ليڪچر ــ ڀٽائي جو نظريو - سهيڙيندڙ: انور ابڙو
سنڌ، ترقي پسند ادبي تحريڪ ۽ ڀٽائيءَ جي
حقيقي فڪر ۽ نظرئي جو شارح، جيڪو پاڻ چوي ٿو ته کيس ڀٽائيءَ جو شانسٽ ڪوٺيندا آهن
۽ هڪ وڏي ادبي ۽ صحافتي نالي واري مانائتي انور پيرزادو کان “ڀٽائيءَ جو نظريو”
واري موضوع تي 26 آگسٽ 1988ع تي سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران ليڪچر ڪرايو ويو. هن
پروقار تقريب ۾ نئين ٽهيءَ جي ترقي پسند شاعرن، اديبن ۽ عام سياسي شخصيتن جهجهي
تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪارروائيءَ جي ابتدا انور ابڙي ڀٽائيءَ جي بيت سان ڪندي
سنگت ڏوڪريءَ جي سيڪريٽري ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار نثار کوکر کي مانائتي مهمان انور پيرزادي
جي مانَ ۾ آجياڻي وارا لفظ چوڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي هلائڻ لاءِ سڏ ڪيو.
نثار کوکر جي آجياڻي کان پوءِ نئين ٽهيءَ
جي ترقي پسند شاعر محمد علي پٺاڻ، انور پيرزادو تي لکيل پنهنجو تعارفق مقالو پڙهيو.
هن چيو ته “رسول حمزه طوف چيو هيو ته اهو نه چئه ته مون کي موضوع ٻڌاءِ. اهو چوڻ
گهڻو بهتر آهي ته مون کي اکيون ڏي.” انور وٽ موضوع به پنهنجا آهن، ته مسئلا به
پنهنجا آهن. هن پنهنجي اکين سان جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، اهو ئي لکيو آهي. هن شيخ اياز
وانگر مهاڻيءَ کي سينگاريءَ جا ڇلڙ لاهڻ جهڙي تصوراتي ۽ بناوٽي ڳالهه ڪڏهن به نه
چئي آهي. هن کان لکت ۾ هيل تائين مشهادي جي ڪابه چڪ نه ٿي آهي. هن پنهنجي هر تخليق
کي باريڪ بينيءَ سان جاچي پوءِ لکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انور بنيادي طور تي نظم ۽
آزاد نظم جو ذهين ترين شاعر اهي، پر هن وايون. غزل، ترائيل، هائيڪا، نثري نظم ۽
گيت به اهڙي مهارت سان لکيا آهن، جو هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍڻ ڏکيا آهن. شاعريءَ
کان علاوه ڀٽائيءَ تي نئين رخ کان تحقيقي مضمون، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ اخباري رپورٽون
به پنهنجي حساب سان مختلف انداز ۾ لکيون آهن. هو اديب هئڻ سان گڏ هڪ با ضمير صحافي
پڻ آهي.
محمد علي پٺاڻ کان پوءِ نئين نسل جي
ترجمان ۽ اتساهيندڙ تخليقن جي سرجڻهار انور پيرزادي پنهنجي ليڪچر جي شروعات ڪئي.
انور پيرزادي چيو ته ”ڀٽائي جي ( ideologyنظرئي) کي معلوم ڪرڻ لاءِ هن جي شاعريءَ جو ( totalityتڪميل) ۾ تجزيو ڪرڻو پوندو. هن جي شاعري ڇا
آهي؟. صوفي ازم ۽ ان جي معنيٰ ڇا آهي؟ هن جو مذهب ڪهڙو آهي؟ خدا تعاليٰ متعلق هو ڇا
ٿو چوي؟ ڀٽائي 1689ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪري ويو. (اهي سن مهرباني ڪري ياد
رکجو.) ڪارل مارڪس 1818ع ۾ پيدا ٿيو 1883ع ۾ وفات ڪري ويو. 1717ع ۾ شاهه عنايت جي
تحريڪ پئدا ٿي ۽ 1871ع ۾ پئرس ڪميون ٿي هئي.
اسان جي سياسي ڪتابن ۾ هينئر انقلابي
جدوجهد، جيڪا سڄي دنيا جي آهي، جيڪا سوشلزم ۽ ڪميونزم ڏانهن وٺي ٿي وڃي. ان لاءِ ڪا
بغاوت ٿي هئي، جنهن کي ان وقت جي بادشاهن چيڀاٽي ڇڏيو هيو. انهيءَ جو ذڪر پئرس ڪميون
جي نالي سان ملي ٿو. جيڪا 1871ع ۾ ڪچلي ويئي هئي. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو سوشلزم جو
پهريون تجربو سڄي دنيا جي تختي تي 1717ع ۾ جهوڪ ۾ ٿيو آهي. انهيءَ کان اڳ ۾ ڪٿي به
ناهي ٿيو. اسان کي فخر ڪرڻ جي لاءِ تمام وڏيون علامتون آهن. دنيا جي پهرئين جمهوري
علامت موهن جي دڙي جي سرن مان ملي ٿي. مائيڪل جانسين ۽ ٻين محققن مطابق، پر اسان
دنيا جي انهن سڀني مظلوم ماڻهن وانگر آهيون، جن ۾ خاميون به آهن ته بهادريءَ جا اهڃاڻ
به ۽ ٻيو به سڀ ڪجهه آهي، انهيءَ سڄي
totality کي ڀٽائي پنهنجي شاعري
۾ سميٽيو آهي، ڀٽائي جي جيڪا سڄي شاعري آهي، هن جو مذهب، هن جو سياسي نقطه نظر، هن
جو اقتصادي حالتن تي رد عمل ۽ هن جو سماجيات تي بحث، سنڌ جي تاريخ جون اهم ڪڙيون
آهن، جن کي هن قلمبند ڪيو آهي. اهي روايتون، هن جا انهيءَ وقت جي عظيم شاعرن جي
شاعريءَ جا ترجما، جيئن اسان اڄ محمود درويش ۽ ايران جي انقلابي شاعرن جا نثري
ترجما ڪري رسالن ۾ ڇپايون ٿا، تيئن ڀٽائيءَ به پنهنجي دؤرجي تمام وڏن ڪوين جا ڪي
چند سٺا شعر کڻي جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. ڀٽائي جي سموري شاعريءَ کي
مجموعي طور تي ڏسجي ٿو ته انهيءَ مان هن جي آئڊيولاجي (نظريو) ۽ زندگيءَ متعلق هن
جو رخ معلوم ٿئي ٿو. ادب متعلق ڀٽائي جي ائڊيولاجي چٽي آهي. سياسي نظام متعلق هن
جو نظريو ڇا آهي؟ اقتصادي صورتحال کي هن ڪيئن سمجهيو آهي؟ سماجي ۽ سنڌ جي تاريخي
اهڃاڻن کي هن ڪيئن ڏٺو آهي؟ ڪيئن انهن کي قلمبند ڪيو اٿائين؟ انهن سڀني شين کي ڀٽائي
سميٽيو آهي.
انور پنهنجي ليڪچر کي جاري رکندي چيو
ته، ”ڀٽائي اڍائي پوڻا ٽي سئو سال اڳي جو شاعر آهي، جنهن کي عام طور تي اسان جا
نوجوان، اڄ جي دؤرجا توڙي پراڻي ٽهيءَ جا ڇو ته پراڻيءَ ٽهيءَ جي سنڌي اديبن تي ڀٽائيءَ
کي قرآن جو مترجم ۽ مذهبي شاعر ڪري پيش ڪيو آهي، انهن ته ڀٽائي کي سمجهيو ئي ناهي.
انهن لاءِ ڀٽائي چيو هو:
ڏسي پسي
الله، ٿا ٽٻي هڻن ڌوڙ ۾.
ڀٽائيءَ کي سمجهڻ جي صلاحيت اسان جي
موجوده نئين نسل ۾ پئدا ٿي آهي، جيڪو هن کي ( ownقبول) به ڪري
ٿو ۽ پرکڻ به چاهي ٿو، پر ڀٽائيءَ متعلق هنن جي ذهن ۾ هڪڙا عجيب خيال پئدا ٿيا
آهن، ته هو پراڻي زماني جو شاعر آهي. پر توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته دنيا ۾ ورلي
ائين ٿيو آهي، جو هڪڙي ٻولي (سنسڪرت) جو عظيم شاعر اڃان تائين عظيم شاعر ليکيو وڃي
ٿو جڏهن ته هن جي ٻولي استعمال ۾ ئي ڪانهي. اهو سنسڪرت جو شاعر آهي ڪاليداس.
عظيم شاعر جي حيثيت دنيا جي تاريخ ۾ ايڏي
اوچي ٿيندي آهي جو ان جي ٻولي مروج به ناهي ته به هو دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪڙو
آهي. ڀٽائي جي ٻولي ته هينئر انتهائي ترقي يافته دؤرمان گذري رهي آهي. ان جا ڳالهائڻ
۽ پڙهڻ وارا بيشمار آهن. سو مجموعي طور تي ائين چئي سگهجي ٿو ته ڀٽائي جي جيڪا به
آئڊيولاجي آهي، سا نه صرف
humanist آهي ۽ نه صرف هن
جي نظرئي ۽ پاليسيءَ ۾ انسانيت پرستي آهي، پر پنهنجي دؤرجي ترقي پسندي پڻ هن جي آئڊيولاجيءَ
۾ موجود آهي. ترقي پسندي
relative term آهي. نسبتي طريقي سان ترقي پسنديءَ کي جاچيو ويندو آهي. غلاميءَ واري
دؤرکان جاگيرداري دؤرکي ترقي پسند چوندا آهن. جاگيرداري دؤرکان بورزوا نظام يا
سرمائيداري نظام کي ترقي پسند دؤرچوندا آهن ۽ سرمائيداري نظام کان سوشلسٽ نظام
ترقي پسند ليکيو ويندو آهي. اهڙي قسم سان انسان جيئن جيئن ترقي ڪري ٿو، تيئن جيڪا
ماضي ڇڏي ٿو، جيڪي جهرندڙ ۽ سماجي ڪرندڙ قدر آهن، اهي رجعت پسند تاريخ جي رجعت
پسند ڪٻاڙ خانن ۾ گم ٿي ٿا وڃن ۽ انسان کي ارتقائي طور ته هن جي مادي خاصيتن مطابق
اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي ٿو. جيڪا هن جي ترقي پسنديءَ واري رفتار آهي. ڀٽائي نه رڳو
پنهنجي دؤرجو ترقي پسند شاعر هيو، پر آءُ ٿو چوان ته ڀٽائي سنڌ جي مستقبل جو به
ترقي پسند شاعرآهي. دنيا جي ادب جڏهن ترقي ڪئي ته انهيءَ جي جيڪا اهم ترقي هئي، سا
اها ته هن انسان تي (
concentrateغور) ڪيو. هن
انسان کي
focus ڪيو. هن پنهنجي
اندر جي اک (جيئن ڪئميرا جي اک آهي) انسان تي فوڪس ڪئي. هينئر به دنيا جون جيڪي به
ترقي پسند بين الاقوامي ادبي تنظيمون آهن يا بين القوامي ڪانفرنسون ٿين ٿيون، انهن
۾ عالمي ترقي پسند ادب جي ڪسوٽي اها آهي ته اهو انسان تي ويچار ڪري. انسان کي
توجهه جو مرڪز بڻائيندي ڀٽائيءَ چيو:
”ڪوهه
ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس
ڏور تئائين ڏس،
اکر جئان ئي جڙيا.“
انور پنهنجي بحث کي جاري رکندي چيو ته: ڀٽائي
جي هيءَ لائين توهان ذهن ۾ رکو.
ڏور تئائين ڏس،
اکر جئائين جڙيا.
اکر ڪٿان جڙندا آهن؟ اکر انسان جي زبان
مان جڙندا آهن. اکر انسان وٽان ايندا آهن ته اکرن ۾ وچڙي وڃڻ هڪڙي ڳالهه آهي ۽ اکر
جتان پئدا ٿين ٿا اتي ويچار ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. سو اکر وسيلو آهن، انسان جي مظلوميت
کي چٽڻ جو، انقلابي امنگن کي چٽڻ جو، تاريخي ارتقا کي قلمبند ڪرڻ جو. موهن جي دڙي
جي اسڪرپٽ اڄ اسان پڙهي نه ٿا سگهون. ان کي ڪا معنيٰ هوندي، في الحال ته اهي اکر
آهن، سو، اسان ڄڻ ته ليڪا ٿا ڪڍو، انهن ليڪن کي ڪا معنيٰ آهي پر جي اکر انسان تي
ويچار نٿا ڪن، ان جي خدمت نه ٿا ڪن، ان کي عظيم تعظيم لائق نٿا بنائن ته اهو ادب براءِ
ادب آهي ۽ ادب براءِ زندگي جا جيڪي به نظريا آهن، انهن مان ڀٽائيءَ جي انهيءَ
لائين جي حوالي سان ته
”ڏور تئائين ڏس، اکر جئائين جڙيا“
مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي
جو نظريو ادب براءِ زندگي رهي آهي. مزيدار ڳالهه اها آهي ته ادب براءِ ادب ۽ ادب
براءِ زندگيءَ جو بحث ڀٽائي کان به ڏيڍ سئو سال پوءِ يورپ ۾ شروع ٿيو. ڀٽائيءَ جي
شاعري ۾ هڪڙا (universal ڪائناتي) قدر آهن. انهيءَ ڪري
هن جي شاعري مها شاعري آهي. نه رڳو ڀٽائي صاحب جي آڊيولاجي انسان پرست آهي، پر
ترقي پسند به آهي. ۽ نه رڳو پنهنجي دؤر۾ پر هن وصقت به، سنڌ جي موجوده مرحلن ۾ به
ترقي پسند آهي، هن جي مذهب سميت، رسالي ۾ مذهبي بيتن سميت اڄ جي دؤرجي ترقي پسند
شاعري آهي ۽ مستقبل جي به.“
موجوده حالتن سان ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي
لاڳو ڪندي، انور وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته، “جڏهن توهان وٽ ڪالا باغ ڊئم ٺهندو ۽ ان
خلاف پروپئگنڊا ڪرڻ تي سرڪار پابندي وجهندي، تڏهن توهان پمفليٽ لکي نه سگهندئو،
پمفليٽ لکندڙ هٿن ۾ هٿڪڙيون هونديون ۽ اهي لکندڙ ماڻهو جيلن ۾ بند هوندا. ڪو شاعر ڪالا
باغ ڊئم جو نالو وٺي نه سگهندو. ان وقت اهو هڪڙي بيت ڀٽائيءَ جو اسان جي اندر جو
تر مان ٿيندو، هڪٻئي کي پڙهي ٻڌائينداسين ته خبر پوندي ته هي ڪالا باغ ڊئم تي لکيل
بيت آهي:
سر سڪو سال ٿيا،
هنج هريو ئي پير
هن ڪنگ
ويچارو ڪير، جو رسي ان رمز کي.
اها علامتي شاعري آهي ۽ علامتي شاعري ئي
دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعري آهي. ڪيترا اسان جا جذباتي دوست چوندا آهن ته انهيءَ
علامتي شاعريءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي. نثر ۾ سنئين سڌي ڳالهه ڪيب آهي ۽ نظم ۾ سنوان سڌا
لفظ به استعمال نه ڪبا آهن. محاورا استعمال ڪبا آهن. زبان کي ( beautyخوبصورت) ڪبو آهي. شاعري لفظن جي ( composition
جڙاوت) آهي. جيئن آوازن جي ڪمپوزيشن راڳ ٿيندو آهي. سنگيت ٿيندي
آهي، تيئن لفظن جي ڪمپوزيشن کي شاعري چئبو آهي. انهيءَ ڪري انهيءَ ۾ ڪو فن پئدا ڪبو
آهي، ڪا سونهن ۽ جماليات پئدا ڪبي آهي. يعني جنگ جهڙي ميدان ۾ جتي جماليات جو ته
سلسلو ئي ناهي، جتي رت پيو وهي، جتي بارود جي ڌپ هجي، جتي: سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان،
ڌڙ ڍونڍيان سر ناهه. واري صورتحال هجي. انهيءَ تصوير ۾ ڪا سونهن ڀرڻ اوکو فن آهي.
ڪاري ڪڪر هيٺ
مون، جهيڙيندي ڇڏيا.
انهيءَ ۾ ڪينواس تي مٿان ڪارو ڪڪر اهي ۽
هيٺان رتو ڇاڻ آهي. ڀٽائي جي آڊيولاجي نه رڳو پنهنجي وقت جي ترقي پسند آئڊيولاجي
آهي ۽ انسان پرستي ان ۾ وڌل آهي پر انهيءَ ۾ اها humanism به
آهي، جيڪا مستقبل ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جو بنياد بڻي آهي. جيئن مون عرض ڪيو ته شاهه
عنايت جي تحريڪ هيٺين طبقي جي ماڻهن يج تحريڪ آهي. ڪارل مارڪس دنيا کي هڪڙي اهم ڳالهه
ٻڌائي ته: ”پورهيت طبقو بورجوا طبقي جو تختو اونڌو ڪري سگهي ٿو.“ اها هڪ نئين ڳالهه
هئي جيڪا هن پنهنجي دؤر۾ ٻڌائي هئي (مارڪس 1818ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1883ع ۾ وفات ڪئي
هئائين) 1717ع ۾ شاهه عنايت اهو تجربو ڪري ڏيکاريو ته، ”هاري رول بورجوازي جو اينٽي
ٿيسز آهي“ اهو ان جي ملڪيت تي قبضو ڪري سگهي ٿو ۽ سڄي ملڪيت مساوات سان ورهائي
سگهي ٿو. انهيءَ مان منهنجي چوڻ جي اها مراد ناهي ته مارڪس ڪجهه نه هو شاهه عنايت
سب ڪجهه هو. مارڪسزم ليننزم ڪجهه ناهي، ڀٽائيءَ جي آئڊيو لاجي سڀ ڪجهه آهي. پر آءُ
اهو به چوان ٿو ته ڀٽائيءَ جي آڊيولاجي به انقلابي آهي، جيئن مارڪسزم ۽ ليننزم هي
البت ڀٽائيءَ جي انقلابيت گهڻو آڳاٽي آهي. ڀٽائي مظلوم ماڻهن جو سڀني کان وڏو شاعر
آهي.
ڏکي توءِ ڏڪار،
توڙي وسن مينهڙا.
ٿر ۾ جڏهن مينهن وسندا آهن، سنڌ ۾ جڏهن ٻوڏون
ٿينديون آهن. آبادڪاري ٿيندي آهي، تڏهن هي صورتحال يٿندي آيه:
پاڻيهي پچي
پيئون، ريءَ واهت ريءَ واڙ
جوءِ ڪشادي جيڏئيين،
ملير موڪ مهاڙ.
اها ( agricultural economyزرعي
معيشت) جنهن ۾ بارشون پون ۽ فصل پاڻهي ڦٽي پون، انهن جي واهت به نه ڪجي، لوڙها به
نه هڻجن، اهو دؤرهو ڀٽائي وارو ته ڀٽائي زرعي معيشت ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته اهي ماڻهو
ايڏا سکي هئا، جيڪي اهڙي اقتصادي نظام ۾ رهندا هئا ۽ هنن جو سياسي نظام اهو هو ته:
نڪا جهل نه
پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾
آڻيو وجهن
آهرين، روڙيو رتا گل
مارو پاڻ املهه،
مليرئون مرڪڻو.
مان اهو نٿو چوان ته مارڪسزم ۽ ليننزم
کي نه پڙهو، رڳو ڀٽائيءَ کي پڙهو. پر هر ملڪ ۾ هر قوم ۾ انقلاب اتان جي مخصوص
حالتن مطابق ايندو آهي، ته حالتن جي اها مخصوصيت جيڪا آهي، اها ڇا آهي؟ اها ئي ڀٽائيءَ
وٽان سمجهي سگهجي ٿي:
سي مَرُ ٻڌن
سندرا، وندر جي وڃن
ٻيون ڪوهه ٻڌن،
ڇوڙي جي ڇڏينديون.
اها انقلابيت آهي.
سڀ ننگيون ٿي
نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ
سپريان جي سوڀ،
ننڊون ڪندي نه ملي.
پرينءَ پر
پرت مان، ٿو ساهڙ سڏ ڪري
نه گهڙان موٽ
وڃان، ته ڪا ساه سري
مرجان پرت پڙي،
گهران گهوريو جندڙي
اها پنهنجو سر قربان ڪرڻ واري ڀٽائي
صاحب جي جيڪا تلقين آهي، پنهنجي ڪردارن لاءِ:
ڪي ڪلهنئون ڪوريان،
ڪ جاجڪ جسي سين ڌنئيين
ڀٽائيءَ جا
اهڙا ڪيترائي بيت ملندا.
سو، ڀٽائي سنڌي ٻولي، سنڌ ۽ سنڌ ڌرتيءَ
تي رهندڙ عوام جو ترقي پسند انقلابي ۽ عظيم فنائتي شاعريءَ جو هڪڙو مها ڪوي آهي.
انور، مذهب بابت ڀٽائيءَ جي آئڊيولاجيءَ
جي وضاحت ڪندي چيو ته:
اينگلس لکيو آهي ته ( middle agesانساني تاريخ جي وچئين دور) ۾ اها روايت هوندي
هئي ته جيڪي به علم دنيا ۾ رجائج هوندا هئا، اهي theology يا مذهب جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيا
ويندا هئا. ستارن جو علم هجي، انساني جسم جي سائنس هجي، يا اخلاقيات هجي، جيڪو به
علم انهيءَ وقت موجود هوندو هو. اهو سڀ مذهب جي حوالي سان بيان ڪيو ويندو هيو. ڇاڪاڻ
ته ماڻهو مذهبي زبان وڌيڪ سمجهندا هئا. ماڻهوءَ سان جڏهن رجوع ڪبو آهي، جڏهن عوام
سان ڳالهائبو آهي ته انهن جي زبان ۾ ڳالهائبو آهي. جيڪا هو سمجهي سگهن. جڏهن ڀٽائي
صاحب ڏٺو ته هي سڀ سنڌي مسلمان جيڪي سنڌ جي علائقي ۾ رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڀٽائي سنڌي
شاعر هيو. هن جي
constituency سنڌي مسلمان جي
هئي ته هن جيڪي مذهب تي شاعري ڪئي سا خبرداريءَ سان هڪ هڪ لفظ کي ڏسي هن مذهب تي
شاعري ڪئي. ڇاڪاڻ ته اهو دؤر سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي مذهبي ڪٽرپڻي جو دؤر هيو.
اهو سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ جهنگلي ماحول هيو. جنهن ۾ ڀٽائي جهڙو عظيم انسان
ايڏي حساس دل رکندڙ شاعر جيئرو هيو. سنڌي ماڻهن جي تاريخ بيان ڪندي ڀٽائيءَ چيو هو:
جا اسلامان اڳي
هئي، سا سئائون ٻانگ.
پر سنڌين جي ملڪ ۾ مسجند اندر رجسٽر
رکيا ويندا هئا، جنهن ۾ هر نماز جي ٽائيم تي حاضري لڳائي ويندي هئي ۽ اهو لکيو
ويندو هيو ته اوسي پاسي گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو جيڪڏهن نماز پڙهڻ ناهن آيا ته شهرن جو
چونڪن تي انهن کي ڦٽڪا هنيا ويندا. انهيءَ دؤر۾ ايڏي ٻوسٽ جي گهٽ جي ماحول ۾، اهو
اهڙو ماحول ٿيندو آهي، جڏهن ڪوئي ڳالهائي ناهي سگهندو. هي اهو دؤرهيو 1717ع وارو،
باوجود انهيءَ جي ته ڀٽائي کي تمام ڊگهي ۽ انقلابي تحريڪ جو پسمنظر هيو. هو 28
ورهين جو جوان هو. جڏهن سندس دؤرواري جهوڪ تحريڪ کان هو سڌو متاثر ٿيندي نظر اچي ٿو
۽ اهو ئي سبب هيو جو جڏهن شاهه عنايت شهيد ٿيو ۽ انهيءَ جا جيڪي تمام ويجهڙا ڪامريڊ
شهيد ٿيا، ۽ باقي جيڪي بچيا انهن کي جيل جون سزائون مليون، ۽ انهن مان جيڪي پاڻ
بچائي ويا، اهي جبلن ۾ هليا ويا ته هن ڀرپور مذهب جي اوٽ ۾ شاعري ڪئي. مذهب تي ڀٽائيءَ
جيڪو لکيو آهي، اهو پڙهي ايمانداريءَ سان مون کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڀٽائي هي
محاورا، هي مذهبي رسمن جا نالا، اهي صرف انهيءَ ڪري ورتا آهن ته ماڻهو اها ڳالهه
سمجهن.
جان جان پسين
پاڻ کي، تان تان ناههِ نماز
سڀ وڃائي سان
تهان پوءِ تڪبير چئه.
ڀٽائي سيڪيولرازم جو پيغمبر آهي. اهو ڀٽائي
صاحب جي آئڊيولاجي جو هڪڙو جدا پهلو آهي ته سيڪيولر ازم جو جيڪو نظريو آهي، اهو ڪهڙو
آهي؟ اهو اُهو آهي ته انسان جي جيڪا سماجي، سياسي، اقتصادي، دنوي زندگي آهي، ان
سان مذهب جو ڪوبه تعلق ڪونهي. انهيءَ کي سيڪيولر ازم چئبو آهي. ڀٽائي اهڙو مذهبي
شاعر ناهي، جهڙو ڪيترا دوست سمجهن ٿا. هن جو جيڪو رسالو آهي، ان سان زيادتيون ٿيل
آهن. انهيءَ جي ترتيب سان هاڃا ٿيل آهن. گنج سڀ کان پراڻو نسخو آهي. جيڪو ڀٽ شاهه
تي پيو آهي، انهيءَ ۾ سڀ سر، سڀ بيت ۽ بيشمار اُهي بيت جيڪي ان وقت ماڻهن کان ٻڌا
ويا هئا، اهي سڀ انهيءَ ۾ سهيڙيا ويا آهن. انهيءَ گنج کان اڳ ۾ چوٽيهه نسخا مليا
آهن ۽ اڃا به جيڪڏهن سنڌ ۾ ڳولجن ته بيشمار ملندا ۽ اهي سڀئي رسالا جيڪي به گنج
تائين مليا آهن، انهن جي ڏنل ترتيب ۾ شروعات سر سسئيءَ آبيءَ کان ٿئي ٿي. جنهن جو
پهريون بيت اهو آهي ته:
پرتوو پرينءَ
جو، جهڙ جيان جهالا ڏئي
آءٌ تنهن آريءَ
کي، ويٺو راهه روئان گهڻو.
۽
انهيءَ گنج کان پوءِ وري جيڪي به رسالا ڇپيا. انهن سڀني کي سر يمن ڪلياڻ کان شروع ڪيو
ويو. سر يمن ڪلياڻ کان انهيءَ ڪري ڇاڪاڻ ته هي سر شام جو راڳ آهي. (ڇاڪاڻ ته
انهيءَ وقت تقرير ڪرڻ جي گنجائش ڪانه هئي، انهيءَ وقت سياسي سرگرمين تي بندشون
هيون. جڏهن ڀٽائي پنهنجو رسالو پئي لکيو، انهيءَ ڪري هن مذهبي اوٽ وٺي، مذهب جي
روپ ۾ لکيو، اهو نياپو هيو. اها
style هوندي هئي ۽ اهڙي
قسم سان جيئن رات ٺرندي ويندي هئي، تجيئن وقت مطابق راڳ ڳائيندا ويندا هئا.
مالڪوس رات جو راڳ آهي ۽ انهيءَ کان
پوءِ پوئين رات ۾ پرڀاتي، آسا ۽ انهيءَ کان اڳ ۾ راڻو، سورٺ، ڳائي صبح جو بس ڪندا
هئا. ڀٽائي جي درگاهه تي نماز مهل صبح جو سر (هينئر تائين) مارئي پڙهندا آهن. ته
انهيءَ جي ڪري رسالي کي جڏهن (
musical compositionسنگيت سٽا)
ملي. تڏهن سر يمن ڪلياڻ آڏو آيو. البت ڀٽائي کي اهڙي قسم جو شاعر ڪري پيش ڪرڻ ته
هن جي شاعري قرآن جو سنڌي ترجمو آهي، انهيءَ شوق ۾ اسان جي دوستن ان کي اها ترتيب ڏني
آهي. انهيءَ ڪري توهان ڀٽائي صاحب کي پڙهو تڏهن ان ڳالهه کي ذهن ۾ نه رکو، صرف ان
جي
musical ترتيب کي ذهن ۾
رکو. باقي جهڙي وقت توهان ان کي
content ۾ پڙهندؤ ته ڀٽائي ۽ توهان پاڻ
۾ دوبدو هوندؤ. ۽ ان جي سموري جيڪا آئڊيولاجي آهي. اها توهان جي سمجهه ۾ اچي ويندي.“
انور، خدا بابت ڀٽائيءَ جي آئڊيولاجيءَ
جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته: ”ڀٽائي بي شرڪ کي رد ڪري ٿو.“ چوي ٿو ته:
جي بي شرڪ ڀانئين
پاڻ کي، ته عين شرڪ ايءُ
خدا تعاليٰ سان ان جي ڪنهن به تخليق کي ڀيٽائڻ
کي شرڪ چئبو آهي. ڀٽائي صاحب ان کي رد ڪري ڇڏيو. انهيءَ کان سواءِ ڀٽائي صاحب والٽيئر
واري ٿيوري ته:
It is not god who
has created man.
It is the man who
has created god.
پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪئي آهي. ڀٽائي
صاحب صبر ۽ شڪر کي به رد ڪيو آهي:
”صبر ۽ شڪر
کي، ڪاڏي آءٌ ڪندي؟
آهيان جنهن
سندي، سو ته گهر جي ساڻ مون.“
انور، جاگيرداري قدرن جي مڪمل نفي ڪرڻ
واري عورت جي آزاد حيثيت بابت ڀٽائيءَ جي آئڊيولاجي جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته:
ساهڙ ڌاران
سهڻي، اڌوتي آهي
ڪنڍيون جو ڪاهي،
پاسي تنهن پاڪ ٿئي.
تهڙا چاليها
نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو.
اگم ايءُ نه
انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو.
مڙس کي ڇڏي جيڪا عورت درياءَ ٽپي ميهر
سان ملڻ ٿي وڃي، انهيءَ کي 1689ع ۽ 1752ع کي ته ڇڏي ڏيو، پر ويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي
۾ اسان جي (
middle classوچولي طبقي) جا پڙهيا
لکيا ماڻهو ڪاري ٿا ڪن. ڀٽائي ان جو (
defenceبچاءُ) ڪيو آهي.
اهو بيت پڙهي. آءٌ محسوس ڪندو آهيان، ته هتي ڀٽائي انارڪسٽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن انارڪسٽ
ٿيڻ ضروري ٿيندو آهي، ڪنهن شئي کي انتهائي شدت سان (condemn
رد) ڪرڻ ۽ مذمت ڪرڻ جي لاءِ ڀٽائي عورت جي آزادي جي (حمايت) ڪرڻ
جي لاءِ عورتن جي حوالي سان انارڪزم جي حد تائين وڃي چيو آهي ته:
ڏم پاسي ۾ ڏکندو،
صحت وٽ سنگهار.
يعني هوءَ جڏهن مڙس سان سمهيل آهي، تڏهن
ناپاڪ آهي، جيستائين ساهڙ سان نٿي ملي، تيستائين ناپاڪ آهي، اڌوتي آهي، اڌوتل آهي،
هن کي مٿي ۾ تڙ آهي، ڪنڍيون جو ڪاهي، پاسي تنهن پاڪ ٿئي.
۽ جڏهن
اتي ٿي وڃي ميهر وٽ، تڏهن پاڪ ٿي ٿئي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيا به بيت اٿس.
ڀٽائي عورت جي معاملي ۾ جيڪي به
جاگيرداري قدر آهن، انهن سڀني کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پيريءَ جو جيڪو ادارو آهي،
انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
انور، آخر ۾ چيو ته:
”ڀٽائي کي ذاتي طور
تي مون جيئن ڏٺو آهي ۽ وري هڪڙي شاعر جي من سان به هن جي شاعريءَ کي پڙهيو آهي ته ڀٽائي
سان عقيدت جي باوجود (ڀٽائي جهڙي شاعر سان عقيدت به ٿي سگهي ٿي). پر انهن سڀني ڳالهين
کي ڇڏي بنا ڪنهن جهجهڪ جي چئي سگهجي ٿو ته ڀٽائي نه رڳو سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جو
نه رڳو ترقي پسند، ڪميٽيڊ ۽ تمام وڏو عوامي ۽ تخليقي شاعر آهي پر هو ماضي، حال ۽
مستقبل جو عظيم شاعر آهي.
سهيڙيندڙ:
انور ابڙو
Comments
Post a Comment