ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
-------
لفظ قَدر جي هڪ معنيٰ عظمت ۽ شرف جي آهي، انهيءَ رات کي ليلة القدر چوڻ جي وجه انهيءَ رات جي عظمت ۽ شرف آهي. ۽ ان لفظ جي ٻي معنيٰ تقدير ۽ حڪم به ايندي آهي، انهيءَ معنيٰ جي اعتبار سان ليلة القدر چوڻ جي وجه هي هوندي ته انهيءَ رات ۾ تمام مخلوق جي لاءِ جيڪو ڪجهه تقدير ازلي ۾ لکيل آهي ان جو جيڪو حصو هن سال ۾ هن رمضان شريف کان ٻئي رمضان المبارڪ تائين پيش اچڻ وارو آهي اهو انهن فرشتن جي حوالي ڪيو ويندو آهي جيڪي ڪائنات جي تدبير ۽ تنفيذ جي معاملن تي مقرر آهن، ان ۾ هر انسان جي عمر ۽ موت ۽ رزق ۽ بارش وغيره جي مقدار مقرر فرشتن کي لکرائي ويندي آهي ايتري قدر جو جنهن شخص کي هن سال ۾ حج نصيب هوندو اهو به لکيو ويندو آهي.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت