شاهه جي عظمت جا اسباب

شاهه جي عظمت جا اسباب
ماهنامي ”نئين زندگي“ تان ورتل
(آگسٽ 1959ع)

هيءَ ڳالهه ته عام مڃيل آهي ته شاهه لطيف دنيا جي وڏن شاعرن مان هڪڙو آهي. سنڌ جي شاعرن ۾ ته سندس درجو سڀني کان مٿانهون آهي، خصوصاً بيت گوئي جي باب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. کائنس اڳ توڙي پوءِ ڪيترائي نام ڪٺيا شاعر ٿي گذريا آهن، جن انهيءَ فن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. پر انهن جو ڪلام گويا بيجان ٻوٽو آهي، جنهن مان ڪنهن به قسم جو روحاني رس ڪونه ٿو اچي، اِلا ماشاء الله. خدائي ڏنل ڏات سان ڪنهن جي ريس ڪانهي. ڪوبه نئيءَ مان لٺ ڀڃي شاعر ٿي نٿو سگهي.
ٻه ٽي سال ٿيا جو مون کي سنڌ جي سڄڻ ۽ شاهه جي شائق ڊاڪٽر سجارلي پنهنجو دنيا جي ڇهن قديم ۽ جديد ٻولين (جهڙوڪ، يوناني، لاطيني، فرانسوي، عربي، سنڌي ۽ اردو) مان 13 چيده شاعرن جي غنائي شعر جو انتخاب، پنهنجي انگريزيءَ ۾ شاعراڻي ترجمي ساڻ هديه طور موڪليو هو. افسوس جو انگريزي، الماني، اسپاني، لاطيني وغيره موجوده زبانن مان ڪي به ٽڪرا نموني طور ڪونه ڏنا اٿس. سنديس راءِ موجب غنائي وجداني شعر جي ميدان ۾ شاهه سڀني کان سرسو آهي، ۽ انهن تيرهن شاعرن مان ڪوبه ساڻس برميچي نٿو سگهي. خود پاڪستان جي مشهور شاعر اقبال تي به شاهه کي ترجيح ڏني اٿس، ڇاڪاڻ ته اقبال سواءِ ڪن جزوير نظمن جي پنهني ساري ڪلام ۾ فارسي شاعريءَ جي تقليد ڪئي آهي، جو فقط موجوده وقت جو اردودان طبقو به اڻ پوري طرح سمجهي سگهندو. ان جي برعڪس شاهه جو ڪلام سراسر فطري، سادو، سلوڻو ۽ شيرين آهي، جنهن کي عام خاص ماڻهو پوريءَ طرح پروڙي ۽ ڳائي وڄائي ان مان پرور حظ وٺي سگهن ٿا ۽ ڪنهن به خاص طبقي تائين محدود ناهي.
سارلي صاحب شايد وطن پرستيءَ جي موه کي لڪائڻ خاطر انگريزي غنائي شعر ڏي اشاري ڪرڻ کان احترام ڪيو آهي، نه ته هوند چئي ڏئي ها ته شاهه جو غنائي شعر نه فقط مذڪور شاعرن جي شعر کان اعليٰ ۽ اتم آهي، پر خود شيڪسپيئر، شلي، ورڊيس ورٿ، ڪيٽس وغيره کانئس گهڻو هيٺ آهي. سوال آهي ته آيا شاهه جو شعر مٿين انگريزي شاعرن جي شعر کان افضل ۽ احسن آهي، يا اها دعويٰ ڪرڻ تي مورڳو حقيقت جي ابتڙ ۽ مبالغي آميز آهي؟ منهنجي ناقص خيال موجب ته تنوع ۽ تفنن جي لحاظ کان اِهي انگريزي شاعر کڻي شاهه کان ڪي رتيون ڪثر هجن، پر روحاني نقطهءِ نظر کان شاهه جو ڪلام گهڻو بلند ۽ بالا آهي. ازانسواءِ شاهه جو وطني شعر، جو هن مارئي جي وجود ۾ مجسم ڪيو آهي، تنهن جو مثال ساري دنيا جي شاعرن ۾ ڪو مشڪل ملندو. اهو ئي هڪڙو گڻ آهي، جنهن کين ٻين شاعرن تي فوقيت بخشي آهي.
ڪنهن به شاعر جي بزرگي يا ڪوچڪي ان جي ماحول تي منحصر آهي. ملڪ جي مادي ۽ روحاني فضا، آب و هوا وغيره سنديس ذهنيت ۽ ڪيفيت تي اثر وجهن ٿا، تنهن ڪري ائين ڪيئن چئي سگهبو ته فلاڻو شاعر فلاڻي شاعر کان ڀلو ۽ بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته بزرگي يا وڏائي هڪ اضافي يا اعتباري امر آهي. مثلاً هيئن چوڻ ته ابسن، شيڪسپيئر کان اڳرو آهي؛ يا شاهه روميءَ کان، بالڪل حيف ۽ ظلم آهي. سڀڪو پنهنجي پر ۾  ماحول جي موافق وڏو يا ننڍو آهي، ۽ مقابلو ۽ مشابهت هر حالت ۾ مڪروه ۽ نامنظور آهي. هان! ڪي ٿورڙا شاعر برابر پنهنجي ماحول ۽ بسيط کان ٻاهر ٽپي، اهڙيون همه گير ۽ سرو ڀومي حقيقتون سهڻي ۽ سندر پيرايه ۾ اظهار ڪن ٿا، جي هر زمان ۽ هر مڪان سان  عام لاڳو آهن. اهڙائي شاعر سدا جئرا ۽ جڳ جا رهبر آهن، جن ۾ ذات پات جو ڪو سنڌو سيڙهو ناهي، ۽ جي سڀ ڪنهن کي يڪسان پنهنجو فيض پهچائين ٿا:
ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.
اهڙا شاعر آهن ۽ رومي، جن جي عظمت کان سارو عالم آسهتي آهستي واقف ٿيندو وڃي.
سنڌ جي صحرا ۾ جو هي سرسبز گل پيدا ٿيو، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سڀ ولايت واسي ڇڏي آهي، تنهن جي بزرگيءَ جا اسباب ڪهڙا هئا يا آهن؟ ڇا هن جي واقعي نگاري؟ ڇا هن جي اسلوب بياني؟ ڇا هن جي اخلاق پر دازي؟ ڇا هن جي منظر مصوري؟ ڇا هن جي لساني نزاڪت ۽ خوبي؟ ڇا هن جي انساني عظمت ۽ انڪساري؟ ڇا هن جي روحاني لطافت ۽ خود انڪاي؟ اهي سڀ وصفون منجهس ڪوت ڪوٽ ڀريل هيون. بلڪه هو ڪِن اهڙين غير مفهوم صفتن سان به سينگاريل هو، جن جي بيان کان زبان ۽ قلم قاصر آهن. اسين فقط ڪن جزوي لساني خوبين تي اجمالي نظر وجهون ٿا، جي سنديس شاعراڻيءَ بزرگيءَ تي دلالت ڪن ٿيون.
عام طرح شاهه جي ڪلام کي هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) غنائي (2) بياني (3) قصصي ۽ (4) روحاني. روحاني يا صوفيائي رمزون ته سڄي ڪلام جي رڳ ۽ ريشه ۾ سمايل آهن. هر هڪ بيت ۾ ڪو نه ڪو اونهو اسرار رکيل آهي، جنهن کي ڪي رند پروڙي سگهندا. تصوّف شاهه جي ڪلام ۾ ائين آهي، جيئن ”سرندڙي ۾ وچون سڳو“. هِتان هُتان تصّوف جو درياهه پلٽيو پاريون پيو ڪري. غناء يا راڳ يا نغمو سندس ساري ڪلام جي جند ۽ جان آهي. هر ڪنهن قسم جو سُر خوب آلاپي سگهجي ٿو. دهلن، ڌمرن ۽ شرناين جي ضرورت ناهي ۽ اهڙو ته من موهيندڙ، مٺو ۽ رقت انگيز آهي، جو دل ڏاريو ڇڏي ۽ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي اکين مان بي اختيار رحمت جا لڙڪ لڙيو پون. ڪهڙي به ڪٺور سنڌيءَ اڳيان شاهه جو بيت چئبو ته سندس جگر پاني ٿي پوندو. اهڙو اثر ۽ جذبو دنيا جي ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ ورلي لڀندو.
سنديس بياني طرز به عجيب ۽ نياري آهي ۽ ڪوبه سنڌي شاعر انهيءَ ڏس ۾ ساڻس همسري ڪري نه سگهندو. قصصي يا تمثيلي شعر رسالي ۾ تمام ٿورو آهي. سنڌ جا پنج مشهور قصا (1) سحني ۽ ميهار (2) سسئي ۽ پنهون (3) مومل ۽ راڻو (4) ليلان ۽ چنسير ۽ (5) مارئي ۽ عمر حقيقت ۾ هڪ ڪاٺڳڙه وانگر آهن، جنهن تي شاهه پنهنجي روحاني ڪلام جي ماڙي اڏي آهي. ڪهاڻيءَ سان سندس سروڪار ڪونهي ۽ هڪ مرڪزي خيال هٿ ڪري ويٺو منجهانئس روحاني راز پلٽي. سهڻيءَ جي ساهڙ لاءِ بي پناهه سڪ، سسئي جي غفلت ۽ ننڊ، مومل جو سومل کي مڙساڻو لباس پهرائي پاڻ سان سمهاري راڻو رسائڻ، ليلان جو هار تي هر کي چنيسر کي هٿان وڃائڻ ۽ مارئيءَ جي وطن لاءِ اجهل اُڪيرَ، اهي سڀ هن کي ڪٿان جو ڪٿان وٺي وڃي روحاني عالم ۾ ٿا ڪڍن، ۽ پڙهندڙ به ساڻس پيو ملڪوت جو سير ڪري.
عام طرح جو سمجهيو ويندو آهي ته اهي قصا تمثلي يا ناٽڪي آهن ۽ انهيءَ شعر جي صنف ۾ شاهه پڻ سيڪسپيئر ٿيو پوي، سو منهنجي نظر ۾ سراسر صحيح ناهي. البت شاهه هڪ مرزي نقطي تي هاوي ٿي، جنهن تي سڄيءَ ڳالهه جو مدار آهي، ان کي اهڙي تمثيلي نموني ۾ پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جو خيال جزوي تفصيلات کي ڇڏيو وڃيو انهيءَ نقطي تي کُپي، جا انهيءَ فن جي اعليٰ اٽڪل آهي، ۽ جا فقط شاهه ۽ شيڪسپيئر جهڙن قليل ڪَويسرن کي ئي حاصل ٿي آهي. اهڙي طرح شاهه رزمي شعر به ڪو ڇڊو چيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيڏاري جي سر جي ڏانهنس نسبت نهايت شڪ گاڏئين آهي.
شاهه کان اڳ ڪيترن ئي بزرگن پنهنجا خيال شعر جي رستي ادا ڪيا آهن. قاضي قاضن، مخدوم ابو الحسن، مخدوم ضياء الدين، سيد عبدالڪريم بلڙائي، لطيف الله قادري ۽ مبين عيسيٰ جا نالا ڪنهن کان ڳجها هوندا؟ انهن سڀني صاحبن سنڌي شعر جي چمن جي آبياري ڪئي آهي ۽ سنڌي زبان جي کهرن ۽ کڙٻڙي لفظن کي گهڙي صاف ڪري سرود وارو بنايو آهي. اها سندر ۽ ٻاجهاري ٻولي شاهه جي ورثي ۾ آئي، جنهن پنهنجي قلب جي ڪوٺاري ۾ کيس پگهاري اهڙو ته ملائم ۽ جلادار بنايو، جو هن ۾ اهي استعداد ۽ ممڪنات پيدا ٿي پيا، جو هوءَ هر خيال يک هر رنگ ۽ روپ ۾ ظاهر ڪري سگهي ٿي. سنسڪرت، عربيءَ ۽ فارسي جي آميزش ڪري منجهس ايتري قدر ته وسعت ۽ مروت آهي، جو اسين دقيق ۾ دقيق خيالن جو ان ۾ تعبير ڪري سگهون ٿا. شاهه انهيءَ سهڻي سماجوڳ مان جڙيل لفظن جي مجموعي کي پنهنجي لاثاني عبارت ۾ هميشگيءَ جي بود ۽ هستي پيدا ڪئي آهي، ۽ مهنجو عقيدو آهي ته جيسين شاهه جو ڪلام جيئرو آهي تيسين سنڌي زبان کي وسوئي ڪونهي. ڪاش، سنڌ جي  پٽن ۾ اها غيرت ۽ جذبو جاڳي، جو هو پنهنجي مادري زبان جي ساهه سان سنڀال ڪن ۽ کين مدخواهن جي نرغي کان بچائين!
شاهه جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي، جو هن پنهنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ جي وسيلي، سنڌ جي خاص توڙي عام ماڻهن جي خيالن ۽ افڪارن جي خاصي ترجماني ڪئي آهي. سندس زبان ۾ اها سلامت ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي، اها رنگيني ۽ رعنائي، اها جاذبيت ۽ ارڏائي، اها فصاحت ۽ بلاغت، اها لطافت ۽ نزاڪت، اها اونهائي ۽ پهنائي رکيل آهي، جو پڙهيل سواءِ دقت جي کين پڙهي ۽ پرجهي سگهن ٿا. جهانگي جهنگن ۾ جهڄندي، ڌڻار ڌڻ چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون اَن پيهندي ۽ هنڌ سوريندي، پورهيت پورهيو ڪندي؛ غريب ۽ شاهوڪار، اعليٰ ۽ ادنيٰ، هندو ۽ مسلمان سندس بيت جهونگارين ٿا. دل وهمن سان ويڙهيل هجي، هم ۽ غم هنئين کي وڪوڙي ويا هجن، مصيبت جا مينهن وسندا هجن، ڏک ۽ بک ڪري ڏيل ڏهيون ٿيندو هجي، جدائي ۽ فراق ڪر جهڄندڙ ۽ جدا ٿيندڙ هجي، شاهه جو هڪ ٻه بيت ڳائبا ته دم بل ۾ سڀ اولا لهي ويندا. سيني کي اها راحت رسندي ۽ دل کي اهو آٿت ۽ آرام ايندو، جو هزار حڪمتن سان به حاصل نه ٿئي.
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين.
سڳر سونهائين، پريان سندي پار جو.


Back to Index 


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت