شھر جي سٽي ناظم کي شھر جي مسئلن بابت درخواست


بخدمت محترم سٽي ناظم صاحب
ڪراچي

جناب اعليٰ!

عرض آھي ته شھر ۾ ٽريفڪ جو معاملو ڏينھون ڏينھن بگڙجندو ٿو وڃي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ جام ٿيو وڃن، جنھن ڪري مريضن جي حالت بگڙجي وڃي ٿي بلڪ ڪي ته الله وٽ پھچي وڃن ٿا. ٻيو ته شھر جي غريب علائقن ۾ مڇرن ماڻھن جو ستيا ناس ڪري ڇڏيو آھي. رات جو ننڊ ڦٽائڻ کان سواءِ مليريا جي وبا پکڙجي رھي آھي. ان کان سواءِ غريب علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي بدبودار اچي ٿو جنھن ڪري پيٽ جون بيماريون وڌنديون ٿيون وڃن. ڪراچي جي گھڻن علائقن ۾ روڊن جي حالت بلڪل خراب آھي. روڊن تي کڏا کوٻا ٿي ويا آھن.

سائين جن کي عرض ڪجي ٿو ته انھن مڙني مسئلن تي ڌيان ڏئي ڪراچيءَ جي رھواسين تي خاص نظر ڪئي وڃي.

تاريخ
15 مئي 2019ع
فقط اوھان جا شڪرگذار
شھر جا رھواسي
ا  ـ س ۽ ٻيا





Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت