مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا محمد ابراهيم صديقي


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

----------------------
مولانا محمد ابراهيم صديقي
 ----------------------
محسن المدارس حضرت سائين عبدالغفور قاسمي رحه
استاذ العلماءُ شيخ الحديث حضرت مولانا سائين عبدالغفور قاسمي رحه جي سوانح حيات تي ڪجهه لکڻ لاءِ قلم ۽ ڪاغذ ته کڻي ورتو آهي پر هي ڪم مون جهڙي حقير ۽ فقير کان گهڻو پري آهي شايد لکڻ وارا ان حق کي پورو ڪن. آئون صرف خريدارن يوسف ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرڻ چاهيان ٿو، نه ته ايتري وڏي شخصيت تي لکڻ جي تڪليف نه ڪريان ها.

بهرحال پاڻ رحمت الله عليه تمام صفات جميله جا مجموعه ها. شيخ الحديث به هئا ته شيخ التفسير به، استاذ العلماءَ هئا ته محسن المدارس به مفسر القرآن هئا ته مناظر اسلام به، جامع المعقول والمنقول هئا ته هڪ زبردست خطيب به مطلب ته الله جل شانه تمام تر صلاحيتون پاڻ ۾ جمع فرمايون هيون. پاڻ هڪ بي مثال عالم، مبلغ، بي مثال مدرس، بي مثال رهبر، بي مثال قائد بلڪه هڪ بي مثال شخصيت هئا. پاڻ رح تقرير و تحرير، لياقت و صلاحيت، فهم و تدبر، علم و عمل ۾ پنهنجو مثال پاڻ هئا.
الله جل شانه جيڪڏهن توفيق بخشي ته تفصيلي سوانح حيات لکڻ جي ڪوشش ڪندس. في الحال اختصار سان چند سٽون قارئين جي سامهون پيش ڪريان ٿو.
نالو ۽ نسب:  
سندن نالو عبدالغفور پٽ مولانا محمد قاسم هو، ذات ميمڻ.
پيدائش: 
پاڻ جي پيدائش 1942ع ۾ سجاول شهر جي ويجهو ڳوٺ گُجو محمد شاهه ۾ ٿي.
تعليمي مراحل:  پرائمري ۽ ناظره قرآن پاڪ پنهنجي ڳوٺ گجو محمد شاهه ۾ پڙهيا. تقريبآ 1953ع ۾ مولانا محمد قاسم (حضرت جا والد صاحب) مولانا عبدالله ميمڻ جيڪي شيخ الحديث مولانا محمد ابراهيم، مهتمم جامعه باب الاسلام ٺٽه جا والد آهن) کان پڇيو ته توهان ڪٿي پڙهائيندا آهيو؟ مولانا عبدالله فرمايو ته آئون ٽنڊو قيصر جي ويجهو ڳوٺ مرنگين جو تڙ ۾ پڙهائيندو آهيان. مولانا محمد قاسم فرمايو ته منهنجي هن پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي پڙهايو. مولانا عبدالله پاڻ سان گڏ وٺي ويا. هڪ سال تائين صرف ۽ نحو جي ابتدائي تعليم ڏنائون ۽ ٻي سال مولانا عبدالله جو تقرر سجاول جي مدرسه الهاشميه ۾ ٿيو ته پنهنجي شاگرد کي به گڏ وٺي آيا.
پوءِ پاڻ رحه مدرسه دار الفيوض الهاشميه سجاول ۾ پڙهڻ شروع ڪيو. پاڻ انتهائي درجي جا ذهين هئا پاڻ کي پڙهڻ جو ۽ والد گرامي کي پڙهائڻ جو بيحد شوق هو. انهيءَ شوق ٻرندڙ تي تيل ڇڙڪڻ جو ڪم ڏنو. علم جي شمع خوب روش ٿيڻ لڳي. چند ڪتابن جي علاوه پوري تعليم پاڻ انهي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. ان وقت مدرسه دار الفيوض الهاشميه سجاول جا استاد هي هئا:
                  پير طريقت حضرت مولانا استاد نور محمد رحه
                  حضرت مولانا عبدالله ميمڻ رحه
                  حضرت مولانا محمد نور رحه
                  حضرت مولانا فيض علي شاهه (هي ٻئي بزرگ دارالعلوم ديوبند جا استاد به رهي چڪا آهن)
                  حضرت مولانا محمد انور شاهه هزاروي رحه (مانسهره)
                  حضرت مولانا حبيب الله سمون (پير جو ڳوٺ ٺٽو)
ڪجهه سالن کان پوءِ استاد نور محمد رحه سائين قاسمي صاحب کي گجرانواله ۾ مولانا صوفي سرور (جيڪو هن وقت جامعه اشرفيه لاهور ۾ شيخ الحديث آهي) وٽ موڪليو. هڪ سال ان وٽ پڙهيا ۽ هڪ سال طاهر والي ۾ مولانا منظور احمد نعماني رحه وٽ پڙهيا ۽ دوره تفسير شيخ التفسير حضرت مولانا عبدالغني جاجروي رحه وٽ پڙهيا. دوره تفسير ۾ سائين جن سان مولانا محمد ابراهيم ٺٽوي ۽ مولانا نصر الله بروهي به شريڪ سبق رهيا ۽ انهي سال پير طريقت حضرت مولانا عبدالصمد هاليجوي به مولانا عبدالغني جاجروي وٽ دوره تفسير پڙهيا. جڏهن ته پاڻ رحه 1965ع جامعته العلوم الاسلاميه بنوري ٽائون ۾ دوره حديث پڙهيا.
سبق جي ترتيب ڪجهه هن طرح هئي:
بخاري شريف ۽ ترمذي شريف مولانا محمد يوسف بنوري رح وٽ ۽ مسلم شريف حضرت مولانا محمد ادريس ميرٺي وٽ ۽ ابو دائود حضرت مولانا فضل محمد سواتي ۽ طحاوي شريف حضرت مولانا مصباح الله شاهه وٽ پڙهيا. دوره حديث ۾ وفاق المدارس العربيه ۾ پوري ملڪ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائون.

هم درس: 
حضرت سائين قاسمي رحه جا هم سبق عالمن ۾ سڀ کان زياده مولانا محمد ابراهيم ٺٽوي رهيا جيڪي شرح ملا جامي کان دروه حديث تائين گڏ پڙهيا، ان کانسواءِ مولانا عبدالقيوم جاڙيجه، مولانا غلام قادر لاسي ۽ مولانا شفيع محمد نظاماڻي، مولانا عبدالغفور نظاماڻي کي هم سبق رهڻ جو شرف نصيب ٿيو.

همعصر: 
يعني اهي علماءَ جيڪي هڪ ئي مدرسي ۾ حضرت سان پڙهندا هئا، جن جي سبق جي ترتيب حضرت جي اڳيان يا پٺيان هئي، اهي هي آهن:
1)    استاد العلماءَ حضرت مولانا محمد اسماعيل پنهور
2)    مولانا سيد عبدالله شاهه بخاري رح
3)    مولانا عبدالغفور جتوئي،  مڪه مڪرمه
4)    مولانا محمد سومرو رحه (جنهاڻ سومرو)
5)    مولانا محمد يعقوب نظاماڻي رحه
6)    مولانا قائم الدين اوٺو صاحب
7)    مولانا غلام محمد سومرو صاحب
8)    مولانا حبيب الله راڄڙ رحه
9)    مولانا محمد قاسم ڪلوئي
10)  مولانا نصر الله بروهي
11)  مولانا عبدالله ٿهيم

تدريس: 
فراغت کان پوءِ استاد نور محمد رحه سائين قاسمي رحه کي پنهنجي مدرسي ۾ استاد مقرر فرمايو. انهي وقت کان وٺي ڪري وفات تائين سجاول ۾ ئي تدريسي خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا. شيخ الحديث جو منصب به استاد نور محمد رحه جي خواهش مطابق سائين جن کي نصيب ٿيو.

شروعاتي مشهور شاگرد: 
سائين قاسمي جي شروعاتي شاگردن ۾ حضرت مولانا محمد صالح الحداد، مولانا محمد هاشم کٽي، مولانا مفتي نذير احمد عمراڻي، مولانا محمد عمر مگسي، مولانا خدا بخش خشڪ، مولانا محمد حسن ٿهيم، مولانا سيد محمد حسين شاهه سجاولي، مولانا محمد يعقوب لاسي، مولانا علي احمد مگسي، مولانا عباس ٿري، مولانا عيسيٰ سمون، مولانا صادق سومرو، مولانا عبدالستار چاوڙو، مولانا محمد رمضان ميمڻ، مولانا محمد اسماعيل ميمڻ ، مولانا عبدالرئوف پنهور، مولانا تاج محمد ناهيون، مولانا حبيب الرحمان سومرو، مولانا زبير احمد ميمڻ، مفتي نثار احمد لغاري، مولانا عبدالوهاب ڪرمتي وغيره.

استاد جي خدمت:
پنهنجي استاد جي خدمت جيڪا سائين قاسمي رحه ڪئي، ان جو مثال شايد ڪنهن استاد شاگرد جو ملي، خاص ڪري حج جي سفر دوران جيڪا خدمت ڪئي. ٻڌڻ ۾ آيو ته حج جي سفر دوران استاد نور محمد رحه کي سائين قاسمي حج جي پوري سفر ۾ پنهنجي ڪنڌ تي کڻي حج ڪرايو. بيت الله تي پهرين نظر پوڻ سان استاد نور محمد رحه سائين کي دعا ڪندي فرمايو ته اي الله پاڪ! منهنجي هن شاگرد منهنجي خوب خدمت ڪئي آهي، آئون تو کان سوال ڪريان ٿو ته هن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ايترو عطا فرماءِ جو منهنجون اکيون ٿڌيون ٿين.

حُليو:
خوبصورت قدآور، سفيد ريش بزرگ هئا، مٿي تي هميشه مديني وارو رومال پيرن ۾ چپل، ڪپڙا ويڪرا، هلڻ ۾ سادگي، منهن ۾ نورانيت، زبان ۾ فصاحت و بلاغت ۽ فراواني، طبيعت جي سبب سائين جي محفل ۾ شاگرد خوشي محسوس ڪندا هئا.

خطابت و گفتگو:
سائين قاسمي جي گفتگو ٻڌڻ وارن لاءِ مختلف هوندي هئي. اگر عالم ٻڌڻ وارا هوندا هئا ته گفتگو جو انداز علمي هوندو هو جنهن کي عام ماڻهو سمجهي نه سگهندو هو ۽ جيڪڏهن عوام الناس کي مخاطب هوندا هئا ته اهڙي سادي نموني ڳالهه مثالن جي ذريعي سمجهائيندا هئا جو عقل حيران ٿي ويندو هو. سائين جي تقرير بلڪل سادي نموني هوندي هئي. زياده کان زياده شهادت جي آڱر سان سمجهائيندا هئا يا ساڄي هٿ جي مُٺ کاٻي هٿ تي هڻندا هئا. سائين جي پوري تقرير ۾ انداز اهو هوندو هو.
اسٽيج تي اگر ڪو سائين کي وڏن لقبن سان سڏيندو هو ته سائين ناراض ٿيندا هئا. گهڻو ڪري اسٽيج سيڪريٽري جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي پاڻ تقرير ۾ شروع ٿي ويندا هئا.
تقرير جي دوران خوامخواه نعرن کي پسند نه ڪندا هئا. هر جلسي جي سائين قاسمي رحه زينت هئا، جنهن جلسي ۾ سائين نه هوندو هو، اهو جلسو ٻُسو لڳندو هو.
هڪ دفعي تقرير ڪندي پاڻ هڪ حديث تي اهڙو ته ڪلام ڪيو جو حضرت مولانا محمد يوسف لڌيانوي رحه کان رهيو نه ٿيو ۽ اٿي ڪري سائين جو مٿو چمي ڪري فرمايائون ته لڳي ٿو ته توهان جي خطاب جي پويان ڪنهن بزرگ جي دعا آهي.
سائين قاسمي رحه فرمايو بلڪل مون کي منهنجي بزرگ استاد نور محمد رح جي دعائن کي ميڙڻ جو اعزاز مليو.
سائين قاسمي رحه جو معمول هو جو هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ تقرير نه ڪئي. کڻي ائين چئجي جو سائين هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ سائين تقرير نه ڪندا هئا.
سائين جي تقرير هر عام و خاص ماڻهو امير و جاهل سڀ شوق سان ٻڌندا هئا. سچ اهو آهي ته سائين جي وڃڻ سان هر جلسي جي رونق هلي وئي.
بيعت:
سائين قاسمي رحه پنهنجي استاد نور محمد رحه جي مرشد حضرت پير خورشيد احمد رحه جي هٿ تي بيعت ڪئي پير صاحب جي وفات کان پوءِ مولانا اسعد مدني رحه وٽ بيعت ڪئي. مولانا اسعد مدني رحه کان پوءِ خواجه خان محمد رحه کي مرشد جي نظر سان ڏسندا هئا.

سياسي وابستگي:
سائين قاسمي رحه جمعيت علماءِ اسلام جا شيدائي هئا. جمعيت لاءِ هر قسم جي قرباني پيش ڪندا هئا. سائين کي قائد جميعت مولانا فضل الرحمان تي مڪمل اعتماد هو ۽ فرمائيندا هئا ته مسجدن ۽ مدرسن، علماءَ ۽ طلباءَ جي ڏاڙهي جي عزت انهي ڪري آهي جو قائد، جمعيت اسيمبلي ۾ آهي.
سائين قاسمي صاحب فرمائيندا هئا ته جيڪڏهن قائد جمعيت اسيمبلي ۾ نه هجي ها ته مسجدن ۽ مدرسن تي اهڙا امتحان اچن ها جن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
جڏهن مفتي محمود رحه جي وفات ٿي ته ماڻهن استاد نور محمد رحه کان پڇيو ته سائين هاڻ ڇا ٿيندو؟ ته فرمايو ته الله تعاليٰ اسان تي هڪ ٻيو احسان ڪيو آهي جو اسان کان پوڙهو مفتي وٺي ڪري جوان مفتي ڏنو آهي.
سائين قاسمي جمعيت علماءِ اسلام صوبه سنڌ جو سرپرست هو. جمعيت سان سائين جي حد درجي جي محبت هئي ۽ فرمائيندا هئا ته استاد اسان کي جمعيت جو پليٽ فارم ڏنو آهي، مرڻ تائين اسان جو ساٿ جمعيت سان رهندو ۽ ٻئي ڪنهن به جماعت جي طرف نظر نه ڪنداسين.
علماءَ کي پاڻ ۾ متحد رکڻ ۾ سائين جو وڏو ڪردار رهيو. سنڌ ۾ جمعيت کي ٽٽڻ کان بچائڻ ۾ منهنجي نظر ۾ سائين قاسمي جي قيادت هئي. جڏهن ڪوبه مسئلو ٿيندو هو ته سائين بروقت پهچي مسئلي کي حل فرمائيندا هئا.

رفاهي ڪم: 
غريب نادار علماءَ طلباءَ مسڪينن، يتيمن، بيواهن، بي سهارا ماڻهن جو بنا ڪنهن اشتهار، ڪيمپ جي پاڻ سائين ذاتي طور خدمت ڪندا هئا.
1999ع ۾ جاتي جي ٻوڏ يا 2003ع بدين جي ٻوڏ هجي، سائين 500 گهر تعمير ڪرايا ۽ ماڻهن جي دل و جان سان خدمت ڪئي. مانسهره جي زلزلي ۾ پاڻ سائين جن اتي ويا ۽ 50 لک روپيه بغير ڪنهن پبلسٽي جي متاثرين ۾ ورهايا ۽ ڪيترن ئي غريب عالمن کي حج ڪرايو.
مدارسن جي خدمت: سائين قاسمي رحه اندرون سنڌ خصوصآ لاڙ جي علائقي ۾ مدرسن جو ڄار وڇايو. هر مدرسي جي سرپرستي خود ڪئي هئي. تمام مدرسن کي تنظيم المدارس ۾ شامل ڪيو.
اصلاح المدارس جو بنياد 1987ع ۾ استاد نور محمد رح رکيو. اصلاح المدارس جو شروع کان وٺي وفات تائين سائين صدر رهيو. جڏهن ته ناظم اعليٰ سائين مولانا غلام محمد سومرو آهي. اصلاح المدارس ۾ شامل مدرسن جو تعداد هڪ سئو آهي. انهي کان علاوه سجاول شهر جي مين روڊ تي 2001ع ۾ مدرسه دارالفيوض القاسميه جو بنياد رکيائين. جيڪو منهنجي نظر ۾ اندرون سنڌ ۾ سڀ کان وڏو ادارو آهي. انهي کان علاوه 200 مدرسن ۽ مسجدن جي تعمير ۽ سرپرستي ڪندا رهيا.

ختم نبوت: 
عالمي مجلس تحفظ ختم نبوت سان حد کان وڌيڪ سائين جن محبت رکندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته پنهنجي لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب ختم نبوت کي سمجهان ٿو.
سائين قاسمي کي پنهنجي ڀاءُ حاجي عبدالعليم سان تمام گهڻي محبت هئي. سائين پنهنجي ڀاءُ جي بيماري ۾ جلسن ۾ نه ويندا هئا پر ختم نبوت جو پروگرام مس نه ڪندا هئا. مٺي ۾ ختم نبوت جلسي دوران سائين کي ڀاءُ جي وفات جي خبر پهتي. پر سائين تقرير ڪري پوءِ موٽيا. ختم نبوت جو ڪوبه پروگرام نه ڇڏيندا هئا، لنڊن تائين پروگرامن ۾ شامل رهيا.

وفاق المدارس: 
سائين قاسمي رحه وفاق المدارس جي عامله ۾ شامل هئا. جڏهن لال مسجد تي حملو ٿيو ته وفاق المدارس جي اڪابرين کي هي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته هي هڪ گهري سازش آهي مدرسن کي ختم ڪرڻ جي، تانته مدرسن وارا ڪاوڙ ۾ اچن ۽ حڪومت سان ٽڪر کائين ۽ انهن کي ختم ڪيو وڃي. جذبات جي انتها هئي، قريب هو ته حڪومت جي خلاف جنگي تحريڪ هلائي وڃي. وفاق المدارس جي قيات بروقت ملتان ۾ هڪ شوريٰ جو اجلاس گهرائي ورتو، جنهن ۾ صرف چار عالمن جا نالا تجويز ڪيا ويا:
1) قائد جمعيت حضرت مولانا فضل الرحمان صاحب
2) حضرت مولانا مفتي تقي عثماني صاحب
3) ناظم اعليٰ وفاق المدارس قاري محمد حنيف جالنڌري
4) شيخ الحديث مولانا عبدالغفور قاسمي رحه
هي واقعو اهو احساس ڏياري ٿو ته سائين جي ڇا حيثيت هئي.

امراض:
2008ع ۾ سائين قاسمي جو ايڪسيڊنٽ ٿيو. انهي کان پوءِ مختلف مرضن جو حملو سائين جن تي ٿيو. مثلا ٓ شوگر، فالج، دل جو اٽيڪ، ڪينسر وغيره انهن بيمارين جي ڪري سائين جو هڪ پير ڪٽيو ويو مگر بيماري وڌندي ويئي جيئن جيئن دوا ڪئي. آخرڪار 20 محرم الحرام 1435 هه 25 نومبر 2013ع بروز سومر صبح 10 بجي ميمڻ اسپتال ڪراچي ۾ هميشه جي لاءِ اسان کان سائين رخصت ٿي ويو.

انتباهه: 
اسان ماڻهن جي عادت رهي آهي ته هميشه هٿ مان شيءِ نڪري وڃڻ کان پوءِ افسوس ڪندا آهيون، جيڪو ڪجهه پويان بچيو آهي. انهي جي طرف توجهه نه ڪندا آهيون، هي يقيني ڳالهه آهي ته سائين قاسمي رحه واپس موٽي نه ايندو، سائين قاسمي رحه استاد نور محمد رحه جي چند جواهرن مان هڪ جواهر هئا جيڪي اسان کي الوداع ڪري ويا. اسان سڀني جي دعا آهي ته الله سائين، سائين قاسميءَ کي جنت الفردوس عطا فرمائي.
ياد رکو انهي جواهر جي وڃڻ کانپوءِ اسان کي ايترو غافل نه ٿيڻ کپي جو باقي بچيل جواهر نه وڃن. انهي جي نشاندهي ڪري ڇڏيان.
1) بقيت السلف، استاذ العلماءَ حضرت مولانا حبيب الله سمون صاحب.
2) جامع العلم والعمل شيخ الحديث حضرت مولانا محمد ابراهيم صاحب ٺٽه
3) سرمايه اسلاف استاد العلماءَ حضرت مولانا محمد اسماعيل پنهور (ٽنڊو غلام علي)
4) خلف الرشيد جانشين قاسمي استاذ العلماءَ حضرت مولانا محمد صالح الحداد (سجاول)
5) رفيق قاسمي مجاهد اسلام حضرت مولانا غلام محمد سومرو صاحب

وما توفيقي الا بالله العلي العظيم

فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت