ڪلاس ايوز (Aves) پکي

ڪلاس ايوز (Aves) پکي
پکي ڪلاس ايوز (Aves) سان واسطو رکن ٿا پکي اھڙا ڪرنگھي وارا جانور آھن جن جو جسم کنڀن (Feathers) سان ڍڪيل ٿئي ٿو ھنن جا اڳيان پير يا ٻانھون پرن (Wings) ۾ تبديل ٿيل ھوندا آھن. ھن کي ڏند ڪونه ٿين ۽ وات ڊگھي چھنب (Beak) وارو ٿئي. پکي ٻن قسمن جا آھن ھڪڙا اڏامي سگھن ٿا ۽ ٻيا اڏامي ڪونه سگھن . ڪي پکي پاڻيءَ ۾ ترندا آھن جن جي پيرن جون آڱريون پڙدي سان ڳنڍيل آھن پکي گرم رت وارا جانور آھن. ھنن جو آنو وڏو ۽ سخت ڇلڪي وارو ٿئي جنھن  ۾ زردي ٿيندي آھي جيڪا کاڌي جو ذخيرو آھي. پکي خشڪيءَ تي آنا لاھين ٿا.
پکين جا عام مثال:
طوطو، جھرڪي، ڪيوي، ڪبوتر، اٺ پکي وغيرھ آھن.

ڪلاس ايوز (Aves) جون خاصيتون
(1)           ھي گرم رت وارا جانور آھن.
(2)           ھنن جي جسم تي کنڀ ٿين ٿا.
(3)           ھنن جون ھڏيون کوکليون  آھن.
(4)           ھنن جو ٻانھون پرن (Wings) ۾ تبديل آھن.
(5)           ھنن جو وات چنھب (Beak) وارو ٿئي ٿو.
(6)           ھنن جو آنو زرديءَ وارو ۽ سخت ڇلڪي ۾ بند ٿئي ٿو.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت