جسم جي زڪوات روزو آهي



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
جسم جي زڪوات روزو آهي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
لِکُلَّ شَیءٍ زَکواۃٌ وَزَکَاۃُ الۡجَسَدِ اَلَصَّوۡمُ۔ (سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب فی الصوم زکواۃ الجسم ص 126۔ معجم کبیر للطبرانی حدیث 2386)

هن حديث شريف ۾ روزي کي جسم جي زڪوات چيو ويو آهي. 


زڪوات جو مفهوم آهي ”وڌڻ ۽ طهارت“ ۽ هر شئي جي لاءِ پاڪيزگي ۽ طهارت جو هڪ ذريعو مقرر آهي جنهن جي ڪري اها شئي پاڪيزه ۽ طاهر ٿيندي آهي.

لهذا بدن ۽ جسم جي زڪوات يعني بدن جي جسماني صحت ۽ تندرستي ۽ بدن جي روحاني پاڪيزگي و طهارت جو ذريعو روزو آهي. روزي جي ڪري اگرچه بظاهر جسم جي طاقت ۽ قوت جو ڪجهه حصو ڪمزور و ناقص ٿي ويندو آهي مگر حقيقت ۾ روزو جسم جي نشوونما ۽ صحت و تندرستيءَ ۾ برڪت ۽ اضافي جو هڪ ذريعو بڻجندو آهي ۽ روزي جي ڪري جسم گناهن کان پاڪ ٿي ويندو آهي لهذا زڪوات مالي عبادت آهي ۽ روزو بدني ۽ جسماني ۽ روحاني عبادت آهي.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت