انسان ۾ ساھ کڻڻ

انسان ۾ ساھ کڻڻ
انسان ۾ ساھ کڻڻ جو عمل ٻن ڦڦڙن ۽ انھن سان ڳنڍيل نالين تي مشتمل آھي، ڦڦڙ سيني ۾ پاسراٽين جي پڃري ۾ بند ٿيل آھن جن جون ڀتيون اڳئين پاسي سيني سان ۽ پٺئين پاسي ڪرنگھي سان مخصوص مشڪن جي ذريعي ھونديون آھن ھيٺين پاسي وري ھڪ جھليءَ جھڙو شڪمي پڙدو (Diaphragm) ٿئي ٿو.

ھوا نڪ مان ڦڦڙن ڏانھن ناسن ذريعي وڃي ٿي. نڪ جي ناليءَ جو اندريون حصو گھميل ۽ ھلڪو گرم رھي ٿو جنھن ۾ ميوڪس (Mucus) مادو پيدا ڪندڙ ۽ سيليا جي گھرڙن جي مٿاڇري تي رت جون سنھيون وار نليون موجود ٿين ٿيون، ان ڪري ھوا داخل ٿيڻ شرط گھمجي وڃي ٿي ۽ گرميءَ جو درجو به جسم جي مناسبت سان ٿي وڃي ٿو. ھوا ۾ شامل جيوڙا ۽ مٽيءَ جا ذرڙا گھميل مادي سان چنبڙي وڃن ٿا جيڪي سيليا وسيلي فيرنڪس ڏانھن ۽ اُتان جسم کان ٻاھر يا جسم جي اندر ھليا وڃن ٿا.

ھاڻي ھوا ساھ جي نالي ٽريڪيا ۾ داخل ٿئي ٿي. ٽريڪيا 12 س م ڊگھي آھي جنھن جو مٿيون ڇيڙو آواز جي پيتي ليرنڪس (Larynx) سان ڳنڍيل آھي ليرنڪس جو سوراخ گلوٽس (Glottis) آھي جنھن ۾ ھڏائين شڪل جھڙو مُڙيل ڍڪڻ ائپي گلوٽس (Epiglottis) آھي. نڙيءَ جي ڀتين ٻاھران ھڏيءَ نما اڌورا ڇلا آھن جيڪي نڙيءَ کي کليل رکن ٿا. ٽرئڪيا جي ٻنھي پاسي سوڙھيون شاخون برونڪائي (Bronchi) آھن جن جي بناوت ٽريڪيا جھڙي آھي. اھي برونڪائي ڦڦڙن ۾ داخل ٿين ٿيون جن جون شاخون سڄي ڦڦڙ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون. 

ھر برونڪيول جي وچ ۾ سنھڙا ھوائي خانا (Air Sas) ٿين ٿا جيڪي ايلوولائي (Alveoli) سڏبا آھن. ايلويولائي ۾ رت ۽ ھوا ۾ گئسن جي مٽاسٽا ٿيندي آھي. ايلويولائي جون ڀتيون ساھ کڻڻ واري عمل لاءِ ميدان مھيا ڪن ٿيون جيڪو رت جي سنھڙين وار نلين سان ويڙھيل ھوندو آھي. انھن وار نلين وسيلي آڪسيجن رت ۾ شامل ٿئي ٿي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ رت مان ايلويولائي ذريعي ٻاھر نيڪال ٿئي ٿي.


Back to Index



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت