرتاب پڇڻ لڳو ته،”توهان جي اسپيشلٽي ڇا ۾ آهي“.
”اسان وٽ سڀ
شيون اسپيشل آهن“. هن هٻڪندي جواب ڏنو.
”ڪهڙي ڊش خاص
آهي، ان جو نالو ٻڌايو“.
”توهان کي خبر
پئجي ويندي، توهان اندر ته اچو نه هوٽل ۾“. هن وري به ساڳي ڳالهه ڪئي.
جنهن تي پرتاب چيو ته،”ڇڏيوس يار، هن کي پاڻ هوٽل
جي ماني جي باري ۾ خبر نه آهي ته هن وٽ ڪهڙيون شيون آهن. اچو ته هلون“.
”ڇا ٿيو، ڪاڏي ٿا
وڃو“. هن رڙ ڪري چيو.
جنهن تي پرتاب هن کي چيو ته،”تو کي پاڻ ئي خبر نه
آهي“.
”مان هوٽل ۾
اندر ڪائونٽر تي هوندو آهيان ۽ مان پاڻ هوٽل جو مالڪ آهيان“. هن کلي جواب ڏنو هيو.
”تون مالڪ آهين،
صندل تي ويهين ٿو، توکي اها خبر ناهي ته تنهنجي هوٽل ۾ ڪهڙو کاڌو آهي، بس تنهنجي
مهرباني“. پرتاب هن سان هٿ ملائي موڪلائيندي چيو.
خير پاڻ ان کان ٿورڙو اڳتي هلياسين ته تمام وڏي
سائيز جا رنگين طوطا پنهنجي ٻوليءَ ۾ رڙيون ڪري رهيا هيا. هنن طوطن جي ڪاري رنگ ۽
اڇي رنگ جي چنهب، نيري، ڦڪي، ڳاڙهي ۽ سائي رنگ جا پر هيا. هي خوبصورت طوطا، چيهون ڪري
رهيا هيا. اهي هڪ وڏي ڇانو واري وڻ جي هيٺان لوهي جهنگلي سان زنجيرن سان ٻڌل هيا.
هنن کي شايد بک لڳي هئي. هنن جي اڳيان ٺڪر جا وڏا پاٽوڙا/پاٽ رکيل هيا، جن ۾ پاڻي
پيل هيو. هو اڃارا نه هيا، پر بکايل هيا. ان ڪري هو اڀ ڏاريندڙ چيهاٽ ڪري رهيا
هيا. اسان طوطن کي ڏسڻ لاءِ اتي بيهي رهياسين. جنيد هڪڙي طوطي تي هٿ ڦيرڻ لڳو ته
هن چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنيد هٿ پري ڪري ڇڏيو.
ٿوري دير کان پوءِ سامهون هوٽل مان هڪڙي نوجوان
ناري نڪتي جنهن جي هٿن ۾ ڊبل روٽي (سلائيس) جا ٽڪڙا هيا. جيڪي هُن هنن طوطن کي ٽڪرا
ٽڪرا ڪري کارايا. پر شايد اڃان به هنن جي بک ختم نه ٿي هئي. هو ايندي ويندي ماڻهن
کي ڏسي زوردار رڙيون ڪن پيا. هي ڏاڍا خوبصورت طوطا هيا. اسان انهن سان تصويرون ۽ وڊيوز
به ٺاهيون. اتي هڪڙو مزدور ڊانگري ڊريس ۾ نظر آيو. جنهن جو رنگ نيرو هيو. هو هتي
عمارت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. هو انڊيا جو هو. شايد هن جي ٻولي تامل هئي، جيڪا يوسف کي
ايم فل لاءِ گهربل هئي. جڏهن يوسف هن کان نالو پڇيو ته هو نالي ٻڌائڻ ۾ گهٻرائڻ لڳو
هو. هو سامهون واري وڏي فليٽ ٽائيپ عمارت ۾ رازي جو ڪم ڪري رهيو هو. ان سان گڏ ٻه ٽي
ٻيا مزدور به هيا، جيڪي مزدوري جو ڪم ڪن پيا. نيٺ ٿوري دير ۾ اتان نڪري هڪڙي ٻي هوٽل
۾ اچي منجهند جي ماني کائڻ جي موڊ ۾ ويهي رهياسين.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment