روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم  ثَلٰثَۃٌ لَا تُردُّ دَعۡوَتُھُمۡ اۡلصَّاءِمُ حَتّٰی یُفۡطِرَ وَالاَ مَامُ الۡعادِلُ وَدَعۡوَۃُ الۡمَظۡلُوۡمِ یَرُفَعُھَا اللہُ فَوۡقَ الۡغَمَامِ وَیُفۡتَحُ لَھَا اَبۡوَابُ السَّماءِ وَیَقُوۡلُ الرَّبُ وَعِزَّتِیۡ لَاَ نۡصُرَنَّکَ وَلَوۡبَعۡدَ حِیۡنٍ۔ (ترمذی شریف و سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب فی الصاءم لاترد دعوتہ ص 126)

”حضرت ابوهريرة رضھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته 


ٽن ماڻهن جي دعا رد ۽ واپس نه ٿيندي آهي، هڪ روزيدار جي افطاريءَ جي وقت، ٻيو عادل بادشاهه ۽ حڪمران جي دعا، ٽيون مظلوم جي دعا جنهن کي الله پاڪ بادلن ۽ ڪَڪَرن کان مٿي پهچائنيدو آهي ۽ آسمان جا دروازا ان جي لاءِ کوليا ويندا آهن ۽ ارشاد ٿيندو آهي ته آءُ تنهنجي ضرور مدد ڪندس اگرچه (ڪنهن مصلحت جي ڪري) ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي.

هن حديث شريف ۾ ٽن قسمن جي ماڻهن جي دعا قبول ٿيڻ جو ذڪر آهي ۽ جڏهن مسلمان دعا گهرندو آهي ته ان جي دعا ضرور قبول ڪئي ويندي آهي بشرطيڪه اهو قطع رحمي ۽ ڪبيرن گناهن جو ارتڪاب نه ڪري. پوءِ جڏهن اهو دعا گهرندو ته الله پاڪ ان کي ٽن شين مان هڪ شئي ضرور عطا فرمائيندو آهي. يا ته اها مطلوبه شئي ملندي آهي جنهن جي لاءِ دعا گهري ويئي هئي، يا ان جي بدلي ۾ ڪائي برائي يا مصيبت ان کان هٽائي ويندي آهي، يا آخرت ۾ ان دعا جو اجر و ثواب ان کي عطا ڪيو ويندو. ۽ اهو جڏهن ان دعا جو اجر۽ ثواب ڏسندو ته تمنا ڪندو ته ڪاش دنيا ۾ منهنجي ڪابه دعاء قبول نه ٿئي ها ۽ منهنجين سمورين دعائن جو صلو ۽ بدلو ۽ اجر و ثواب مون کي آخرت ۾ ڏنو وڃي ها.

جڏهن روزيدار دعا ڪندو آهي ته الله پاڪ عرش کي کڻڻ وارن فرشتن کي حڪم ڪندو آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي عبادت کي ڇڏي ڏين ۽ روزيدارن جي دعائن تي آمين چون ته يقيني ڳالهه آهي ته جنهن دعا تي فرشتا آمين چوندا ته اها دعا ضرور درٻار خداونديءَ ۾ مقبول ٿي ويندي. تنهن ڪري افطاريءَ جي وقت صرف کائڻ پيئڻ ۾ مشغول نه رهڻ گهرجي بلڪه دعا جي لاءِ به وقت ڪڍڻ گهرجي.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت