وقت ٿورو ترسجان - بلوچ صحبت علي


 

وقت ٿورو ترسجان
درد کي ٺاري وٺان،
پاڻ کي ٺاهي وٺان،
سونهن کي ساري وٺان.
ب -  ص-ع

ڪو ڪو درد ڪُهو جي ڪاٺي،
ڪو ڪو گهاءُ لهو جي لاٺي.




·      وقت جو وڏو ڏاهو ، اسان جي ڀر ۾ ويٺو آهي، اسان جي پهچ ۾ به آهي، ۽ هو اڪيلو به آهي، ته ڇو نه محترم سراج ميمڻ سان گڏ چانهن پئيون، ان سان ڪچهري ڪيون.
·      اهو بلڪل ائين آهي، جئين ڪو سقراط جي دور ۾ رهيو هجي، پر سقراط سان نه مليو هجي، سقراط کي نه سڃاڻيندو هجي.
·      ممتاز مهر صاحب تمام وڏو ماڻهو آهي. پر هن ۾ ڪابه وڏن ماڻهن جي نشاني نه آهي. هو انتهائي سادو، اندران ٻاهران شيشي جي گلاس جيان شفاف آهي.
·      منهنجي پيشي ۾ هر ايف آئي آر، هڪ ڪهاڻي آهي، ۽ مون لاءِ هر مظلوم جي ڪهاڻي ايف آئي آر آهي.
·      هر اهو ڪوڙ جنهن مان ڪنهن مسڪين ۽ مظلوم جو فائدو ٿئي اهو سچ آهي.
·      جيڪڏهن سنڌ ۾ ليکڪ کي سندس لکڻين جو پورو معاوضو ملي ته پوءِ هو يورپي ليکن وانگر پنهنجو پورو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏيئي سگهندو.
·      ادب جي تخليق مان پئسو ملي يا نه ملي، سچو اديب لکڻ لاءِ مجبور آهي، نه ته ذهني طرح گهٽجي مري وڃي
·      سنڌي ادب جي پٺتي پوڻ جو هڪ سبب ڪُل وقتي ليکڪن جو نه هئڻ به آهي.
·      مان ڪلچر وارن کي گذارش ڪندس ته ممتاز مهر کي  سندس ڪتاب ”ويچار“ (ادبي تنقيد) تي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ ”نشان پاڪستان“ ايوارڊ سان نوازي هن جو هن حياتي ۾ ئي قدر ڪيو وڃي.
·      شري کيمن يوُ. مولاڻيءَ کي سندس شاعريءَ جي مجموعي ”جيءَ ۾ ٽانڊا“ تي مرڪزي ساهتيہ اڪادميءَ جو سال 2018 جو انعام ڏنو ويو آهي.
·      چندر ڪيسواڻي جي باري ۾ ڇا ڳالهايان، هو سراپا سون آهن. هن جي تازو ڪتاب ” نئون ادب نيون ڳالهيون“ سنڌي ادب جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
·      ننڍي کنڊ جي ترقي پسند شاعر ڪيف اعظميٰ چيو هو ته ،”سنڌي شاعري ٻڌي مونکي لڳي ٿو ڄڻ منهنجي هن فالج زده ٻانهن ۾ زندگي موٽي آئي آهي.
·      ساڳي منهنجا پيارا دوست محترم وسيم سومرو، عزيز قاسماڻي، خليل عارف سومرو، امداد سولنگي، تابش بخاري، عاشق دادوي جن جو شڪر گذار آهيان، جيڪي هن خوبصورت پروگرام جي زينت بڻيا. 


جناب صدر محترم سائين ممتاز مهر صاحب،
محترم جناب مهمان خاص چندر ڪيسواڻي صاحب
منهنجا پيارا اعزازي مهمان جناب

محترم وسيم سومرو صاحب، خليل انصاري صاحب، عزيز قاسماڻي صاحب، امداد سولنگي صاحب، خليل عارف سومرو صاحب، عاشق دادوي، تابش بخاري صاحب، ۽ پرنسيپل پي آئي بي لا ڪاليج محترم شفيع محمد ميمڻ صاحب،

پنڊال ۾ ويٺل منهنجا سڀئي محترم دوست، پرين پيارا، يا علي مدد ، جيئي سنڌ، حق موجود

هڪ دفعي هاءِ ڪورٽ بار ڪراچي ۾ ويٺا هئاسين، مون سان گڏ منهنجو گهرو دوست عبدالحڪيم جاکرو به هو. اسان چانهه جو آرڊر به ڏيئي چڪا هئاسين. ته اوچتو منهنجي نظر ، سنڌي ادب جي تمام وڏي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڏاهي محترم سراج ميمڻ تي پئجي ويئي، جيڪو اسان کان ٻن ٽن صوفن تي پري ويٺل هو. مان سوچ ۾ پئجي ويس، حڪيم پڇيو، ”ڇا ٿو سوچين“. وراڻيم، سوچان ٿو، وقت جو وڏو ڏاهو ، اسان جي ڀر ۾ ويٺو آهي، اسان جي پهچ ۾ به آهي، ۽ هو اڪيلو به آهي، ته ڇو نه محترم سراج ميمڻ سان گڏ چانهن پئيون، ان سان ڪچهري ڪيون. نه ته سڀاڻي اسان جي دور جا نوجوان اسان کي پڇندا ته توهان ڇا ”پراڏو سوئي سڏ“ ، ”مرڻ مون سين آءَ“ جهڙن شاندار ناول نگار سراج سان مليا هئو. يا نه؟

اهو بلڪل ائين آهي، جئين ڪو سقراط جي دور ۾ رهيو هجي، پر سقراط سان نه مليو هجي، سقراط کي نه سڃاڻيندو هجي، يا وري سبط حسن جي حلقي جو هجي پر ماضي ڪي مزار، موسيٰ سي مارڪس تک، جي خالق سان نه مليو هجي.

بلڪل اهڙي طرح، هن ڪتابن جي مهورت لاءِ ڪيترائي سنڌي ادب جي وڏا نالا ذهن ۾ هئا، پر اڄ جتي نام نهاد ليکڪ شهرت جو تڪڙيون ڏاڪڻون چڙهي مشهوري جو منزلون ماڻي، صف اول جي نالن ۾ اچي بيٺي آهن، سچ ته انهن سڀني کان ممتاز مهر صاحب تمام وڏو ماڻهو آهي. پر هن ۾ ڪابه وڏن ماڻهن جي نشاني نه آهي. هو انتهائي سادو، اندران ٻاهران شيشي جي گلاس جيان شفاف آهي. ان ڪري وقت توهان کان ڀلي نه به پڇي ها ته پر مون کان ضرور پڇي ها ته ڪراچي ۾ رهندي توکي خبر پئي هئي، ۽ ادبي حلقن کي ڀلي  ڀت ڄاڻ هئي ته موجوده فلسفي، ڪهاڻي جو وڏو نالو ممتاز مهر  کي اسان  دادو  ۾ ڇو نه مان ڏنو، پر اڄ جڏهن اسان وٽ ممتاز مهر صاحب موجود آهن ته پوءِ جڏهن توهان هن سان ملندو، هن سان تصوريون ڪڍرائيندو،  ۽ سڀاڻي فخر سان چوندو ته 08.12.2018 تي هند سنڌ جي ناليوار نقاد ممتاز مهر سان توهان دادو ۾ ملاقات ڪئي. خاص ڪري سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ اها وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته هو جنهن شخصيت جا ڪتاب هو پنهنجي ڪورس ۾ پڙهي رهيا آهن. انهن سان اڄ هن ملاقات ڪئي، هن کي سامهون پاڻ ٻڌو.

ان ڪري اڄ هن پنڊال ۾ مون سان هڪڙو وچن ڪيو ته توهان پنهنجن هيرن جو قدر ڪري انهن کي مان ڏيندو. جيڪو هنن جو حق آهي.

 مان ڇو لکندو آهيان، ڪنهن لاءِ لکندو آهي، منهنجي لکڻ جو ڪارج، يا ڪارڻ،  امير ۽ خوبصورت سنڌ جا،  مسڪين ۽ مظلوم سنڌي آهن. منهنجي پيشي ۾ هر ايف آئي آر، هڪ ڪهاڻي آهي، ۽ مون لاءِ هر مظلوم جي ڪهاڻي ايف آئي آر آهي. مان ڪوشش ڪندو آهيان ته سچ ڳالهايون، ۽ پنهنجي پيشي سان سچو رهان. پر ڪٿي ڪٿي ماڻهو کي منافقي به ڪرڻي پوندي آهي. ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻهو کي ڪوڙ به هڻڻو پوندو آهي. پر هر اهو سچ جيڪو ٻئي کي نقصان، تڪليف  ۽ آڙاهه ۾ اڇلائي اهو سچ نه آهي ڪوڙ آهي، پر هر اهو ڪوڙ جنهن مان ڪنهن مسڪين ۽ مظلوم جو فائدو ٿئي اهو سچ آهي.

ممتاز مهر صاحب شايد منهنجي خيالن جي ترجماني ڪئي هجي. ليکڪ جي ناتي مان صرف ان ڳالهه تي زور ڏيندس ته حقيقتن کي حقيقت ڪري پيش ڪرڻ گهرجي ۽ سچائين کي نه لڪائجي، پر تخليقي ادب  Creative Literature به هڪ فن آهي. ليکڪ جو فني اظهار جيترو اثرائتو هوندو، اهو تخليقي ادب اوترو ئي پڙهندڙن ۾ پذيرائي حاصل ڪندو. جيڪڏهن سنڌ ۾ ليکڪ کي سندس لکڻين جو پورو معاوضو ملي ته پوءِ هو يورپي ليکن وانگر پنهنجو پورو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏيئي سگهندو. جيڪو في الحال ممڪن ڪونه ٿو نظر اچي. اولهه ۾ ليکڪ گهڻو ڪري ڪل وقتي آهي. تنهنڪري اتان جو ليکڪ گهڻو وڌيڪ سٺو به لکي ٿو ۽ خوش به گذاري ٿو. سنڌي ادب جي پٺتي پوڻ جو هڪ سبب ڪُل وقتي ليکڪن جو نه هئڻ به آهي. جڏهن ته سنڌي صحافت ۾ گهڻو ڪري ڪل وقتي صحافي آهن ۽ پنهنجي پيشي ۾ ڪامياب. ادب وڌيڪ ڌيان طلب ۽ محنت وارو ڪم آهي. پر اسان وٽ اديب کي گذر سفر ۽ ٻيو ڪو ڌنڌو به ڪرڻو پوي ٿو. جنهن سان سندس وقت به ضايع ٿئي ٿو ۽ اتساهه جو گهٽجڻ پڻ. بهر حال ادب جي تخليق مان پئسو ملي يا نه ملي، سچو اديب لکڻ لاءِ مجبور آهي، نه ته ذهني طرح گهٽجي مري وڃي، اهو سنس ڪئٿارسس جو به مسئلو  آهي.

مان ڪلچر وارن کي گذارش ڪندس ته ممتاز مهر کي  سندس ڪتاب ”ويچار“ (ادبي تنقيد) تي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ ”نشان پاڪستان“ ايوارڊ سان نوازي هن جو هن حياتي ۾ ئي قدر ڪيو وڃي.

ڇو ته  تازو محترمه اندرا شبنم پونا والا، پنهنجي فيس بوڪ ته هڪڙي پوسٽ رکي ته ؛
مرڪزي ساهتيہ اڪادمي انعام

شري کيمن يوُ. مولاڻيءَ کي سندس شاعريءَ جي مجموعي ”جيءَ ۾ ٽانڊا“ تي مرڪزي ساهتيہ اڪادميءَ جو سال 2018 جو انعام ڏنو ويو آهي. هن کان اڳہ بہ مرڪزي ساهتيہ اڪادميَ کيس سال 2010 ۾ ”سهڻا گلڙا ٻار“ ٻال ڪوتائن جي مجموعي تي ۽ سال 2013 ۾ ھنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڊاڪٽر امبيڊڪر هڪ پريرڻادائي شخصييت“ تي انعامن سان نوازي چڪي آھي. سندس 42 ڪتاب ڇپجي چُڪا آھن جنهن ۾ 9 موُل سنڌيءَ جا ڪتاب بہ شامل آھن. هنن ارڙھين صديءَ جي ڪلاسڪي ڪوي ”ساميءَ“ جي اٽڪل 2700 سلوڪن جو هنديءَ ۾ ترجمو شايع ڪرائي بيحد ساراه جوڳو ڪم ڪيو آھي.

چندر ڪيسواڻي جي باري ۾ ڇا ڳالهايان، هو سراپا سون آهن. هن جي تازو ڪتاب ” نئون ادب نيون ڳالهيون“ سنڌي ادب جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. ڪتاب هٿ و هٿ وڪامجي ويو. ادب حلقي هن ڪتاب کي تمام گهڻو ساراهيو. ۽ پڙهندڙن طرفان کيس وڏي موٽ ملي.

سنڌي ادب جي سڄاڻ ليکڪ محترم حسن مجتبيٰ نيويارڪ مان هن ڪتاب جو بئڪ پيج لکيو آهي؛

... ننڍي کنڊ جي ترقي پسند شاعر ڪيف اعظميٰ چيو هو ته ،”سنڌي شاعري ٻڌي مونکي لڳي ٿو ڄڻ منهنجي هن فالج زده ٻانهن ۾ زندگي موٽي آئي آهي. چندر جي لکڻين جو به ڪجهه اهڙو ڪارج آهي. فالج زدهه سنڌي سماج ۽ سوچ ۾ زندگي موٽائڻ، الائجي ڇو مونکي چندر جون نثري لکڻيون پڙهي ڪراچي جي ڳاڙهي ڊاڪا ۽ راجستان واري پٿر واري گاٿڪ عمارتن مٿان آچر واري شام سون ۾ پاريهر لهندي محسوس ٿيندا آهن يا وري پوءِ ڪنهن ڪنهن مهل ڪا هن جي شاعري ڪراچي جي بارشن ۾ املتاس جي وڻ تان ٻوليندڙ ڪوئل ياد ڏياري ڇڏيندي آهي. بلڪل اياز جي چواڻي؛ ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري،
هو پري آ پري آ پري.....

ساڳي منهنجا پيارا دوست محترم وسيم سومرو، عزيز قاسماڻي، خليل عارف سومرو، امداد سولنگي، تابش بخاري، عاشق دادوي جن جو شڪر گذار آهيان، جيڪي هن خوبصورت پروگرام جي زينت بڻيا.

مان محترم شفيع محمد ميمڻ صاحب پرنسيپل، پي آئي بي لا ڪاليج دادو جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن اسان کي هي ادب مانڊاڻ مچائڻ ۾ هن خوبصورت هال جي اجازت ڏني. ان سان گڏ سندس سموري اسٽاف، خاص ڪري آفيس سپريٽينڊنٽ مسٽر ڪوڙا خان ميمڻ صاحب جن جو ٿورائتو آهيان.

مان توهان پنڊال ۾ ويٺل پڻ سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جن هن ادبي ڪاڄ ۾ شرڪت ڪري هن پروگرام کي رونق بخشي.

ان علاوه مان پروگراسيو انگلش فائونڊيشن جي ڪو آرڊينيٽر ۽ پرنسپيپل پروگراسيو ڪاليج دادو جي محترم اعجاز سيف پنهور ۽ سموري اسٽاف جو  صاحب انتهائي تهه دل سان شڪر گذار آهيان جنهن خوبصورت ڪمپيرنگ ڪري، هن پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

پنهنجي پياري دوست محترم ديدار شيخ صاحب جو پڻ شڪر گذار آهيان جنهن هن پروگرام کي لائيو رڪارڊ ڪري هلايو.

جنهن هي پيافليڪس ۽ ڪارڊ جي خوبصورت ڊزائننگ ڪئي ، ان مهربان دوست منصور علي چارڻ (جاني) گورک پبلشرس ۽ مهراڻ پرٽنگ پريس دادو جو پڻ شڪر گذار آهيان.

جنهن منهنجا هي ٽيئي بلڪ دادو ۾ مڙئي ڪتاب ڪپوز ڪندڙ محنتي، انتهائي ايماندار دوست علي انور لغاري جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن ڪتابن جي ڊزائننگ، بهترين ڪمپورزنگ ۽ سيٽنگ ڪري هنن ڪتابن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ڪنول پبليڪشن قنمبر  جي محترم سعد سومري صاحب ۽ قمر آفتاب ابڙو پيڪاڪ پبليڪشن ڪراچي وارن جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن جي توجهه ۽  وقتائتي موٽ ڪري هي ڪتاب اڄ  مارڪيٽ ۾ موجود آهن.

محترم طارق لغاري صاحب پريزينڊنٽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب دادو جو پڻ شڪر گذارش آهيان ، جنهن اسان جي هن ادبي رهاڻ کي مڃتا ڏني، ۽ سڀني اخباري نمائندن کي هن پروگرام جي رڪارڊنگ ۽ رپورٽنگ جو پابند ڪيو.

آخر ۾ مان پنهنجي آفيس اسٽاف جو پڻ شڪر گذار آهيان جنهن هر وقت مون سان ڪو آپريٽ ڪري مون کي موقعو ڏنو ته مان ادبي پروگرام جي پايه تڪميل لاءِ وقت ڪڍان.

توهان سڀني جي مهرباني. لک ٿورا.

Comments

  1. بلوچ صحبت علي صاحب اوهان جي وڏي وڏي مھرباني لک لائق قرب سدا سلامت هجو شال آباد هجو آمين ثم آمين، فيض علي ڪٽوهر خيرپور ميرس سنڌ پاڪستان

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت