احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ذوالحج جا روزا
-------
(1) ارشادنبوي ﷺ آهي:
عَنۡ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلى الله عليه
وسلم قَالَ مَا مِنْ أَيَّامٍ أَحَبُّ
إِلَى اللَّهِ أَنْ يُتَعَبَّدَ لَهُ فِيهَا مِنْ عَشْرِ ذِي الْحِجَّةِ يَعْدِلُ
صِيَامُ كُلِّ يَوْمٍ مِنْهَا بِصِيَامِ سَنَةٍ وَقِيَامُ كُلِّ لَيْلَةٍ مِنْهَا
بِقِيَامِ لَيْلَةِ الْقَدْرِ (ترمذی شریف
کتاب الصوم مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم عشر ذی الحجۃ ج 1 ص 372 )
”حضرت ابو هريرة ؓ کان روايت
آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڏينهن مان ڪنهن به ڏينهن ٻانهي جي عبادت ڪرڻ الله
پاڪ کي ايتري محبوب ۽ پسنديده نه آهي جيتري قدر عشره ذي الحج ۾ محبوب آهي
(يعني
انهن ڏينهن جي عبادت الله پاڪ کي ٻين سمورن ڏينهن کان وڌيڪ محبوب آهي) انهيءَ عشري
جي هر ڏينهن جو روزو پوري سال جي روزن جي برابر آهي، ۽ ان عشري جي هر رات جا نفل
شبِ قدر جي نفلن جي برابر آهن.“
صاحبِ فتاويٰ عالمگيرية لکيو آهي ته ذي الحج مهيني جي پهرين نون
ڏينهن جا روزا رکڻ مستحب آهن. (فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم ج 1 ص 201)
(2) ارشادنبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي قَتَادَةَ قَالَ قَال رَسُوۡلُ اللہ صلى الله عليه وسلم
صِيَامُ يَوْمِ عَرَفَةَ إِنِّي أَحْتَسِبُ عَلَى اللَّهِ أَنْ يُكَفِّرَ
السَّنَةَ الَّتِي بَعۡدَہٗ وَالسَّنَةَ
الَّتِي قَبۡلَہٗ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم ج 1 ص 46۔ مسلم شریف کتاب الصوم ج 1 ص
196۔ 197۔ سنن ابو داؤد شریف کتاب الصوم ج 1 ص 53۔ سنن ابن ماجۃ ابواب الصیام ص
40۔41۔ مسند احمد بن حنبل ج 5 ص 307۔ سَنن بیھقی ج 4 ص 283۔ مجمع الزواءد ج 3 ص
190۔ مصنف ابن ابی شیبۃ ج 3 ص 96-97)
”حضرت
ابو قتاده ؓ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ
جن فرمايو ته آءُ الله پاڪ کان اميد ٿو ڪريان ته نائين ذي الحج جي ڏينهن جو روزو
ايندڙ سال ۽ پهرين سال وارن گناهن جو ڪفارو بڻجندو.“
عرفه جو ڏينهن جيڪو دراصل حج جو ڏينهن آهي. روزي جي اها فضيلت ۽
ترغيب حاجين کان علاوه ٻين جي لاءِ آهي. ۽ حاجين جي لاءِ انهيءَ ڏينهن جي خاص عبادت
۽ مقبول ترين عبادت ميدانِ عرفات جو وقوف (ترسڻ) آهي جنهن جي لاءِ ظهر ۽ عصر جي
نماز مختصر ۽ گڏ پڙهڻ جو حڪم آهي ۽ ظهر جي سنتن کي به ان ڏينهن ڇڏڻ جو حڪم آهي،
اگر حاجي سڳورا ان ڏينهن جو روزو رکندا ته انهن جي لاءِ عرفات جي ميدان ۾ وقوف ڪرڻ
۽ سج لهڻ سان ئي مزدلفي جي طرف روانگي مشڪل ٿي ويندي. تنهن ڪري حاجين جي لاءِ عرفه
جي ڏينهن روزو رکڻ پسنديده نه آهي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن حجة الوداع جي موقعي ته پنهنجي
عمل جي ذريعي به ان جي تعليم امت کي عطا فرمائي آهي.
هڪ روايت جي مطابق پاڻ ڪريم ﷺ جن عرفه جي ڏينهن عين انهيءَ وقت جڏهن
پاڻ ڪريم ﷺ ميدانِ عرفات ۾ پنهنجي اُٺ تي سوار هئا ۽ وقوف فرمائي رهيا هئا تڏهن
سمورن ماڻهن جي سامهون پاڻ ڪريم ﷺ جن کير پيتو ته جيئن سڀئي ڏسن ته آءُ اڄ روزي
سان نه آهيان. غير حاجين جي لاءِ عرفه جي ڏينهن جو روزو رکڻ حقيقت ۾ ان ڏينهن جي
انهن رحمتن ۽ برڪتن ۾ شريڪ ۽ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ ئي آهي جيڪي عرفات جي ميدان ۾
حاجين سڳورن تي نازل ٿينديون آهن، ۽ ان جو مقصد اهو ئي آهي ته الله پاڪ جا جيڪي
صاحبِ ايمان ٻانهان حج ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا آهن اهي انهيءَ ڏينهن جو روزو رکي ڪري
انهيءَ ڏينهن جي خاص رحمتن ۽ برڪتن ۾ ڀائيوار ۽ حصيدار بڻجن.
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment