انسان ۾ ھاضمي جو عمل

کاڌي جو ننڍي آنڊي ۾ جذب ٿيڻ
ننڍي آنڊي جي پوئين حصي اليم (Ileum) ۾ اندرئين پاسي موجود خوردبيني اڀار ولائي (Villi) ۾ کاڌو جذب ٿئي ٿو اھي ننڍڙا ولائي ڏاڍا ڪارآمد آھن.ھنن ۾ رت جون وار نليون آھن. جن سان گڏ چرٻيءَ کي جذب ڪندڙ لمف ناليون (Lymph vessels)   يا ليڪٽيل ناليون (Lacteal vessels) ٿين ٿيون جن مان ھضم ٿيل کاڌو جذب ٿي رت ۾ ملي ٿو. ھنن سنھين وار نالين مان رت جون وڏيون ناليون ٺھن ٿيون جن کي ھئپٽڪ پورٽل نس (Hepatic portal vein) چئبو آھي. اھي جذب ٿيل کاڌي کي جيري ۾ کڻي وڃن ٿيون جڏھن ته چرٻيءَ جا جذا رت جي نالين بجاءِ لمف نالين وسيلي وڏن جزن ۾ تبديل ٿين ٿا. جنھن جي ذريعي چرٻيءَ جا جزا لمفيٽڪ سرشتي ذريعي رت جي نالين ۾ شامل ٿي وڃن ٿا.
ولائي اٽڪل ھڪ ملي ميٽر ڊيگھ وارا آھن اليم ۾ اٽڪل پنجاھھ لک ولائي ٿين جن جي ڪر ي  اليم جي اندرين سطح جي پکيڙ اٽڪل ٽيھھ چورس ميٽر ٿي وڃي ٿي.

انسان ۾ ھاضمي جو عمل
انسان ۾  ھاضي جو عمل ھاضمي جي عضون (Digestive organs) جي ڪري ٿئي ٿو. ھاضمي جي عضون کي ھاضمي جي غدودن ۽ ھاضمي جي ناليءَ ۾ ورھائجي ٿو.
ھاضمي جا غدود جيرو (Liver) ۽ لبلبو (Pancreas) آھن جيڪي کاڌي جي ڪيميائي  ھاضمي لاءِ رطوبتون پيدا ڪندا آھن. اھي رطوبتون ننڍي آنڊي ۾ کاڌي سان شامل ٿين ٿيون.
ھاضمي جي ناليءَ جا حصا بڪل ڪيوٽي (Buccal cavity)، کاڌي جي نالي (Esophagus)، معدو (Stomach) ننڍو آنڊو (Small intestine) ۽ وڏو آنڊو (Large intestine) آھن.

ھاضمي واري عمل جا مرحلا ھن ريت آھن.
(1)           کاڌي جو ڳھڻ (Ingestion)
(2)           ھضم ٿيڻ (Digestion)
(3)           جذب ٿيڻ (Absorption)
(4)           تحليل ٿيڻ (Assimilation)
(5)           نيڪال (Egestion)

(1)           کاڌي جو ڳھڻ (Ingestion)
کاڌو وات ۾ داخل ٿيڻ بعد ڏند کاڌي جي وڍڪٽ ڪن ٿا ۽ کاڌي کي ٽڪرن م ڀڃي ڀوري ڇڏين ٿا. ان عمل ۾وات جي پاڻياٺ ٿڪ  (Salvia) کاڌي کي نرم ۽ پٽڙو ڪري ٿي اھو کاڌو آسانيءَ سان نڙيءَ مان اڳتي ڳيھجي ٿو. ان کي کاڌي جو مڪينيڪل ھاضمو چئجي ٿو.

(2)           ھضم ٿيڻ (Digestion)
کاڌي جو وات ۾ مڪينيڪل ۽ ڪيميڪل ھاضمو ٿئي ٿو. ان بعد کاڌو ايسوفيگس مان گذري معدي ڏانھن پھچي ٿو.
معدي جي ٿيلھيءَ ۾ کاڌو ٻه ٽي ڪلاڪ رھي ٿو جتي معدي ۾موجود غدودن جا انزائيمس ۽ رينن (Renin) ۽ پيپسن (Pepsin) کاڌي جو مڪينيڪل ۽ ڪيميڪل ھاضمو ڪن ٿا. معدي ۾ ڪجھ ڪلاڪ  رھڻ بعد کاڌو پنھنجي اصليت وڃائي ھڪ پاڻياٺ نما ڪائيم(Chyme)  ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ ضرورت آھر ننڍي آنڊي ڏانھن وڃي ٿو.
ننڍي آنڊي جي پھرين حصي ڊيوڊينم ۾ کاڌي سان جيري ۽ لبلبي جا رس اچي ملن ٿا. جيڪي کاڌي تي عمل ڪري کاڌي کي وڌيڪ ھضم ٿيڻ لائق بنائين ٿا، ننڍي آنڊي جي پوئين حصي اليم ۾ کاڌو ڌڪجي اچي ٿو.

(3)           جذب ٿيڻ  (Absorption)
ننڍي آنڊي جي پوئين حصي ۾ کاڌو پھچڻ تي ھضم ٿيڻ جو عمل پورو ٿئي ٿو ۽ جذب ٿيڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو اليم ۾ موجود ولائي جي مدد سان کاڌو جذب ٿي رت سان ملي وڃي ٿو.

(4)           تحليل ٿيڻ (Assimilation)
حل ٿيل کاڌو ھضم ٿيڻ کان پوءِ  رت جي ذريعي سڀني گھرڙن ڏانھن پھچي ٿو. گھرڙن ۾ کاڌو ضرورت مطابق استعمال ٿيڻ لڳي ٿو ان کي کاڌي جو تحليل ٿيڻ چئبو آھي.
جسم لاءِ غير ضروري جزا جيڪي ھضم ڪونه ٿا ٿين اھي وڏي آنڊي ۾ اچن ٿا جتي وڏي آنڊي جي حصن سيڪم (Caecum)، اپينڊڪس (Appendix)، ڪولون (Colon) ۽ ريڪٽم ( Rectum)مان گذرن ٿا جنھن دوران پاڻيءَ جو ڪافي حصو جذب ٿي وڃي ٿو.

(5)           نيڪال (Egestion)
پاڻيءَ جي جذب ٿيڻ بعد باقي بچيل بيڪار مادا ريڪٽم ۾ ڪجھ وقت لاءِ جمع رھن ٿا انھن بيڪار مادن کي ڪاڪوس (Faeces) چئبو آھي جيڪو بعد ۾ نيڪال واري سوراخ (Anus) مان جسم کان ٻاھر نيڪال ٿي ويندو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت