آرٽيفيشل ٻيٽ ۾
منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
هن ايڪٽوٽي ڪندي اسان کي ٻه ڪلاڪ کن ٿي ويا هيا. سڀئي دوست
خوب لطف اندوز ٿي رهيا هئا. جنيد ۽ پرتاب واپس ٻيڙي ۾ اچي ويا هيا. هاڻي اسان کي
هتي گهڻو وقت ٿي ويو هو. ميلان چيو ته،”پاڻ هتان نڪرون ٿا ۽ توهان کي هڪڙي نئين آرٽيفيشل
ٻيٽ جو ديدار ڪرايون ٿا“. اسماعيل ٻيڙي جي انجڻ کي اسٽارٽ ڪيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر هو
سامونڊي روڊ تي ٻيڙي کي اڏائيندي پاڻي جي جهاڳ کي پوئتي ڌڪيندي ۽ پاسن کان پاڻي جي
لهرن کي پري ڪندي اڳتي ڌوڪيندا رهيو. رستي ۾ هيڏي ايندي هن هڪڙي جاءِ تي اشارو ڪندي،
رڙ ڪري چيو ته،”اها اٿو ڊالفن“.
پرتاب، جنيد ۽ عجب ٻيڙي جي منڍ ڏي ڊالفن کي ڏسڻ لاءِ نڪري
بيهي رهيا. پر ٻيا سڀ دوست پنهنجن سيٽن تي ئي ويٺا رهيا. جڏهن سڀ ٻيڙي جي ڊيڪ تي
ويا ته، ٿوري دير کان پوءِ اسان به اٿي بيهي ڊالفن کي ڏسي قسم کڻڻ جهڙا ٿياسين ته
اسان به اکين سان ڊالفن جو پڇ ڏٺو. ڊالفن ڪڏهن سمونڊ جي مٿاڇري تي ٻاهر منڍي ڪڍي
ديدار پئي ڪرايو ته ڪڏهن سمونڊ جي اندر ٽٻي پئي هنئي. سمونڊ جي ان حصي ۾ ڊالفن گهڻي
آهي. ان ڪري سياح هن جي هڪڙي جهلڪ جا ديوانا هوندا آهن. هي ٻيڙي وارا به ڪوشش ڪندا
آهن ته ڪٿي به ڪا ڊالفن نظر اچي ته سياحن کي ڏيکاري پنهنجو ڀاڙو سچو ڪن.
ڪجهه منٽن جي سامونڊي سفر کانپوءِ هي اسان کي هڪڙي آرٽيفيشل
ٻيٽ جي ويجهو کڻي آيو. ڪناري سان هن ٻيڙي کي پارڪنگ ۾ لڳائي ڇڏي ۽ ان جي رسي کي ڪناري
تي پيل وڏن پٿرن سان ٻڌي آيو. هن ٻيڙي جي واڍ به وڏي ۽ ڪافي مضبوط هئي. اسان سڀ
دوست هن ڪناري تي ٻيڙي کان هيٺ لٿاسين. هن ڪناري وٽ سمونڊ جو پاڻي ننڍو هيو، ان ڪري
سڀ دوست هتي وهنجي پنهنجي وهنجڻ وارو شوق پورو ڪري رهيا هيا. اسان جي پياري مظفر
ته دير ئي نه ڪئي ۽ وهنجندي وهنجندي وڏي پاڻي ڏي هليو ويو، ، اتان کان ڪناري ڏانهن
ترندي هليو هيو.
مون سان هن ٻيٽ ۾ هڪڙو عجيب اتفاق ٿيو جو منهنجي پينٽ جي
کيسي ۾ منهنجو پرس به هيو ته موبائيل به. مان بوٽ ڪناري تي لاهي رکي ڇڏيا ۽ پوءِ
هيٺ پاڻي ۾ لهي ويس. سائين مختيار پنهنجا بوٽ ڪناري سان لاهي، اتي ئي بيٺي پاڻي تي
پيرآلا ڪيا. سامونڊي لهرون جڏهن تيز وهڪري ۾ اچن پيون ته ڪناري تان چڪر هڻي وري
سمونڊ ڏي موٽيو پيون وڃن. سو مان به ٻين دوستن جي ريس ۾ ڪناري کان ٿيندي، ويندي هيٺ
گهري پاڻي ۾ لهي ويس، جڏهن پاڻي منهنجي چيلهه تائين پهتو ته پريان ميلان ۽ اسماعيل
رڙيون ڪري منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. مون کي حيرت ٿي ۽ خبر
ئي نه پئي ۽ مون کي سمجهه ۾ به آيو ته ڇا ڳالهه آهي. ڇا جو اشارو پيا ڪن. ڪٿي ڪو
هيٺ واڳون يا نانگ بلا يا وري ڪا وهيل مڇي يا وري هيٺ ڊالفن ته نه آئي آهي يا وري ڪا
ٻي بلا ته نه آهي.
پر هنن اشارو ڪري چيو ته،”توهان جو موبائيل، توهان جي پينٽ
جي کيسي ۾ پاڻي پون جي ڪري پسي ويو آ“؟
”اڙي يار! هي ته پاڻي ۾ پسي
ويوآ“. مون کان رڙ نڪري ويئي. تڪڙي تڪڙي ڪناري ڏانهن ڊوڙندو نڪري آيس. هنن کي مون
جيئن ئي پنهنجو موبائيل ڏنو، سوني پي سهاڳا اهو ٿيو جو، هنن به دير ئي نه ڪئي، ننڍي
پاڻي جي بوتلن سان موبائيل کي وهنجاري ڇڏيون. ٻيئي ڄڻا موبائيل کي هيٺ مٿي ڪري پاڻي
سان ائين وهنجاريندا رهيا، جيئن ڪو ڊاڪٽر ڪنهن تازي ڄاول ٻار کي اونڌو ڪري هوش ۾ آڻڻ
جي لاءِ هلڪيون ٿپڪيون هڻندو رهي.
محمد ميلان رڙ ڪري چيو ته،”switch
off your cell “
مون موبائيل بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه ٿي، نيٺ گهڻي ڪوشش کان پوءِ موبائيل
بند ٿي ويئي.
”هن کي هاڻي نه کولجو ۽ نه
ئي وري چارجر تي لڳائجو، هڪ ٻه ڏينهن ڇڏي ڏجوس“. اسماعيل مون کي تاڪيد ڪندي چيو.
موبائيل سان گڏ منهنجو بٽون به وهنجي آيو هو. هن ۾ پيل سڀ پيسا ۽ ڪارڊ پُسي
ويا هيا. شڪر ٿيو جو پاسپورٽ نه کڻي آياسين. نه ته ان جو به خبر ناهي ته ڪهڙو حشر ٿئي
ها. ٿوري دير کان پوءِ ميلان سڀني کي سڏ ڪندي چيو ته،”توهان جي منجهند جي ماني جو
وقت ٿي ويو آهي. اچو هي پيڪٽ وٺو. جتي توهان کي سٺو لڳي، اتي ويهي کائي وٺو يا
انهن وڏن پٿرن تي ويهي کائو ۽ سمونڊ جو مزو وٺو“.
ان پيڪيٽ سان گڏ هن هڪڙو ڪانٽو forkاسٽيل جو پڻ ڏنو.
هن پيڪٽ ۾ چڪن نوڊلز “ڀُڳل سويون“ هيون. جنهن ۾ مصالحن جي ڪري سويون ڏاڍيون مزيدار
ٿي ويون هيون. مرغي جي گوشت جا ننڍڙا ٽڪرا هن ۾ پيل هيا. ان سان گڏ هن هڪڙو جوس جو
به پاڪيٽ پڻ ڏنو. هاڻي سڀ دوست پٿرن تي ويهي ڀوڄن ڪري رهيا هياسين. هي هتان جي حڪومت
هٿراڌو ٻيٽ ٺاهيو آهي. هتي اڃان ڪنهن به قسم جي ڪا به آبادي نه ٿي هئي. هتي خالي اڃان
گاهه پوکيو ويو هو. يا ته اهو قدرتي گاهه هيو. هي ٻيٽ اسان واري گرائيدو ٻيٽ کان
گهڻو پري نه هيو. بلڪ بلڪل سامهون کان ئي نظر پئي آيو. هن جي ڪناري تي ڪافي
واري/ريت وڌي هئي. ان سان گڏ وڏا وڏا ڪارا پٿر پڻ لهرايا ويا هيا. انهن پٿرن تي
ويهي لنچ ڪري رهيا هياسين ته مون محسوس ڪيو هڪڙو جيت واريءَ تي مون ڏانهن وڌندو
پئي آيو. هن کي شايد کاڌي جي خوشبو مون ڏانهن وٺي آڻي رهي هئي. مون کي لڳو ته هو
بکايل جيت آهي ۽ هن کي به اسان جيان شايد بک تپايو آهي. سو مون هڪڙو چمچو، پاڻ
واري پيڪيٽ مان ڀري ڪڍي، ان جي اڳيان رکيو. هو اتي بيهي ويو هو. هي سامونڊي جيت هاڻي
مزي سان اهو کائي رهيو هيو.
هاڻي اسماعيل ۽ ميلان به ٻيڙيءَ کان هيٺ لهي آيا هيا. اهي به اسان سان گڏ ويهي
پٿرن تي ماني کائي رهيا هيا ۽ ڪچهري ۾ به شامل ٿي ويا هيا. ميلان وڏو چرچائي ڇوڪرو
آهي. هي انڊين سمونڊ هيو، جنهن ۾ هٿراڌو ٻيٺ ٺاهيو ويو هو. اهڙي ريت اسان جي ٻيڙي
کان اڳ ۾ اتي ڪجهه انگريز سياح ٻيا به نظر آيا، پر پوءِ اهي جلدي هليا ويا هيا،
شايد انهن کي اتي بيهندي گهڻو وقت ٿي ويو هوندو. پر هاڻي ٻيا انگريز جوڙا، فيمليز
۽ ٻارڙا هڪڙي وڏي جهاز ۾ اتي آيا هيا. اهي اچي اتي سمونڊ جي ڪناري تي پنهنجون
چادرون وڇائي، انهن تي ليٽي سج جو مزو وٺي رهيا هيا. اسان به خوب انجواءِ ڪري،
واپسي جو رخ ڪيوسين.
واپسي مهل اسان جو ٻيٽ بلڪل اسان جي اکين جي سامهون ئي نظر آيو. بس 10 منٽن ۾
اسان پنهنجي ٻيٽ جي ڪناري تي هياسين. سو اسماعيل ۽ ميلان کي خرچي ڏيئي هيٺ لٿاسين.
ڪناري تي ئي گروپ تصويرون به ڪڍرايونسين ۽ پوءِ موٽي هوٽل تي آياسين.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment