سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
الله اڪبر، الله اڪبرجو ڪنين پيو. سامهون کان سلطان
مسجد مان آذان اچي رهي هئي. منهنجو سڄو ڌيان ان پاسي هليو ويو، دل ۾ خيال آيو ته اڄ
هن مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز پڙهڻ گهرجي. هي تمام وڏي مسجد آهي. پر پوءِ به مان ۽
پرتاب ان پارڪ جي ڪنڊ ڪنڊ کي گهمي جاچي ڏسي رهيا هياسين. اڃان پارڪ کي گهمندي اڳتي
وڌي رهيا هياسين ۽ واپسي جو ڪو به ارادو نه هيو. هڪڙي پاسي تمام وڏو اسٽيج ٽائيپ ٿلهو
ٺهيل هيو، جيڪو بند پيل هو. شايد ان تي ڪم هلي رهيو هو. ان جي پاسي ۾ ئي صدين پراڻو
پپل جو وڻ نظر آيو. جنهن جو ٽاريون تمام پري پري تائين ڦهليل هيون. هن جو ٿڙ به ميٽرن
۾ هيو. هي پپل جو وڻ ڏاڍو قديمي هيو. انهي کان پوءِ سير آميز گهمڻ جو مزو وٺي ٻاهر
آياسين.
گيٽ تي جنيد اڳ ۾ ئي بيٺو هو. مون جنيد کي چيو ته،”
هل ته مسجد جو به ديدار ڪري اچون ۽ نماز به پڙهي اچون. هي مالديپ جي تاريخي مسجد،
سلطان مسجد آهي، سو ان وڏي مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ اسان لاءِ تمام وڏي سعادت
جو شرف هوندو“.
جنيد به تيار ٿي ويو. پاڻ
مسجد جي مين گيٽ تي جوتا لاهي، وضو خاني ۾ وياسين. پر حيرت جي ڳالهه اها هئي ته
وضو خاني ۾ هرڪو بيهي وضو ڪري پيو. هيٺ ويهڻ جي لاءِ سيمينٽ واري ڪا به سيٽ يا دِڪي
ٺهيل نه هئي. جنهن جي ڪري اسان به بيهي وضو ڪري ورتو. مون کي لڳو ته ويهي وضو ڪرڻ
کان بيهي وضو ڪرڻ اڃان به سولو آهي. پر شايد پوڙهن ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ ڏکيو هجي.
شايد انهن لاءِ ٻيو ڪو وضو خانو هجي، يا وري انهن لاءِ ڪو ٻيو بندوبست هجي. سو وضو
ڪري مسجد جي مٿين حصي ۾ ڏاڪڻ ذريعي چڙهي وياسين. ڇو ته مسجد جو محراب ئي مٿي هيو.
مسجد مٿي هئي. هيٺ شايد ٻيو ڪجهه هيو. مدرسو هيو يا ڪا آفيس هئي.
سو اسان جئين ئي مٿي پهتاسين. ته جماعت رڪوع ۾ بيٺي
هئي. اسان به تڪبير هڻي ٽين صف ۾ بيهي رهياسين. اسان جي پيرن هيٺان ماربل هيو. اڳين
ٻن صفن تي بخمل جي نک وڇايل هئي. مون کي اندازو هيو ته هي ٻي يا ٽين رڪعت نه هجي. ڇو
ته اسان کي پارڪ مان نڪرندي نڪرندي دير ٿي ويئي هئي. پر پوءِ خبر پئي نه، اها ته
پهرئين رڪعت هئي. ڇو ته مولوي صاحب وڏي قرعت ڪندي قرآن پاڪ جي وڏي آيت پڙهي هئي.
ساڳيو ئي گرائيدو ٻيٽ واري
مسجد جيان هتي به پيش امام صاحب دعا نه گهري. نماز پڙهي، مسجد جو ديدار ڪيوسين.
تمام وڏي جماعت هئي. اصل به ته مسجد جتي پيش امام نماز پڙهائي رهيو هيو، ان پاسي
هئي، هي ته کاٻي پاسي وارو ورانڊو هيو، جتي به ايڏي جماعت هئي. پر جڏهن پرئين پاسي
وياسين ته تمام گهڻي جماعت نظر آئي. اتي ئي تڪڙ تڪڙ ۾ ٻه ٽي ڦوٽو ڪڍي هيٺ لٿاسين.
وضو خاني کان ٿي ٻاهر آياسين ته جنيد رڙ ڪري چيو ته” يار منهنجا جوتا ويا“.
چيم،”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو.
هتي ته جوتن جي وڃڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي“.
وري به هن لوهي رينڪ ۾
پنهنجا جوتا ڏٺا ته جوتا ته واقعي ئي ڪو نه هيا. منهنجا به نه هيا. تڏهن به هن رڙ ڪري
چيو ته،”يار ويا جوتا، پيرين اگهاڙي هلڻو پوندو، خبر ناهي ڪٿي جوتا ملندا“.
پر مون کي ياد آيو ته پاڻ
جوتا ته ٻاهرئين رينڪ ۾ رکيا هياسين، جتان اندر داخل ٿيا هياسين. اتي جو وڃي ڏسون
ته اسان جا جوتا اتي موجود هيا. سو جوتا پائي هيٺ لهي آياسين. ذهني طرح مطئمن ٿياسين
ته تمام وڏي سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جا چار فرض پڙهڻ نصيب ٿيا. مالڪ چڱي ڪندو. هيٺ
دوست انتظار ۾ بيٺل هيا. پاڻ به هيٺ لٿاسين. سامهون مظفر ۽ يوسف بيٺا هيا.
مون مظفر کان پڇيو ته،”پرتاب وارا ڪاڏي ويا“.
مظفر ٻڌايو ته سائين
مختيار ۽ پرتاب وارا آرٽ گيلري گهمڻ ويا آهن“.
مون يوسف کي چيو ته،”هتي آيا به آهيون ته پوءِ هل
ته هلي آرٽ گيلري ڏسي اچون، وري خبر ناهي اچڻ ٿئي يا نه، آرٽ گيلري نه ڏٺيسين ته
سمجهه ڪجهه به نه ڏٺئي“.
يوسف به مون سان متفق ٿيو ۽ اسان ٻيئي ڄڻا آرٽ
گيلري جي گيٽ تي اچي بيهي رهياسين.
”خبر ناهي ڪيتري ٽڪيٽ هوندي“. يوسف بيهي رهيو.
”يار جيتري به هوندي ڀرينداسين، تون گهٻرا نه، بس هل“. مون يوسف جي
همت افزائي ڪئي.
اسان آرٽ گيلري ڏانهن نڪري وياسين، جيڪا مسجد کان سڏ
پنڌ تي آهي. لوهي گيٽ کان اندر داخل ٿي هڪڙي عمارت ۾ داخل ٿياسين. آرٽ گيلري جو
بورڊ لڳل هو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment