Posts

Showing posts with the label Lal Shahbaz Qalandar

ڪلامِ قلندر ۽ قلندري مشرب تي تحقيق - تاج جويو

Image
ڪلامِ قلندر ۽ قلندري مشرب تي تحقيق نهالِ حيدري و بلند پرواز،    سُخن سرور قلندر لعل شهباز، ] حيدر رضه جو اولاد ۽ مٿاهين پرواز وارو، سخن جو سردار قلندر شهباز آهي .[ تاج جويو قلندر شهباز، سنڌ جو برگزيدو بزرگ ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. پاڻ وقت جو وڏو عالم ۽ فارسي زبان جو مقتدر شاعر هو. سندس فارسي ڪلام تي ڪابه تحقيق نه ٿي آهي، ۽ جيڪو ڪلام مختلف ذريعن سان هٿ ڪري، مختلف اديبن ۽ محققن شايع ڪيو آهي. اُن مان وڏي حصي کي، فارسيءَ جي مختلف شاعرن سان منسوب پئي ڪيو ويو آهي. اُن ڪري ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته قلندر شهباز جي ڪلام تي جديد سائنسي اناز ۾ تحقيق ڪجي، ۽ قديم تذڪرن ۽ ماخذن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ’قلندر جو ڪلام‘ ڇنڊي ڦوڪي، نج نبار صورت ۾ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪجي .

حضرت قلندر لعل شهباز ــ بلند پاي جو شاعر - آزاد انور ڪانڌڙو

Image
حضرت قلندر لعل شهباز ــ بلند پاي جو شاعر آزاد انور ڪانڌڙو سنڌ بزرگن، اوليائن، عالمن، صوفين ۽ شاعرن جو ديس رهي آهي. اوليائن، بزرگن جون درگاهون ۽ انهن جا آماجگاه پيار، محبت، امن، اتحاد، ڀائپي جي درس جو مرڪز رهيا آهن. سنڌ جي اوليائن، بزرگن، عالمن، شاعرن انسانيت، ڌرتيءَ سان محبت، امن ۽ اتحاد جو عالمگير پيغام ڏنو آهي. اهو پيغام ۽ فڪر پوري دنيا لاءِ ڪشش جو باعث رهيو آهي. حضرت سيد محمد عثمان مروندي پڻ محبت، امن، ڀائيچاري ۽ اتحاد جو پيغام ڏنو. حضرت قلندر لعل شهباز اعليٰ پايي جي بزرگ، ولي سان گڏ بلند پايي جو شاعر به هو ۽ سندس درگاهه پيار، محبت، امن، اتحاد ۽ ڀائپي جي درس جو وڏو نمونو آهي. قلندر لعل شهباز به سنڌ جي ٻين بزرگن، اوليائن ۽ صوفي شاعرن وانگي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان محبت جي درس سان گڏ پوري انسانيت سان پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. حضرت قلندر لعل شهباز اسان وٽ گهڻو ڪري رڳو هڪ ولي، بزرگ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس شاعراڻي حيثيت گهٽ متعارف ٿي آهي. پر حقيقت ۾ هو جيترو وڏو ولي، بزرگ آهي، اوترو وڏو بلند پايي جو شاعر به آهي. سندس سمورو ڪلام فارسي ۾ آهي. جنهن جي م...

قلندر لعل شهباز رح تي نئين سر تحقيق جي ضرورت - ڊاڪٽر مخمور بخاري

Image
قلندر لعل   شهباز رح   تي نئين سر تحقيق جي ضرورت ڊاڪٽر مخمور بخاري حضرت قلندر لعل شهباز رح جي اسم گراميءَ کان سنڌ جو هر فرد واقف آهي، کيس ”قلندر لعل شهباز“، ”سيوهاڻي سرڪار“، ”سنڌڙي دا شهباز“، جهڙن لقب القابن سان ياد ڪيو ويندو آهي. قلندر لعل شهباز رح ڏانهن عقيدت جي بنياد تي ئي ڏٺو وڃي ٿو. جيڪي سماج، سياسي ۽ معاشي طرح پُرسڪون نه رهند آهن، انهن سماجن ۾ فرد اندر يا ته بغاوت جا جذبا ڪَرُ کڻندا آهن يا اهي فرد پنهنجي ورثي ۾ مليل برداشت کي سامهون رکندا آهن .

مخدوم قلندر لعل شهباز - ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي

Image
مخدوم قلندر لعل شهباز ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي     سنڌ ۾ گهڻيئي درگاهون   هاڪاريون آهن. مگر مخدوم قلندر لعل شهباز جي درگاهه سڀني ۾ برکه آهي ۽ سيوهڻ جي شهر جو سچو پچو سينگار آهي. انهي سهڻي ۽ مقدس درگاهه جي سائينءَ جو نالو سيد عثمان رحمة الله عليه آهي. هو سنه 538 هجري ۾ ايران جي ملڪ ۾ تبراز طرف مروند جي شهر ۾ ڄائو هو ۽ نپنو به اتي هو، تنهن ڪري “مروندي” سڏبو آهي. هن جو والد مخدوم سيد ڪبير شاهه صاحب هو جو تبريز جي بادشاهه جو وزير هو. سندس مقبرو اڄ تائين مروند ۾ آهي، جتي گهڻا ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن. هي حسيني سيد آهن. سندن شجرو تيرهين پيڙهيءَ حضرت امام جعفر صادق علي السلام تائين پهچي ٿو. قلندر   صاحب بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄمڻ وقت ئي سندس پاڪ پيشاني چنڊ وانگر چمڪي ٿي ۽ سندس بدن مبارڪ نوراني هو ۽ اهو تجلو توڙ تائين هليو آيو. هن ننڍڙي عمر ۾ عربي علم جو تحصيل ڪيو ۽ ستن ورهين جي ڄمار ۾ ئي قرآن شريف جو حافظ ٿيو. هن کي پارسي علم جو به چڱو محاورو هو ۽ شهر جوڙڻ جي ڏات به هيس. سندس پارسي ڪلام موجود آهي.

سيوهڻ شهر جا معدوم آثار قديم - سيد حاڪم علي شاهه بخاري

Image
سيوهڻ شهر جا معدوم آثار قديم سيد حاڪم علي شاهه بخاري سيوهڻ عالمن، هنرمندن، اديبن، الله وارن ۽ فقرا جي سڳوري سر زمين آهي انهن سڀني سڳورن جي موجودگيءَ کان علاوه سيوهڻ جو سگهارو شهر، جيڪو سڪندر مقدونيءَ کان به اڳ سنڌ جي ساڄي ڪپر تي هر آئي وئي جي مرحبا به ڪندو رهيو آهي، ته سنڌ جي سلامتيءَ ۽ سڪون خاطر هر هڙڪيي ۽ حريص سان مهاڏو اٽڪائيندي به ورهين کان پنهنجي ستا قائم رکيون اچي. نه رڳو ستا قائم اٿس، پر سونهن سوڀيا ۾ واڌاري سان گڏوگڏ ناموس ۽ بود و باش ۾ واڌارو به جاري رکندو اچي. منهنجي خيال ۾ هي شهر جيترو لهڻي، اوترو اسان کيس ڏئي نه سگهيا آهيون، ٻيو ته ٺهيو پر رڳو هڪ جامع ۽ باتصوير ڪتاب به ان تي لکي نه سگهيا آهيون. اسان جي ڏسندي ڏسندي ڇا ڇا نه ختم ٿي يا کڄي ويو، اسان وٽ ته شايد ان جو   ڪو نقش، نقشو يا تفصيلي نوشتو به موجود نه هجي. هر سال ميلو مچي ٿو، ماڻهو مڙن ٿا، خردو خرچ ٿئي ٿو ۽ بس. مون پنهنجي اساٽ اجهائڻ لاءِ گذريل صديءَ جي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ هڪ سادي ڪئميرا هٿ ۾ کڻي سيوهڻ شهر جي گهٽين ۽ درگاهن کي ڀيٽيو ۽ تصويرون به ڪڍيون. 

دھمال یا دم حال؟

Image
دھمال یا   دم حال؟ آجکل ایک لفظ جو غلط العام ھے وہ ھے "دھمال" کہ جسکی نسبت " حضرت شاہ حسین المعروف لعل شہباز قلندر " سے دی جاتی ھے اور جسے فی زمانہ " رقص " کی ایک قسم قرار دے دیا گیا ۔ جبکہ " لفظ دھمال سِرے سے کوئی لفظ ھے ھی نہیں بلکہ وقت کی ساتھ بِگڑ کر یہ شکل اختیار ھوئی ھے " دراصل عربی زبان کے دو لفظ 1.   دَم (جسکے معنی خون کے ھیں) اور 2.   حال (جسکے معنی حالت کے ھیں) کی بگڑی ھوئی شکل کا نام فی زمانہ " دھمال " ھے یہ بالکل ویسے ھی ھے جیسے بانی پاکستان " حضرت قائدِ اعظم محمّد علی جناح " کے والد کا اصل نام " ذوالجناح پوجا " تھا لیکن آج انکو " جناح پونجا " لکھا اور پڑھا جاتا ھے جبکہ پاک و ھند تو دور کی بات پوری دنیا میں " جناح " نام کی کوئی ذات ھے ھی نہیں؟   لفظ " دم حال " اپنا تعارف و معنی خود بیان کرتا ھے یعنی اسکا مطلب ھے " خون سے بھری ھوئی حالت "

قلندر، صوفي ۽ ملامتي - ڊاڪٽر نواز علي شوق

Image
قلندر، صوفي ۽ ملامتي ڊاڪٽر نواز علي شوق قلندر ڪهڙي زبان جو لفظ آهي، ان جو ڌاتُو ڪهڙو آهي؟ ان بابت ڪا پڪي راءِ ڏيئي نه ٿي سگهجي، رسالي غوثيه موجب “ڪلندر” سرياني زبان جو لفظ آهي، جيڪو ڌڻي سڳوري جو هڪ صفاتي نالو آهي، لغت جي مختلف ڪتابن ۾ هن لفظ جون مختلف معنائون ڏنل آهن. انهن سڀني جو تت هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو . ” هيءُ لفظ معاشري جي هڪ گروه کي پڌرو ڪري ٿو. جيئن رِندُ، گدا، درويش سيلاني، رمتو جوڳي، قلندر جي اها سڃاڻ آهي ته هُو سماج جي ريتن ۽ رسمن کان باغي هوندو آهي، هُو ننگ ۽ ناموس کان بي پرواهه رهي ٿو. ڪنهن هڪ ملڪ يا شهر سان سندس تعلق نه هوندو آهي . اهو ئي سبب آهي جو قلندر ڏيهان ڏيهه سفر ڪري معاشري ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ جهاد ڪندا رهيا. جيئن ته قلندر جو ڪو گهر گهاٽ ۽ مَڏي ملڪيت ڪانه هوندي آهي، تنهن ڪري هُو دنيا جي لالچ کان پري رهي ٿو. هُو تارڪ الدنيا ٿي دنيا جي هر شيءِ تي چار تڪبيرون پڙهي ڇڏي ٿو .

قلندر لعل شهباز جي مستيءَ جو راز - غلام مصطفيٰ سولنگي

Image
قلندر لعل شهباز جي مستيءَ جو راز غلام مصطفيٰ سولنگي قلندري طريقي ۾ مستيءَ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، حضرت قلندر لعل شهباز جي فڪر ۽ عمل جو مفهوم به مستيءَ ۾ سمايل آهي، مستي انهيءَ ڪيفيت جو نالو آهي جو طالب دنيا جهان کان پاڻ لاتعلق هجي ۽ ان جو سمورو مفهوم تعليمات نبوي هجي ڇاڪاڻ ته ان جو سمورو راز نيڪ عمل ۾ لڪل هجي ٿو . حضرت قلندر لعل شهباز فارسي زبان جو هڪ قادر الڪلام شاعر هو. سندس ڪلام مان جلال ۽ مستي ظاهر ٿئي ٿي. سندس شاعري ۾ وحدت الوجود جو گهرو اثر موجود آهي . حضرت قلندر لعل شهباز جي طريقي جو سلسلو قلندري هيو انهيءَ ڪري کيس قلندر سڏيو وڃي ٿو ۽ پاڻ وقت جا وڏا شاعر هئڻ سان گڏ نثر نويس به هئو کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو. ۽ انهن زبانن ۾ سندس ڪجهه ڪتاب لکيل آهن .

Lal Shehbaz Qalander and his powers of meditation By Muhammad Hussain Damsaz

Image
Lal Shehbaz Qalander and his powers of meditation Muhammad Hussain Damsaz Sind as there is no doubt is one of, among the spiritual places, that sufis and saints had discovered. I personally don't know; may be it's because of its environment or the place that has attracted such highly pious people to this land; and likely the same way Hazrat Lal Saeen counts in them. Lal saeen was a Qalandar, a darvesh, a sufi, who came from a very long way, and wondered through; the whole middle east, though I may or might be lacking a reference or evidence regarding his spiritual journey to sehwan sharief. But, some of them can be spotted from the history. The thing that I am pretty sure about, that his spiritual guidance perhaps led him over to sehwan sharief, and thus he decided to stay over here and spread the light of his knowledge among the people. I don't know of which aspect of Lal Saeen should I talk about, his life style, the places he resided, his poetry...

مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي

Image
مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي (ولادت 538هه 1143ع) مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي ولد ڪبير الدين (لقب) سيد ابراهيم جو جنم 538هه 1143ع تي ڳوٺ “مروند” ۾ ٿيو. بعد ۾ سيوهڻ شريف ۾ اچي رهيو. پاڻ حافظ قرآن، جيد عالم، صرف نحو جو ماهر، عظيم شاعر ۽ مصنف هئا. سندس اصل نالو “عثمان” آهي. سندس شجرو هن ريت ملي ٿو.