سُر سسئي آبري - داستان يارهون

سُر سسئي آبري

داستان يارهون

1
ڪَنُ ٿِيُ، ڪيچِيُنِ ڪُڇِيو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ؛
اِشارَتُون اُنِ جون، سُڪُوتان سُڄَنِ؛
وَٽان ويـهِي تَنِ، سُڻُ ته سوزُ پرائِيين.

2
سُڻُ ته سوزُ پِرائِيين،آءُچيائُون اَڄُ؛
ٻولِي ٻِي نه سِکِيا،پاڻاچوندءِڀَڄُ؛
واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ ته ٻِيائِي لَهي.

3
ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱِڻِ آرِيءَ ڄامَ جي؛
دِيَتَ آهي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيِنِ جي.

5
اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌِيءَ سين آهينِ؛
هُو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونهائِينِ؛
ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي.

6
سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، هلَڻَ رِءَ مَ هلُ؛
جَلَڻُ رِءَ مَ جَلُ، رُئَڻَ رِءَ مَتان رُئِين.




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت