ڏندن جون بيماريون ڇو ۽ ڪيئن پيدا ٿينديون آھن؟

ڏندن جون بيماريون ڇو ۽ ڪيئن پيدا ٿينديون آھن؟
ڏندن جي خراب ٿيڻ جو مطلب مھارن جو لڏڻ ۽ انھن تي ڪٽ چڙھڻ آھي. ڏندن تي ڪٽ چڙھڻ جا ٻه سبب ھوندا آھن ھڪ ته  گھڻو مٺو کائڻ ۽ ٻيوڏندن  کي صحيح برش نه ڪرڻ جنھن جي نتيجي ۾ کاڌي جا ڪجھ ذرڙا ڏندن جي وٿين ۾ رھجي ويندا آھن. مٺين شين جي گھڻي کائڻ سبب اتي رھيل ذرڙن مٿان جيوڙا جمع ٿين ٿا ۽ نتيجي ۾ اھي ڪجھ تيزابيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڏندن کي کائڻ شروع ڪري ٿي ڪجھ وقت کانپوءِ ڏند ڪمزور ٿي پون ٿا. جيڪڏھن ان تي ڌيان نه  ڏنو ويندو ته زخم ڏند جي پاڙن ٿائين پھچي ان کي ڪمزور ڪن  ٿا. جنھن بعد ڏندن ۾ سور ٿيڻ شروع ٿئي ٿو  ۽ آخر ڪار ڏند بلڪل خراب ٿيو وڃن ڏندن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪنھن فلورائيڊ واري ٽوٿ پيسٽ سان باقاعدھ برش ڪجي مٺي شيءَ کائڻ بعد برش ڪرڻ نه وسارجي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت