گئسن جي مٽاسٽا ۽ جيو گھرڙي ۾ ساھ کڻڻ ۾ فرق

ساھ کڻڻ ۽ روشنائي ترڪيب جي عمل ۾ ڪھڙا فرق آھن؟
1)               روشنائي ترڪيب ۾ توانائيءَ سان ڀرپور وڏا نامياتي ماليڪيول ٺھن ٿا جڏھن ته ساھ کڻڻ جي عمل ۾ انھن وڏن نامياتي ماليڪيولن کي ڳاري توانائي حاصل ڪئي وڃي ٿي.
2)               روشنائي ترڪيب اينڊو ٿرمڪ ري ايڪشن (Endothermic reaction) آھي جڏھن ته ساھ کڻڻ جو عمل ايگزو ٿرمڪ ري ايڪشن (Exothermic reaction) آھي.
3)               روشنائي ترڪيب جو عمل پن جي سائي مادي ۾ ٿئي ٿو جڏھن ته ساھ کڻڻ جو عمل ھر ھڪ جيو گھرڙي جي مائٽو ڪونڊريا ۾ ٿئي ٿو.
4)               روشنائي ترڪيب صرف ڏينھن جو ٿئي ٿو ۽ ساھ کڻڻ جو عمل ڏينھن توڙي رات جاري رھي ٿو.
5)               روشنائي ترڪيب ۾ ٻوٽي جو وزن وڌي ٿو جڏھن ته ساھ کڻڻ ۾ ٻوٽي جو وزن گھٽجي ٿو.
6)               روشنائي ترڪيب ۾ آڪسيجن حاصل ٿئي ٿي جڏھن ته ساھ کڻڻ ۾ آڪسيجن استعمال ٿئي ٿي.
7)               ڪيميائي مساواتون فرق کي ظاھر ڪن ٿيون

انسپائيريشن ۽ ايڪسپائيريشن ۾ فرق
ساھ کڻڻ جي عمل دوران ھوا جو ڦڦڙن ۾ داخل ٿيڻ انسپائيريشن (Inspiration) يا انھيليشن (Inhalation) سڏبو آھي جڏھن ته ھوا جي ڦڦڙن مان ٻاھر نڪر واري عمل کي ايڪسپائيريشن (Expiration) يا ايگزھيليشن (Exhalation) چئبو آھي.

گئسن جي مٽاسٽا ۽ جيو گھرڙي ۾ ساھ کڻڻ ۾ فرق
گئسن جي مٽاسٽا وارو عمل ساھ جي نالين وسيلي گئسن جو صرف جذب ٿيڻ تائين محدود آھي جيڪو سڌو يا اڻ سڌو رت جي مدد سان ٿئي ٿو جنھن ۾ توانائي جو ڪوبه عمل دخل نه ٿو ٿئي جڏھن ته جيوگھرڙي ۾ ساھ کڻڻ جو عمل واضح طور تي گھرڙن ۾ موجود اينزائيمس جي مدد سان ٿئي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ کاڌي جي آڪسيجڻ ڪري توانائي نيڪال ٿئي ٿي.

آڪسيجن سان ۽ بغير آڪسيجن ساھ کڻڻ ۾ فرق
آڪسيجن سان ساھ کڻڻ جي عمل لاءِ آڪسيجن ضروري آھي ھن عمل ۾ توانائي زيادھ مقدار ۾ ملي ٿي جڏھن ته بغير آڪسيجن ساھ کڻڻ ۾ آڪسيجن جي ضرورت نه ٿي پوي ھن عمل ۾ ٿوري مقدار ۾ توانائي ملي ٿي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت