لمحن جي راند - راجا عمران ابڙو
رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا، هر طرف اوندهه جو راڄ هو، هو آفيس کان ٿڪل قدمن
سان واپس پنهنجي هوٽل جي ڪمري ڏانهن وڃي رهيو هو، هو هڪ نجي ڪمپني جو غيرمستقل
ملازم هو، هن کي ٻين ملازمن وانگر گهر، گاڏي ۽ ٻيون ڪي به سهولتون حاصل ڪانه هيون،
هن کي ڪم جي سلسلي ۾ هر هفتي ڪنهن نئين هنڌ وڃڻو پوندو هو، تنهن ڪري هو پنهنجو گهر
وٺڻ بجاءِ ڪنهن هوٽل ۾ رهڻ پسند ڪندو هو، اهو سندس هن شهر ۾ پنجون ڏينهن هو.
هو فٽ پاٿ تان وڃي رهيو هو ته هن ڪنهن جون رڙيون ٻڌي ان طرف ڏٺو، هن کي
گرجا گهر جي سامهون واري اونداهي گهٽي ۾ ٻه شخص پاڻ ۾ هاٿا پائي ڪندي نظر آيا، ان
گهٽي جي ٿورو پري هڪ بجلي جي ٿنڀي تي لڳل اسٽريٽ لائيٽ جي روشني ٻنهي تي پئجي رهي
هئي. ان لاءِ ٻنهي جا جسم ضرور ظاهر ٿي رهيا هئا، پر ٻنهي جا چهرا صاف نظر نه اچي
رهيا هئا، اهي ٻئي بي درديءَ سان هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي رهيا هئا، ٻنهي
ڄڻن مان هڪ هيٺ ليٽيل هو، ۽ ٻيو سندس مٿان چڙهي کيس ٺونشا هڻي رهيو هو.
جمي ٿورو اڳتي وڌيو ۽ ٻنهي کان نظرون بچائيندي هڪ ڪار جي اوٽ ۾ بيهي انهن
کي ڏسڻ لڳو.
اوچتو هيٺ ليٽيل شخص ٽنگ ۾ ٻڌل چاقو ڪڍي مٿئين شخص کي وهائڻ وارو هو ته
اوچتو گولي ڇٽڻ جو آواز آيو، هيٺيون شخص ڦٿڪي اٿيو، هن جي ڳلي ۾ سندس هٿ ڍرو ٿي
ويو ۽ هو بلڪل بي سڌ ٿي ويو.
اهو شخص سندس مٿان اٿي، پنهنجي نرڙ ۽ منهن تان پگهر اگهي هيڏانهن هوڏانهن
ڏٺو، هو تيزيءَ سان سهڪي رهيو هو ۽ گهٻرايل به لڳي رهيو هو، پوءِ ريوالور پنهنجي
ور ۾ هڻي، سندس ٻانهن جي گرفت ۾ جڪڙيل ٿيلهو هڪ جهٽڪي سان ڇڏائي، پنهنجي ڪلهي ۾ وڌائين،
۽ هڪ نظر هن تي وجهي، تيز رفتاريءَ سان گهٽي ڏانهن وک وڌايائين ۽ اتان فرار ٿي
ويو، جڏهن فرار ٿيندڙ شخص اونداهي گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو ته هو ان ڏانهن ڀڳو، ان جي ڀرسان
پهچي هن ڏٺو ته ان کي پيٽ ۾ گولي لڳي هئي ۽ ان کان تمام گهڻو رت وهي رهيو هو، هو
مري چڪو هو، هن سندس کيسي جي تلاشي ورتي، ان مان هن کي سندس هڪ ڪارڊ مليو، جنهن جي
مطابق هن جو نالو بِل جيڪيس هو، ۽ هو هڪ موبائيل فون ٺاهيندڙ ڪمپني ايل ذيڊ ٽي ۾ڪم
ڪندو هو، ۽ هن جو پتو هو سيونٽي ٽو سِيڊل هيلس، نارٿ آمريڪا. اهو علائقو هتان کان
تمام گهڻو پري هو، ان کان وڌيڪ هن کي هن جي باري ۾ ٻيو ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو،
نه ڄاڻ هو هتي ڇو آيو هو ۽ اهو شخص ڪير هو، ۽ ٻنهي ۾ ڇاجي لاءِ جهيڙو ٿي پيو هو،
اچانڪ جمي جي نظر هن جي ڀرسان روڊ تي پيل ڪنهن سونهري شئي تي پئي، هو اٿي اها شئي
کڻي روشني تي ڪري ڏسڻ لڳو، اها ڪا عام شي نه هئي، اها انتهائي قيمتي هڪ سون جي پليٽ
هئي، هن کي ٽي چار ٻيون به پليٽون روڊ تي پيل نظر آيون،هو گهٻرائجي ويو ۽ هڪدم ڪو
به فيصلو نه ڪري سگهيو، هن گهٽيءَ جي ٻنهي طرف لؤڻا هنيا، ان مئل شخص کان علاوه
اتي ڪير به ڪانه هو.
هن اهي پليٽون کڻڻ شروع ڪيون، ۽ سڀ ميڙي انهن کي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾
وجهڻ لڳو، هن جي ڪوٽ جي ٻن کيسن ۾ برگر پيا هئا، هن اهي برگر کيسن مان ڪڍي روڊ تي
اڇلايا ۽ پليٽون کڻي کيسن ۾ وڌائين، پوءِ هن روڊ تي چڱي طرح هٿ هڻي ڏٺو، روڊ تي هڪ
به پليٽ باقي نه بچي هئي، هن هڪ دفعو وري گهٽي جي ٻنهي طرف ڏٺو، هن جي ميدان صاف
هو، هن لاش کي آخري دفعو ڏٺو ۽ اٿي تڪڙا قدم کڻڻ لڳو، هن جي دل هن جي قدمن وانگر
تيز تيز هلي رهي هئي، پير ٿرکڙائي رهيا هيس، هن جي پيشاني به پگهر ۾ پسي ويئي هئي،
رين ڪوٽ جي ڪري هن جو جسم گرم ي ويو هو. هن هڪ دفعو پوئتي ڏٺو ۽ سوچيو ته هوٽل ڏانهن
ئي وڃڻ ٺيڪ رهندو. هوٽل جي اندر داخل ٿيڻ کان اڳ هن پنهنجو پاڻ تي قابو پائڻ جي ڪوشش
ڪئي، پنهنجو انداز ٺيڪ ڪيو، جيئن ڪنهن کي محسوس نه ٿئي ته هن جي اندر ڇا هلي رهيو
آهي.
هن هوٽل جي رسيپشنسٽ تي وڃي رجسٽر تي صحيح ڪئي ۽ ٽپال ورتي، پوءِ پنهنجي ڪمري
طرف وڃڻ لڳو، ٻي منزل جي ڪاريڊور ۾ هن کي بيل بواءِ مليو، هن کي ڏسي هن کائنس
نظرون بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سندس اڳيان اچي ويو، هن کي سامهون ڏسي هو گهٻرائجي
ويو، ۽ پاڻ کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”ڇا
ڳالهه آهي سر، توهان ڪجهه ٿڪل ۽ پريشان ٿا لڳو؟“ بيل بواءِ پڇيس.
”نه
آرنلڊ اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي!“ هن چيو.
”ڇا
توهان پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“
”ها.“”سوري
سر توهان ڪالهه مون کي روم صاف ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر مون کي ٻيو ڪم ٿي پيو هو، تنهن
لاءِ نه ڪري سگهيو هيس.“
”ته
پوءِ هينئر ڪمرو صاف ڪري ڇڏيئي؟“
”نه
سر اڃان ڪانه ڪيو اٿم، توهان مون کي چاٻي ئي ڪانه ڏنيئ هئي، توهان مون کي چاٻي ڏيو
۽ ڪافي شاپ ۾ هلي ويهو، مان صرف ويهه منٽن ۾ ڪمرو صاف ٿو ڪري وٺان.“
”ها
صحيح آهي ............ هي وٺ چاٻي.“ هن ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو ته سندس هٿ سون جي
پليٽن تي لڳو، پليٽن جي کڙڪڻ جو آواز ٻڌي هو ڇرڪجي ويو.
”اوهه
ها ياد آيو آرنلڊ، مون کي هڪ ضروري ڪم آهي، توکي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ گهرائي ٿو وٺان.“
”ٺيڪ
آهي سر، جيئن توهان جي مرضي.“ بيل بواءِ آرنلڊ سندس اڳيان ٿورو جهڪندي چيو.
جمي پنهنجي اڳئين کيسي ۾ هٿ وجهي، ڪجهه پئسا ڪڍي هن کي ٽِپ ڏنائين، هو
هليو ويو. هو پنهنجي ڪمري ڏانهن هلڻ لڳو، هن جي ڪمري جي سامهون توڙي لڳو لڳ ڪمرن ۾
ڪافي ماڻهو رهيل هئا، جن ۾ ڪجهه فيملي وارا ۽ ڪجهه ڇڙا به هئا. هو پنهنجي ڪمري ۾
پهچڻ وارو هو ته هن جي ڀرسان واري هڪ ڪمري مان پيرسن جارج نڪتو، هو گذريل ڏهن ڏينهن
کان هتي رهيل هو، هن کي ڏسي هن پنهنجو بنا ڏندن وارو وات ڦاڙيو.
”اوهه
جمي! تون ڪيئن آهين؟“
”مان
بلڪل ٺيڪ آهيان، توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
”بلڪل
تندرست چست چابند، جمي مان تنهنجو ڪافي دير کان انتظار ڪري رهيو آهيان، اڄ تمام گهڻي
دير ڪري ڇڏي اٿئي، ڇا آفيس ۾ ڪم وڌي ويو هو يا گرل فرينڊ سان نائيٽ ڪلب وڃڻ جو
پروگرام هيئي؟ خير ڇڏ ان ڳالهه کي، اچ هڪ شطرنج جي بازي ٿي وڃي ۽ هڪ جام به.“
”مان
معذرت ٿو ڪريان مسٽر جارج، مان هينئر توهان سان راند نه ٿو ڪري سگهان، هينئر رات ڪافي
ٿي ويئي آهي، هي ٽائيم منهنجي سمهڻ جو آهي.“
”ڪا
ڳالهه نه آهي، راند نه سهي پر هڪ پيگ ٿي وڃي، ٻڌ سمهڻ کان اڳ هڪ پيگ وٺڻ تمام
ضروري آهي، خاص طور تي تو جهڙي نوجوان کي، هڪ جام کان پوءِ ماڻهو سڀ غم ويساري مزي
جي ننڊ سمهي رهندو آهي، ۽ جام جو مزو تڏهن ايندو جڏهن محفل مچندي، ٻئي گڏجي
ويهنداسين.“
”ٺيڪ
آهي توهان هلي تياري ڪريو، مان چينج ڪري اچان ٿو، مون کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته وقت ڏيو.“
”ٺيڪ
آهي مان تنهنجو انتظار ٿو ڪيان، اچجانءِ ضرور“. ائين چئي پيرسن جارج پنهنجي ڪمري ۾
هليو ويو.
هو ڪمري جي دروازي تي بيهي، کيسي ۾ هٿ وجهي، چاٻي ڪڍڻ لڳو، هن پليٽون ان
کيسي ۾ وڌيون هيون، جنهن ۾ چاٻي پئي هئي، هو پليٽن جي هيٺان هٿ هڻي چاٻي ڪڍڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳو، پر هن کي اتان چاٻي نه ملي، هو پريشان ٿيڻ لڳو، هن ٻين کيسن مان به چاٻي
تلاش ڪئي، پر چاٻي ڪنهن به کيسي ۾ ڪانه هئي، هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو، هن وري وري ڪري
هر کيسو ڳولهيو، پر چاٻي جو ڪو نالو نشان ڪانه هو. پوءِ هن کي ياد آيو ته ”هوٽل
مان نڪرڻ مهل هن چاٻي ڪوٽ جي ساڄي کيسي ۾ وڌي هئي، ۽ آفيس مان ورڻ وقت هن هڪ
چائنيز ريسٽورنٽ مان ٻه برگر ورتا هئا، ان هوٽل ۾ برگر سميت هر قسم جو کاڌو ملندو
هو، پر هن کي ان چائينيز ريسٽورنٽ جا ٺهيل برگر تمام گهڻو پسند هئا، تنهن ڪري هو
هر روز آفيس مان ورڻ وقت، اتان ٻه برگر ضرور وٺندو هو ۽ انهن کي ڪوٽ جي کيسن ۾
رکندو هو، جيئن هوٽل تي پهچڻ تائين اهي گرم رهن، ۽ جڏهن هو پليٽون کيسي ۾ وجهي
رهيو هو ته هن ساڄي ۽ کاٻي پاسي کيسن مان برگر ڪڍي اڇلائي ڇڏيا هئا ته ان جو مطلب
چاٻي به ساڄي پاسي واري برگر سميت نڪري ويئي هوندي ۽ ان روڊ تي ان لاش جي ڀرسان ئي
ڪٿي پئي هوندي.“ اهو سوچي هن جا تاڪ لڳي ويا ”جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مون کي ڦاسي
جي سزا کان ڪير به نه ٿو بچائي سگهي، ڇو ته ان چاٻي تي هوٽل جو نالو ۽ ڪمري جو نمبر
صاف لکيل آهي، ان چاٻي جي ذريعي پوليس آساني سان هوٽل تي پهچي ويندي ۽ پوءِ پليٽن
جي چوري ۽ ان قتل جو الزام به مون تي لڳندو.“ اهو سوچي هن جو هيٺيون ساهه هيٺ ۽ مٿيون
ساهه مٿي رهجي ويو، هو سوچڻ لڳو، هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن کي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ دير نه
لڳي، هن پنهنجا قدم ورايا ۽ هوٽل کان واپس هلڻ لڳو.
هو ان جاءِ تي پهتو، اتي ساڳيو انڌيرو ڇانيل هو، اتي اهو لاش به ساڳي
حالت ۾ پيو هو، هو لاش جي ڀرسان پهچي، ان جي ڀرسان پنهنجي چاٻي ڳولهڻ لڳو.
”شايد
توکي هن جي تلاش آهي.“ هن آواز ٻڌي ان طرف نهاريو، اتي اهو ئي شخص بيٺو هو، ان جي
هٿ ۾ هن جي هوٽل واري چاٻي هئي، جنهن کي هو آڱر تي گهمائي رهيو هو.
”ته
هي چاٻي تنهنجي آهي!؟“ هن کائنس پڇيو.
”ها.“
هن وراڻيو
”ته
پوءِ منهنجون اهي پليٽون به تو وٽ هونديون؟“
”ڪهڙيون
پليٽون!؟“ هن چيو.
”اهي
پليٽون جيڪي هتي پيون هيون، يقينن اهي توئي کنيون هونديون.“
”ها
اهي پليٽون مون وٽ آهن ۽ مان اهو به ڄاڻان ٿو ته هن شخص جو قاتل تون آهين.“
”تمام
سٺو، پوءِ تون اهو به ڄاڻيندو هوندين ته هن جي موت جو ڪارڻ ڇا هو، جيڪڏهن تون به
مرڻ کان بچڻ ٿو چاهين ته بنا ڪنهن دير جي اهي پليٽون منهنجي حوالي ڪري ڇڏ.“
هن پنهنجو هٿيار هن ڏانهن سڌو ڪيو.
اهو ٻڌي هن ٿوري دير لاءِ سوچيو.
”ٺيڪ
آهي مان توکي پليٽون ڏيان ٿو، پر ان کان اڳ تون مون کي چاٻي واپس ڪر.“
”هيءَ
چاٻي پليٽن کان وڌيڪ قيمتي ناهي، توکي اڳ ۾ پليٽون ڏيڻيون پونديون.“
پوءِ هن ڪجهه سوچي، پليٽون کيسن مان ڪڍي هڪ هڪ ڪري هن جي طرف اڇليون، هو
اهي پڪڙيندو ويو.
”ڇا
تون سون جي اسمگلنگ ڪندو آهين؟“ هن کان پڇيائين.
”بڪواس
بند ڪر، هي چاٻي وٺ ۽ پنهنجي شڪل گم ڪر.“ ائين چئي هن هن جي طرف چاٻي اڇلي، جيڪا
هن جي پيرن ۾ اچي ڪري.
هن جهڪي چاٻي کنئين ۽ آهستي آهستي پنهنجا قدم پوئتي ورايا.
اهو شخص پليٽون ٿيلهي ۾ وجهي هن تي هٿيار تاڻي هن کي ڏسندو رهيو، نيٺ هن ڪنڌ
ورايو ۽ اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، هن کي هڪ موقعو هٿ لڳو، هن روڊ تان هڪ ڳرو پٿر کڻي
پوري قوت سان هن جي طرف اچليو. اهو پٿر زور سان وڃي هن جي مٿي ۾ لڳو ۽ هو روڊ تي وڃي
ڪريو.
هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ان جي طرف ڀڳو، اتي پهچي هن ڏٺو ته ان جو مٿو ڦاٽي
پيو هو، جنهن مان رت نار ڪري وهي رهيو هو، هو بلڪل بي سڌ پيو هو.
هن اهي سڀ پليٽون کڻي اتان فرار ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، هن هيٺ ويهي، هن جي
هٿ مان ريوالور ڇڏائي پنهنجي وَر ۾ هنيو ۽ ان جي ڀرسان پيل ٿيلهو کنيائين، ان وقت
هن کي ان ٿيلهي جو وزن اٺ ڏهه ڪلو لڳو.
هو اتان نڪري وڃڻ جو سوچي ئي رهيو هو ته ٿوري دير کان پوءِ هن سائرن جو
آواز ٻڌو ۽ هن جي اکين تي گاڏين جي هيڊ لائيٽن جي روشني لڳي، پوءِ هن ڪنڌ کڻي ڏٺو
ته چار پنج پوليس جون گشتي ڪارون تيزيءَ سان هن جي طرف اچي رهيون هيون ۽ ڪجهه لمحن
جي اندر ئي اهي سڀ ڪارون هن جي اڳيان قطار ٺاهي بيهي رهيون ۽ انهن جا دروازا کلندا
ويا.
هو اهو سڀ ڏسي اٿي بيهي رهيو.
Comments
Post a Comment