ذوالحج جا روزا



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ذوالحج جا روزا
-------
 (1) ارشادنبوي ﷺ آهي:
عَنۡ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلى الله عليه وسلم قَالَ  مَا مِنْ أَيَّامٍ أَحَبُّ إِلَى اللَّهِ أَنْ يُتَعَبَّدَ لَهُ فِيهَا مِنْ عَشْرِ ذِي الْحِجَّةِ يَعْدِلُ صِيَامُ كُلِّ يَوْمٍ مِنْهَا بِصِيَامِ سَنَةٍ وَقِيَامُ كُلِّ لَيْلَةٍ مِنْهَا بِقِيَامِ لَيْلَةِ الْقَدْرِ  (ترمذی شریف کتاب الصوم مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم عشر ذی الحجۃ ج 1 ص 372  )
”حضرت ابو هريرة ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڏينهن مان ڪنهن به ڏينهن ٻانهي جي عبادت ڪرڻ الله پاڪ کي ايتري محبوب ۽ پسنديده نه آهي جيتري قدر عشره ذي الحج ۾ محبوب آهي 


(يعني انهن ڏينهن جي عبادت الله پاڪ کي ٻين سمورن ڏينهن کان وڌيڪ محبوب آهي) انهيءَ عشري جي هر ڏينهن جو روزو پوري سال جي روزن جي برابر آهي، ۽ ان عشري جي هر رات جا نفل شبِ قدر جي نفلن جي برابر آهن.
صاحبِ فتاويٰ عالمگيرية لکيو آهي ته ذي الحج مهيني جي پهرين نون ڏينهن جا روزا رکڻ مستحب آهن. (فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم ج 1 ص 201)

(2) ارشادنبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي قَتَادَةَ قَالَ قَال رَسُوۡلُ اللہ صلى الله عليه وسلم صِيَامُ يَوْمِ عَرَفَةَ إِنِّي أَحْتَسِبُ عَلَى اللَّهِ أَنْ يُكَفِّرَ السَّنَةَ الَّتِي بَعۡدَہٗ  وَالسَّنَةَ الَّتِي قَبۡلَہٗ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم ج 1 ص 46۔ مسلم شریف کتاب الصوم ج 1 ص 196۔ 197۔ سنن ابو داؤد شریف کتاب الصوم ج 1 ص 53۔ سنن ابن ماجۃ ابواب الصیام ص 40۔41۔ مسند احمد بن حنبل ج 5 ص 307۔ سَنن بیھقی ج 4 ص 283۔ مجمع الزواءد ج 3 ص 190۔ مصنف ابن ابی شیبۃ ج 3 ص 96-97)
  ”حضرت ابو قتاده ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته آءُ الله پاڪ کان اميد ٿو ڪريان ته نائين ذي الحج جي ڏينهن جو روزو ايندڙ سال ۽ پهرين سال وارن گناهن جو ڪفارو بڻجندو.
عرفه جو ڏينهن جيڪو دراصل حج جو ڏينهن آهي. روزي جي اها فضيلت ۽ ترغيب حاجين کان علاوه ٻين جي لاءِ آهي. ۽ حاجين جي لاءِ انهيءَ ڏينهن جي خاص عبادت ۽ مقبول ترين عبادت ميدانِ عرفات جو وقوف (ترسڻ) آهي جنهن جي لاءِ ظهر ۽ عصر جي نماز مختصر ۽ گڏ پڙهڻ جو حڪم آهي ۽ ظهر جي سنتن کي به ان ڏينهن ڇڏڻ جو حڪم آهي، اگر حاجي سڳورا ان ڏينهن جو روزو رکندا ته انهن جي لاءِ عرفات جي ميدان ۾ وقوف ڪرڻ ۽ سج لهڻ سان ئي مزدلفي جي طرف روانگي مشڪل ٿي ويندي. تنهن ڪري حاجين جي لاءِ عرفه جي ڏينهن روزو رکڻ پسنديده نه آهي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن حجة الوداع جي موقعي ته پنهنجي عمل جي ذريعي به ان جي تعليم امت کي عطا فرمائي آهي.
هڪ روايت جي مطابق پاڻ ڪريم ﷺ جن عرفه جي ڏينهن عين انهيءَ وقت جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ ميدانِ عرفات ۾ پنهنجي اُٺ تي سوار هئا ۽ وقوف فرمائي رهيا هئا تڏهن سمورن ماڻهن جي سامهون پاڻ ڪريم ﷺ جن کير پيتو ته جيئن سڀئي ڏسن ته آءُ اڄ روزي سان نه آهيان. غير حاجين جي لاءِ عرفه جي ڏينهن جو روزو رکڻ حقيقت ۾ ان ڏينهن جي انهن رحمتن ۽ برڪتن ۾ شريڪ ۽ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ ئي آهي جيڪي عرفات جي ميدان ۾ حاجين سڳورن تي نازل ٿينديون آهن، ۽ ان جو مقصد اهو ئي آهي ته الله پاڪ جا جيڪي صاحبِ ايمان ٻانهان حج ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا آهن اهي انهيءَ ڏينهن جو روزو رکي ڪري انهيءَ ڏينهن جي خاص رحمتن ۽ برڪتن ۾ ڀائيوار ۽ حصيدار بڻجن.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت