نئين دور جا نوان سبق (سبق پهريون) - ادل سومرو





سبق پهريون
الف ـــ اک

ڏاهن جو قول آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي. اُهي انسان بنهه بدنصيب آهن، جن کي ٽين اک ناهي. هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته هن کي ٽين اک به هجي پر پاپي پيٽ ۽ قسمت جا رولا گهڻن انسانن کي ٽين اک کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن.
جن کي ٽي اکيون هونديون آهن، انهن جي ذهنن جا روشندان کُلي ويندا آهن ۽ اُهي ذهني طور عرش تي اُڏامڻ لڳندا آهن. پنهنجي علم جو فائدو حاصل ڪندي، ڪي ٽن اکين وارا اٽڪلي بڻجي پوندا آهن ۽ ٻن اکين وارن ماڻهن جي اکين ڪڍڻ جي فڪر ۾ مبتلا هوندا آهن. جن کي اکيون نه هونديون آهن اُنهن کي انڌو چيو ويندو آهي، پر ڪي ڪي اکين هوندي به انڌا هوندا آهن. ڪي اکيون آس ۽ اوسيئڙي جون عادي هونديون آهن، ان ڪري اُنهن اکين کان ننڊ رُٺل هوندي آهي.
ڪي اکيون خواب ڏسنديون آهن ته ڪن جي نصيب ۾ فقط روئڻ هوندو آهي. اها پنهنجي پنهنجي نصيب جي ڳالهه آهي. ڪن جي وري نصيب کي به اکيون ناهن هونديون. جيڪڏهن ڪنهن جي نصيب کي اکيون آهن ۽ کيس فقط هڪ اک آهي ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي، سندس در تي ڪيترائي ٽن اکين وارا سلامي پيا ڀريندا رهندا.
اکين جون ڪيتريون ئي عادتون آهن. اکيون ڪڏهن ڪڏهن اُٿي به پونديون آهن، پوءِ اُنهن کي ويهارڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آهي. جن ٻارن کي ٽين اک حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو آهي، اُهي ڪتابن سان سنگت رکندا آهن پر ڪي ٻار والدين جي اک ڏيکارڻ تي زوريءَ ٽين اک حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ٻار کي حد جي اندر اک ڏيکارڻ گهرجي. والدين جي تمام گهڻي اک ڏيکارڻ ڪري ڪي ٻار نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿي ٽين اک حاصل ڪري نه سگهندا آهن.
ڪن اکين ۾ شرم حياءُ هوندو آهي ته ڪي وري شرم حياءُ کان خالي ــ جن اکين ۾ شرم حياءُ نه هوندو آهي اُهي کُليل هوندي به ٻوٽيل هونديون آهن ان ڪري اهڙين اکين واري کي اکين ٻُوٽ چئبو آهي. (هڪڙي وري اکَ ٻوٽ راند به ٿيندي آهي) جنهن جون اکيون کليل هوندي به ٻوٽيل هونديون آهن، اُن ۾ ڪنهن کي به چڱائيءَ جي اُميد نه رکڻ گهرجي پر اهڙي اکين ٻُوٽ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

هڪڙين اکين جو ذڪر شاهه لطيف به ڪيو آهي. اُهي اکيون جيڪي پنهنجي حقيقي پرينءَ کان سواءِ ٻئي طرف نهارين، اُهي ڪڍي ڪانگن کي ڏجن، پوءِ اُها ڪانگن جي مرضي ته اُهي اُنهن کي کائين ٿا يا فقط ٺونگو هڻي پري ڪن ٿا. ڪن اکين ۾ آرسيون به لڳل هونديون آهن. جن اکين جي نظر ڌنڌلي ٿي ويندي آهي، اُنهن کي عينڪ جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. ڪن ماڻهن جون اکيون ننڍيون ۽ فليٽن وانگر سوڙهيون هونديون آهن، ان ڪري اُنهن ۾ ٻين لاءِ جاءِ گهٽ هوندي آهي ۽ اُهي بي مروت اکيون سڏبيون آهن. شاعرن جون اکيون ڳوٺ جي گهرن وانگر ڪشاديون هونديون آهن.
جيئن شاهه لطيف فرمايو آهي ته:
اکين ۾ ٿي ويههُ ته آءٌ واري ڇپر ڍڪيان.

اک جي ڦرڪڻ ۽ ڦرڪڻ ۾ فرق آهي. وڏن جي چواڻي جڏهن ڪو عزيز اچڻ وارو هوندو آهي ته اک ڦڙڪندي آهي، وري جڏهن اک ڦرڪڻ لڳندي آهي ته ڪنهن نقصان ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. اکيون جسم جو اهم حصو آهن، اُنهن کانسواءِ جسم کي گهڻو محتاج ٿيڻو پيو ٿو. شيخ اياز اکين کي جسم جا ڏيئا سڏيو آهي:

اکيون ڏيل ڏيئا، ٻرنديون رهنديون ٻاٽ ۾.


شال اوهان جي اکين ۾ هر دم حيا جو رنگ ۽ پنهنجن جي سڃاڻپ رهي ۽ اُنهن ۾ ڪڏهن ڪکُ نه پوي.


مشق

سوال نمبر 1:       ڇا شاعرن جي اکين ۾ صوفا سيٽ رکيل هوندا آهن؟
سوال نمبر 2:       ٽِين اک حاصل ڪرڻ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟
سوال نمبر 3:       اکيون جسم جا ڏيئا آهن، اُنهن ۾ ڪهڙو تيل استعمال ٿيندو آهي؟

نوان لفظ

ڪک
:
جنهن جي هيٺان لک هجي
عينڪ
:
عين + نڪ
عين
:
اک
نڪُ
:
جيڪو ڪپيل نه هجي
عينڪ
:
نڪ جي ناني يا اک جي امڙ
فليٽ
:
جنهن مان آسمان نظر نه اچي






فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون



Sindh Digital Readers





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت