روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَبۡدِ اللہِ بنِ عَمۡرو اَنَّ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم قَالَ اَلِصّیَامُ وَالۡقُرۡآنُ یَشۡفَعَانِ لِلۡعَبۡدِ یَقُوۡلُ الِصّیَامُ اَیۡ رَبِّ اِنّیۡ مَنَعۡتُہُ الطَّعَامَ وَالشَّھَوَاتِ بِالنَّھَارِ فَشَفِّعۡنِیۡ فِیۡہِ وَیَقُوۡلُ الۡقُرۡآنُ مَنَعۡتُہٗ النَّوۡمِ بِاللَّیۡلِ فَشَفِعَّنِیۡ فِیۡہِ فَشُفَّعَانِ۔ رواہ البیھقی فی شعب الایمان (مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم الفصل الثالث ج 1 ص173)

”حضرت عبدالله بن عمرو ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته 


روزو ۽ قرآن ٻئي ٻانهي جي لاءِ شفايت ڪندا چنانچه روزو چوندو ته اي منهنجا پروردگار مون ان کي کائڻ ۽ ٻين خواهشات (پاڻي ۽ جماع ۽ غيبت ڪرڻ وغيره) کان پورو ڏينهن روڪي رکيو هيو لهذا منهنجي طرف کان (به) ان جي حق ۾ شفاعت قبول فرماءِ، ۽ قرآن ڪريم چوندو ته مون ان کي پوري رات سمهڻ کان روڪي رکيو هيو، لهذا منهنجي طرف کان به ان جي حق ۾ شفاعت قبول فرماءِ، چنانچه ٻنهن جي شفاعت قبول ڪئي ويندي.
هن حديث شريف ۾ قرآن مان مراد قرآن ڪريم جي تلاوت آهي يا قرآن مان تهجد ۽ تلاوت قرآن و عبادت وغيره جي لاءِ شب بيداري مراد آهي. روزو ۽ قرآن ٻنهن جي شفاعت ۽ سفارش جو نتيجو هي نڪرو جو روزي جي شفاعت سان گناهه ختم ٿي ويندا ۽ قرآن ڪريم جي شفاعت سان انسان کي بلندي ۽ اعليٰ مرتبا ۽ درجا نصيب ٿيندا.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت