دل جي بيمارين جا سبب ۽ احتياطي تدبيرون

دل جي بيمارين جا سبب ۽ احتياطي تدبيرون
حڪيم نور محمد عبدالڪريم کتري سجاولي

مڪمل انساني جسم ھڪ مشين وانگر آھي ۽ انھيءَ جسم جي باقاعدگي کي روان دوان رکڻ لاءِ دل آھي جيڪا رڳن ذريعي سيراب ٿيندي رت سان ريڱي پاڻ کي جيئرو رکندي آھي، جيڪڏھن ڪاروندي رڳون سوڙھيون ٿي پون ته دل کي ضرورت پٽاندڙ مناسب مقدار ۾ رت نه ملي سگھندو ۽ دل رت جي کوٽ کي ايئن محسوس ڪندي جيئن ڇاتي ڪنھن ڀاڪر ۾ قابو ٿي رھي آھي.
انساني دل ھر بيماري کان متاثر ٿي سگھندي آھي پر سندس پنھنجون به خاص بيماريون آھن، جيڪي پھرين دل کان شروع ٿينديون آھن يا سڌو سنئون انھن جو دل سان تعلق ھوندو آھي، انھن مان ھر مرض جون علامتون، علاج ۽ اڳيان ھلي انھن جو نتيجو ڇا ٿيندو، نتيجو مختلف ھوندو آھي ھن بيماري جا مختلف درجا آھن
اڪليلي علقيت يا شديد شريان قلب (ڪاروندي ٿرومبونس) ۽ وجع القلب (انجائنا پيڪٽورس) ھن جي مختلف درجن جا نالا آھن. ھن مرض ۾ دل تائين رت پھچائڻ واريون رڳون اندران سوڙھيون ۽ کوھريون ٿي وينديون آھن، جنھن ڪري مناسب مقدار ۾ رت دل تائين نه ٿو پھچي جنھن ڪري ڇاتي جي ھڏي جي وچين خط جي بلڪل پويان سور ٿيندو آھي جنھن جا سٽڪا کاٻي ڪُلھي تائين ويندا آھن ۽ اتان ڪنڌ، ڄاڙين ۽ کوپڙي تائين پھچندا آھن ۽ کاٻي ٻانھن جي شريان زندي تائين به ويندا آھن.
اسان جي مشاھدي ۾ اھڙا به مريض آيا آھن جن کي فقط ڄاڙي، پٺي جي ڪنڊي، چيلھ يا ڪرائي ۾ سُور محسوس ٿيندو ھو، ڪڏھن اھو سُور ساڄي پاسي تائين به پھچي ويندو آھي. ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي ته سور خطھ ھنجري (ڳلي واري جاءِ) ۾ ٿيندو آھي يا معدي جو مٿيون حصو متاثر ٿيندو آھي، ڇاتي ۾ گُھٽ جو احساس ٿيندو آھي ۽ اھا صورتحال سور سان گڏ يا سور کان ڪجھ دير کان پوءِ پيدا ٿيندي آھي، جيڪا پاسراٽين جي وچين مشڪن جي سسڻ ڪري پيدا ٿئي ٿي، سخت حالت انھيءَ مھل پيدا ٿيندي جڏھن دل کي رت پھچائيندڙ رڳ ۾ رت ڄمي ويندو آھي، تنھن مھل اھڙي مريض لاءِ چيو ويندو آھي ته انھيءَ دل جو حملو (ڪارونري ٿرومبوسس  / ھارٽ اٽيڪ) ٿي ويو آھي، اھا حالت ڪافي تشويشناڪ ھوندي آھي.
درحقيقت دل جي حملي جو بنياد ننڍپڻ ۾ ئي پوڻ شروع ٿي ويندو آھي پر ھن جي خبر نه پئجي سگھندي آھي، انھيءَ جي اوسر ٿيندي رھندي آھي ۽ موقعي مھل اھڙو سخت وار ڪندو آھي، جيڪو گسندو نه آھي.
·      ھن بيماري جو سڄو دارومدار انساني رڳن تي ھوندو آھي.
·      رت ۾ ڪوليسٽرول چرٻيءَ جو وڌي وڃڻ.
·      رت جو دٻاءُ.
·      سڻڀيون غذائون.
·      مرض ذيابيطس.
·      تماڪ نوشي.
·      فڪر ۽ حالتن جي تنگي.
انھن سڀني جو اثر رڳن تي ٿئي ٿو ۽ اھي انھن کي پوڙھو ڪريو ڇڏين ڇاڪاڻ ته انھن تي چرٻي چڙھڻ شروع ٿيو وڃي جيڪا چرٻي ڄمي ٿي، انھيءَ ۾ وري ڪوليسٽرول به ھوندو آھي ۽ انھيءَ چرٻي ۾ چرٻيءَ جا تيزاب به شامل ھوندا آھن. ھي مرڪب رت ۽ ڪوليسٽرول جي ٻين جزن سان ملي ھڪ نئون مادو تيار ڪندا آھن جيڪو رڳن جي استر مان لنگھي ٻاھر ايندو آھي ۽ پوءِ اھڙي طرح واپس ويندو آھي انھي اچ وڃ جي ڪري اھو مادو رڳن جي استر تي گڏ ٿي ويندو آھي اھڙي طرح ھن مرض جي شروعات ٿي ويندي آھي جيڪا آخر نرم، سنھين ۽ لچڪيدار رڳن کي سخت، کوھرو، ناھموار ۽ تنگ ڪري ڇڏيندو آھي جنھن ڪري رت جي گردش گھٽ ٿي ويندي آھي ۽ ڪڏھن ته رت بلڪل بيھي ويندو آھي.
رت جي دٻاء جو به دل جي حملي سان سنئون سڌو واسطو آھي جن ماڻھن ۾ رت جو دٻاء (بلڊ پريشر) گھڻي عرصي تائين وڌيل رھي ٿو ته انھن ماڻھن ۾ دل جي حملي جو امڪان به وڌيڪ ٿي ويندو آھي.
جيڪي شيون رت ۾ ڪوليسٽرول کي وڌائين ٿيون انھن ۾ اصلي گيھ، بناسپتي، مکڻ، ملائي، ملائي وارو کير، بيضي جي ھيڊاڻ، مغز، ڪوليسٽرول کي وڌائڻ ۾ سر فھرست آھي.
مڪائي ۽ سرنھن جي تيل ۾ ھي اثر نه ٿو ٿئي، تنھن کانسواءِ صاف سفيد کنڊ به رڳن ۾ سختي پيدا ڪري دل جي بيماري جو سبب بنجي ٿي، تماڪ جو واپرائڻ به دل جي حملي کي وڌائي ٿو. زندگيءَ جي جدوجھد ۾ ڀڄ ڊوڙ، چڙچڙاھٽ لڳاتار مشڪل ۽ سخت حالتن ۾ رھڻ سوچن سان رت جو دٻاء ۽ ڪوليسٽرول وڌي وڃي ٿو ۽ دل جي حملي جو سبب بنجي ٿو، جيڪي ماڻھو ذيابيطس جي بيماري ۾ ورتل آھن انھن جون رڳون کھوريون ۽ سخت ٿي ھن مرض جو سبب بنيون آھن. اھڙي طرح نقرس يعني جوڙن جي سور ۾ مبتلا مريض به ھن مرض جو شڪار ٿيندا آھن.
ھن بيماري کان بچڻ لاءِ تمام ضروري آھي ته جسم اندر ڪوليسٽرول کي گھٽايو وڃي، اھو تڏھن ممڪن ٿي سگھي ٿو جڏھن اسان پنھنجو پاڻ تي ضابطو رکون. تن آساني کان پرھيز ڪندي باقاعدي چھلقدمي ۽ ورزش ڪريون. لفٽ جي بجائي سيڙھيون استعمال ڪريون. ٿوري فاصلي کي پيدل طئي ڪريون، تماڪ نوشي کي پنھنجي زندگي مان بلڪل ڪڍي ڇڏيون ۽ پنھنجي خوراڪ ۾ بنيادي تبديليون آڻيندي ھر قسم جي مٺاڻ کائڻ کان پرھيز ڪريون. ڪوليسٽرول کي پنھنجي جسم مان گھٽائڻ خاطر اسان کي مکڻ، گيھ، بناسپتي، ملائي، ملائي وارو کير، چانور، بيضي جي ھيڊاڻ وغيرھ جو استعمال گھٽ ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي سايون ڀاڄيون، مڇي ۽ مرغي جو گوشت (جيڪي چرٻيلا نه ھجن)، استعمال ڪرڻ گھرجي. انھن سڀني مشورن تي عمل ڪرڻ سان اسان صحتند زندگي گذاري سگھون ٿا.
دل جي حملي ٿيڻ کان پوءِ مريضن کي پنھنجي معالج جي ھدايتن پٽاندڙ عمل ڪرڻ گھرجي. مناسب علاج ۽ مڪمل آرام بعد ھن کي معالج جي مشوري سان رفتي رفتي مشقت جي عادت وجھڻ گھرجي.

ائڊريس: حڪيم نور محمد کتري، نفيس دواخانو، سجاول، ٺٽو


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت