احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
-------
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي قَتَادَةَ، اَنَّ رَجُلٌ أَتَى النَّبِيَّ صلى الله عليه
وسلم فَقَالَ كَيْفَ تَصُومُ فَغَضِبَ
رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم مِنۡ قَوۡلِہٖ فَلَمَّا رَأَى عُمَرُ غَضَبَهُ قَالَ رَضِينَا بِاللَّهِ رَبًّا
وَبِالإِسْلاَمِ دِينًا وَبِمُحَمَّدٍ نَبِيًّا نَعُوذُ بِاللَّهِ مِنْ غَضَبِ
اللَّهِ وَغَضَبِ رَسُولِهِ . فَجَعَلَ عُمَرُ
يُرَدِّدُ هَذَا الْكَلاَمَ حَتَّى سَكَنَ غَضَبُهُ فَقَالَ عُمَرُ يَا
رَسُولَ اللَّهِ صلی اللہ علیہ وسلم
كَيْفَ بِمَنْ يَصُومُ الدَّهْرَ كُلَّهُ قَالَ لاَ صَامَ وَلاَ أَفْطَرَ -
أَوْ قَالَ - لَمْ يَصُمْ وَلَمْ يُفْطِرْ . قَالَ كَيْفَ مَنْ يَصُومُ يَوْمَيْنِ وَيُفْطِرُ يَوْمًا قَالَ وَيُطِيقُ ذَلِكَ أَحَدٌ . قَالَ كَيْفَ مَنْ يَصُومُ يَوْمًا وَيُفْطِرُ يَوْمًا قَالَ ذَاكَ صَوْمُ دَاوُدَ قَالَ كَيْفَ مَنْ يَصُومُ يَوْمًا وَيُفْطِرُ يَوْمَيْنِ قَالَ وَدِدْتُ أَنِّي طُوِّقْتُ ذَلِكَ . ثُمَّ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم ثَلاَثٌ مِنْ كُلِّ شَهْرٍ وَرَمَضَانُ إِلَى رَمَضَانَ فَهَذَا صِيَامُ الدَّهْرِ كُلِّهِ صِيَامُ يَوْمِ عَرَفَةَ أَحْتَسِبُ عَلَى اللَّهِ أَنْ يُكَفِّرَ السَّنَةَ الَّتِي قَبْلَهُ وَالسَّنَةَ الَّتِي بَعْدَهُ وَصِيَامُ يَوْمِ عَاشُورَاءَ أَحْتَسِبُ عَلَى اللَّهِ أَنْ يُكَفِّرَ السَّنَةَ الَّتِي قَبْلَهُ ۔
أَوْ قَالَ - لَمْ يَصُمْ وَلَمْ يُفْطِرْ . قَالَ كَيْفَ مَنْ يَصُومُ يَوْمَيْنِ وَيُفْطِرُ يَوْمًا قَالَ وَيُطِيقُ ذَلِكَ أَحَدٌ . قَالَ كَيْفَ مَنْ يَصُومُ يَوْمًا وَيُفْطِرُ يَوْمًا قَالَ ذَاكَ صَوْمُ دَاوُدَ قَالَ كَيْفَ مَنْ يَصُومُ يَوْمًا وَيُفْطِرُ يَوْمَيْنِ قَالَ وَدِدْتُ أَنِّي طُوِّقْتُ ذَلِكَ . ثُمَّ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم ثَلاَثٌ مِنْ كُلِّ شَهْرٍ وَرَمَضَانُ إِلَى رَمَضَانَ فَهَذَا صِيَامُ الدَّهْرِ كُلِّهِ صِيَامُ يَوْمِ عَرَفَةَ أَحْتَسِبُ عَلَى اللَّهِ أَنْ يُكَفِّرَ السَّنَةَ الَّتِي قَبْلَهُ وَالسَّنَةَ الَّتِي بَعْدَهُ وَصِيَامُ يَوْمِ عَاشُورَاءَ أَحْتَسِبُ عَلَى اللَّهِ أَنْ يُكَفِّرَ السَّنَةَ الَّتِي قَبْلَهُ ۔
(مسلم شریف کتاب الصوم باب استحباب صیام ثلاثۃ ایام من کل شھر و صوم
یوم عرفۃ و عاشوراء والاثنین والخمیس ج 1 ص 367۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب
ماجاء فی صیام داؤد علیہ اسلام ص 124)
”حضرت ابو قتاده رضه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ هڪ
شخص آيو ۽ ان پاڻ ڪريم ﷺ جن کان سوال ڪيو ته توهان روزا ڪيئن رکندا آهيو؟ (يعني
نفلي روزن رکڻ جي باري ۾ توهان جو معمول ڇا آهي؟) ان جو اهو سوال ڪرڻ پاڻ ڪريم ﷺ
جن کي ناگوار گزريو (يعني منهن مبارڪ تي ڪاوڙ جا آثار ظاهر ٿيا) حضرت عمر فاروق رضه
(جيڪي مجلس ۾ موجود هئا) جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ناراضگيءَ کي محسوس ڪيو ته چيائين:
رَضِیۡنَا بِاللہِ رَبَّا وَبِا الۡاِسۡلاَمِ دِیۡنًا وَبِمُحَمَّدٍ
نَبیًّا نَعۡوۡذُ بِاللہِ مِنۡ غَضَبِ اللہِ وَغَضَبِ رَسۡوۡلِہٖ
اسين راضي آهيون الله پاڪ کي پنهنجو رب مڃي ڪري ۽ اسلام کي پنهنجو
دين مڃي ڪري ۽ محمد ﷺ کي نبي مڃي ڪري، الله پاڪ جي پناهه ان جي ناراضگيءَ کان ۽ ان
جي رسول جي ناراضگيءَ کان) حضرت عمر فاروق رضه بار بار اهي الفاظ ورجائي ۽ دهرائي
رهيا هئا ايستائين جو پاڻ ڪريم ﷺ جن جي مزاج مبارڪ ۾ جيڪا ناگواري ۽ ناراضگي پيدا
ٿي هئي ان جو اثر زائل ٿي ويو، حضرت عمر فاروق رضه عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ﷺ
اهو شخص ڪيئن آهي جيڪو هميشه بغير ناغي جي روزا رکي ان جي باري ۾ ڇا ارشاد آهي؟
پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته نه ان شخص روزو رکيو ۽ نه افطار ڪئي، وري ٻيهر حضرت عمر
فاروق رضه جن عرض ڪيو ته ان شخص جي باري ۾ ڇا ارشاد آهي جيڪو ٻه ڏينهن روزا رکي ۽
هڪ ڏينهن ناغو ڪري بغير روزي جي رهي؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ڇا ڪنهن ۾ ان جي طاقت
آهي؟ (يعني هي انتهائي مشڪل آهي ان جو ارادو نه ڪرڻ گهرجي) حضرت عمر فاروق رضه عرض
ڪيو ته ان شخص جي باري ۾ ڇا ارشاد آهي جيڪو هميشه هڪ ڏينهن روزو رکي ۽ هڪ ڏينهن روزو
نه رکي؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هي صومِ داؤد آهي (يعني حضرت داؤد عليھ السلام
جنهن کي الله پاڪ غير معمولي جسماني قوت ۽ طاقت بخشي هئي انهن جو معمول اهو ئي هيو
ته هڪ ڏينهن روزو رکندو هيو ۽ هڪ ڏينهن ناغو ڪندو هيو) حضرت عمر فاروق رضه جن عرض
ڪيو ته ان شخص جي باري ۾ ڇا ارشاد آهي جيڪو هڪ ڏينهن روزو رکي ۽ ٻه ڏينهن روزو نه
رکي؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته منهنجي دل چاهي ٿي ته جيڪر مون کي ان جي طاقت عطا
ڪئي وڃي. پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته هر مهيني جا ٽي نفلي روزا ۽ هڪ رمضان
کان ٻئي رمضان تائين اهي (اجر و ثواب جي لحاظ کان) هميشه روزن جي باري ۾ آءُ اميد
ڪريان ٿو ته الله پاڪ جي ڪرم سان اهو صفائي ڪري ڇڏيندو گذريل سال ۽ ايندڙ سال جي
(يعني انهيءَ روزي جي برڪت سان هڪ گذريل سال ۽ هڪ ايندڙ سال جا گناهه معاف ٿي
ويندا ۽ گندگيون ڌوپجي وينديون) ۽ يوم عاشوراء (يعني ڏهه محرم الحرام) جي روزي جي
باري ۾ آءُ الله پاڪ کان اميد ڪريان ٿو ته ان جي ذريعي سان گذريل سال جا گناهه
معاف ٿي ويندا ۽ صاف ٿي ويندا.“
سوال ڪرڻ واري شخص کي گهرجي ها ته اهو پاڻ ڪريم ﷺ جن کان پنهنجي باري
۾ سوال ڪري ها ته آءُ نفلي روزا ڪيئن رکان ته جيئن پاڻ ڪريم ﷺ جن ان جي احوال ۽
ڪوائف جي مطابق ان کي ڪوئي جواب ڏين ها مگر اهو شخص پنهنجي باري ۾ پڇڻ جي بجاءِ
پاڻ ڪريم ﷺ جن جي باري ۾ پڇڻ لڳو ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته اهو آداب نبوت جي صرف خلاف
ئي نه بلڪه اها هڪ حد تائين گستاخي به هئي تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن جي منهن مبارڪ
تي غصي جا آثار ظاهر ٿيا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جا احوال ۽ ڪوائف بلڪل ٻي نوعيت جا هئا.
پاڻ ڪريم ﷺ جن جي افعال ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي عبادت جي قلت ۽ ڪثرت جا
به اسرار ۽ راز هئا ۽ ظاهر آهي ته راز ۽ مصالح هر شخص جي افعال ۽ عبادت ۾ برابر
نٿا ٿي سگهن. چنانچه پاڻ ڪريم ﷺ جن حد کان زياده روزا نه رکندا هئا ڇو جو پاڻ ڪريم
ﷺ جن مسلمانن جي مسائل و مصلحتن، ازواجِ مطهرات جي حقوق جي ادائگي ۽ ٻاهران کان
اچڻ وارن مهمانن جي خاطر ۽ انهن جي خيالداريءَ ۾ مصروف رهندا هئا. اهڙي صورت ۾
ممڪن نه هيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪثرت سان نفلي روزا رکن.
حديث شريف ۾ : مَنْ يَصُومُ
الدَّهْرَ كُلَّهُ (يعني جيڪو شخص هميشه
روزا رکي ان جي باري ۾ ڇا حڪم آهي) جي ذريعي سوال ڪرڻ وارو حقيقت ۾ اهو ئي پڇڻ
چاهي پيو. مگر ان شخص طريقو ۽ اسلوب غلط اختيار ڪيو تنهن ڪري انهيءَ سوال کي حضرت
عمر فاروق رضه جن نهايت ئي ادب ۽ عاجزيءَ واري انداز ۾ پڇيو ته جيڪو شخص هميشه
نفلي روزا رکي ٿو ته ان جي باري ۾ شريعت ڇا حڪم فرمائي ٿي؟ ڇا اِهو شخص پنهنجي
انهيءَ عمل جي ڪري شريعت جي نظر ۾ پسنديده آهي يا نه؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ پاڻ
ڪريم ﷺ جن جيڪو جملو لاَ صَامَ وَلاَ
أَفْطَرَ ارشاد فرمايو ان جي باري ۾ اهلِ
علم حضرات فرمائن ته اهو جملو ان شخص جي حال جي خبر آهي ته نه ته ان شخص روزو رکيو
ڇو جو اهڙي قسم جا روزا رکڻ شريعت جي حڪم جي مطابق نه آهن ۽ نه ئي اهو شخص بغير
روزي جي رهيو ڇو جو کائڻ پيئڻ ۽ ٻيون سموريون شيون ان ڇڏي ڏنيون ۽ ڪجهه اهِل علم
حضرات جي راءِ اها آهي ته هي ارشاد نبوي ﷺ ان شخص جي حق ۾ به آهي جيڪو ممنوع روزا
رکي (يعني ٻنهن عيدن جا ڏينهن ۽ قربانيءَ جا ڏينهن)
انهيءَ حديث شريف ۾ اڳتي الفاظ مذڪور آهن ته ذَاكَ صَوْمُ دَاوُدَ (يعني هي حضرت داؤد عليھ السلام جو روزو آهي)
ان جو مطلب هي آهي روزن رکڻ جو اهو طريقو نهايت معتدل ۽ درميانو آهي ۽ ان ۾ عبادت
۽ عادت ٻنهن جي رعايت ڪئي وئي آهي. اسلام چونڪه آسماني مذهبن ۾ هڪ خوبصورت ۽ اعليٰ
مذهب آهي تنهن ڪري ان هر معاملي ۾ توازن ۽ اعتدال جي راهه ۽ رستو ڏيکاريو آهي، ان
جي نظريات و اعمال ۾ نه افراط آهي نه تفريط، تنهن ڪري حضرت داؤد عليھ السلام جي
روزن کي سڀ کان بهترين روزا قرار ڏنو ويو آهي.
حديث ۾ الفاظ مذڪور آهن ته ”هر مهيني جا ٽي روزا ان مان مراد هر
مهيني جي ڪنهن به ٽن ڏينهن جا روزا مذڪوره ثواب جا حامل آهن ڇو جو حضرت عائشة
صديقة رضه جي هڪ روايت جيڪا اڳتي اچڻ واري آهي ان ۾ اهڙي قسم جي صراحت ۽ وضاحت
موجود آهي.
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ، قَالَتْ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم
يَصُومُ مِنَ الشَّهْرِ السَّبْتَ وَالأَحَدَ وَالاِثْنَيْنِ وَمِنَ الشَّهْرِ
الآخَرِ الثُّلاَثَاءَ وَالأَرْبِعَاءَ وَالْخَمِيسَ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم)
”حضرت عائشه صديقه ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن مهيني ۾ ڇنڇر، آچر، سومر جا روزا رکندا هئا ۽
ڪنهن مهيني ۾ اڱاري، اربع، خميس جي ڏينهن جا روزا رکندا هئا.“
(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَمْرِو بْنِ الْعَاصِ رضہ قَالَ قَالَ لِيۡ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله
عليه وسلم يَا عَبْدَ اللَّهِ أَلَمْ
أُخْبَرْ أَنَّكَ تَصُومُ النَّهَارَ وَتَقُومُ اللَّيْلَ فَقُلْتُ بَلَى يَا رَسُولَ اللَّهِ صلى الله
عليه وسلم . قَالَ فَلاَ تَفْعَلْ، صُمْ وَأَفْطِرْ، وَقُمْ وَنَمْ، فَإِنَّ
لِجَسَدِكَ عَلَيْكَ حَقًّا، وَإِنَّ لِعَيْنِكَ عَلَيْكَ حَقًّا، لَا صَامَ مَنۡ
صَامَ الدّھۡرَ۔ صَوۡمُ ثَلاَثَۃِ اَیَّامٍ مِنۡ کُلِّ شَھۡرٍ قُلۡتُ اِنِّیۡ
اُطِیۡقُ اَکَثَرَ مِنۡ ذَالِکَ قَالَ صُمۡ اَفۡضَلَ الصّوۡمِ صَوۡمَ دَاؤُدَ
صِیَامُ یوۡمٍ وَافِطَارُ یَوۡمٍ وَاقۡرَءُ فِیۡ کُلِّ سَبۡعِ لَیَالٍ مَرَّۃً
وَلَا تَزِدۡ عَلیٰ ذَالِکَ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم ج 1 ص 65 و 266۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب
النھی عن صوم الدھر لمن تضرر بہ او تضوت بہ حقًا اولم یفطر العیدین والتشریق و
بیان تفصیل یوم و افطار یوم ج 1 ص 365)
”حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص ؓ
کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مون کي ارشاد فرمايو ته مون کي ٻڌايو ويو
آهي ته تون هئي معمول بڻايو آهي ته تون هميشه ڏينهن جو روزو رکندو آهين ۽ پوري رات
نفل پڙهندو آهين. (ڇا حقيقت به ائين ئي آهي؟) مون عرض ڪيو ته هائو حضور آءُ ائين
ئي ڪندو آهيان. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته تون اهو طريقو ڇڏي ڏي. تون روزو به رک ۽
هڪ ڏينهن ناغو به ڪندو ڪر، اهڙيءَ طرح رات جو نماز به پڙهندو ڪر ۽ آرام به ڪندو ڪر
ڇو جو تنهنجي جسم جو به توتي حق آهي. (۽ توکي ان ڳالهه جي اجازت نه آهي ته تون جسم
تي حد کان زياده وزن ۽ بوجهه وجهين ۽ ان جون ضروري تقاضائون به پوريون نه ڪرين) ۽
اهڙيءَ طرح تنهنجي اکين جو به توتي حق آهي (ته انهن کي سمهڻ ۽ آرام ڪرڻ جو موقعو
ڏيو) ۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي گهر واريءَ جو به توتي حق آهي ۽ تنهنجي مهمانن جو به
توتي حق آهي (۽ تنهنجي لاءِ جائز نه آهي ته انهن جي حقن کي ڇڏي ڪري الله پاڪ جي
عبادت ڪرين، ٻڌ) جيڪو شخص هميشه بغير ناغي جي روزا رکي ته ڄڻ ان شخص روزا رکيا ئي
نه آهن، هر مهيني ۾ ٽي ڏينهن (نفلي) روزا رکڻ هميشه روزن رکڻ جي حڪم ۾ آهي، ان ڪري
تون هر مهيني ۾ ٽي روزا رکندو ڪر، ۽ مهيني ۾ هڪ ڀيرو قرآن ڪريم جو ختم ڪندو ڪر.
(حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص ؓ چوي ٿو
ته) مون عرض ڪيو ته آءُ ان کان وڌيڪ طاقت رکان ٿو (ان ڪري مون کي زياده روزن رکڻ
جي اجازت عنايت فرمايو) پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته پوءِ تون حضرت داؤد عليھ السلام
جي روزن جو طريقو اختيار ڪر، ۽ اهو هي آهي ته هڪ ڏينهن روزو رک ۽ هڪ ڏينهن افطار
ڪر، ۽ تهجد جي نماز ۾ ستن راتين ۾ هڪ ڀيرو قرآن ڪريم جو ختم ڪندو ڪر، ۽ ان کان
وڌيڪ نه ڪر.“
شريعت اعمال ۾ مياناروي ۽ اعتدال جي راهه کي اختيار ڪرڻ تي وڏو زورُ
ڏنو آهي. چنانچه نفلي عبادتن ۽ اعمال ۾ نه ته ايتري قدر ڪوتاهي ڪرڻ گهرجي جو جنهن
سان روحاني ترقيءَ جو حصول ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ۽ نه ايتري قدر زيادتي ڪرڻ گهرجي جنهن
سان جسماني قوت ۽ طاقت بالڪل ئي ختم ٿي وڃي ۽ دنياوي مباح ۽ جائز امور ۾ تعطل ظاهر
ٿئي ان ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص ؓ کي منع فرمايو ته نه ته تون ايترا زياده روزا
رک ۽ نه ايتري قدر زياده شب بيداري ڪر جئين ان جي ڪري ٻين ضروري ۽ فرض عبادتن ۾
خلل واقع نه ٿئي ۽ ٻين انساني ۽ معاشرتي حقن ۾ پوئتي نه پئجي وڃين. هر مهيني ۾ ٽي
روزا رکڻ سان هميشه جي روزن رکڻ جو ثواب ان ڪري لکيو ويندو آهي جو هر نيڪيءَ جي
عيوض ڏهه نيڪيون لکيون وينديون آهن لهذا انهيءَ حساب سان ٽي روزا باعتبار ثواب وا
جر جي ٽيهن روزن جي برابر آهن ۽ هر مهيني ۾ ٽي روزا رکڻ وارو ڄڻ پورو مهينو روزي
سان رهيو.
(4) ارشادِ نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ مَعَاذَۃَ الۡعَدَوِیَّۃَ اَنَّھَاِسَأَلَتۡ عَائِشَةَ اِکَانَ
رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ مِنْ كُلِّ شَهْرٍ ثَلاَثَةَ أَيَّامٍ
قَالَتْ نَعَمْ . فَقُلْتُ لَهَا مِنْ أَىِّ أَيَّامِ الشَّهْرِ كَانَ يَصُومُ
قَالَتْ لَمْ يَكُنْ يُبَالِي مِنْ أَىِّ أَيَّامِ الشَّهْرِ يَصُومُ ۔
(مسلم شریف کتاب الصوم باب استحباب صیام ثلاثۃ من کل شھر وصوم یوم
عرفۃ و عاشوراء والاثنین والخمیس ج 1 ص 367)
”حضرت معاذه عدوي ؓ کان
روايت آهي ته مون ام المؤمنين حضرت عائشة صديقة ؓ
کان پڇيو ته ڇا پاڻ ڪريم ﷺ جن هر مهيني ۾ ٽي روزا رکندا هئا؟ انهن فرمايو
ته هائو پاڻ ڪريم ﷺ جن هر مهيني ۾ ٽي روزا رکندا هئا. حضرت معاذه ؓ وري سوال ڪيو ته مهيني جي ڪهڙي حصي ۾ (۽ ڪهڙين
تاريخن ۾) روزا رکندا هئا؟. انهن جواب ۾ فرمايو ته ان جو ڪو فڪر نه ڪندا هئا ته
مهيني جي ڪهڙي حصي ۽ ڪهڙين تاريخن ۾ روزا رکن.“
(5) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ حَفۡصَۃَ رضہ قَالَتۡ اَرۡبَعٌ لَمۡ تَکُنۡ یَدۡعُھُنَّ
النَّبِیُّ صلی اللہ علیہ وسلم صِیَامَ عَاشُوۡرَاءَ وَالۡعَشۡرِ وَثَلٰثَۃِ
اَیَّامٍ مِنۡ کُلِّ شَھۡرٍ وَ رَکَعۡتَانِ قَبۡلَ الۡفَجۡرِ۔
(نساءی شریف کتاب الصوم باب کیف یصوم ثٰلثۃ ایام من کل شَھۡرٍ ج 1 ص
328)
”ام المؤمنين حضرت حفﷺ ؓ کان
روايت آهي ته چار شيون اهڙيون آهن جن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪڏهن به نه ڇڏيندا هئا. (1)
عاشوري يعني محرم جو روزو (2) عشره ذي الحج (يعني پهرين ذي الحج کان نائين ذي الحج
تائين) جا روزا (3) هر مهيني جا ٽي روزا (4) فجر جي فرض کان پهريون ٻه رڪعتون
(يعني فجر جون ٻه سنتون)“.
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment