ماءُ جي کير جا فائدا



ٻار لاءِ ماءُ جو کير
قدرت جو ھڪ انمول تحفو
حڪيم نور محمد عبدالڪريم کتري سجاولي

ٻار قوم جو سڀ کان وڏو سرمايو آھن ۽ قوم جي تعمير ان جي دماغي ترقي ۽ جسماني صحت سان لاڳاپيل آھي. جيڪڏھن ٻار کي شروع کان ئي صحيح ۽ قدرتي غذا لڳاتار نه پھچائي ويندي ته ان جي ذھني اوسر نه ٿي سگھندي ۽ ھو زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پنھنجو ڪردار صحيح نموني ادا نه ڪري سگھندو، جنھن ڪري نه فقط قوم جي ترقي رڪجي ويندي پر اھا تنزلي جو شڪار ٿي ويندي.

فطري غذا:
ٻار جي فطري غذا صرف کير ھوندو آھي ۽ ماءُ جي کير کان وڌيڪ انھيءَ لاءِ ڪا غذا نه آھي، تنھن ڪري فطرت ھن جي اچڻ سان ٿي ماءُ جي ٿڻن ۾ انھيءَ جي پئدائش شروع ڪري ڇڏيندي آھي. اھا ئي ان جي مڪمل غذا آھي. جنھن ۾ اھي سڀئي غذائي جزا صحيح مقدار ۾ موجود ھوندا آھن. جيڪي ھن جي پرورش ۽ ذھني يا جسماني اوسر لاءِ ضروري آھن. جيڪڏھن ٻار صحتمند ھوندو ته انھيءَ جي پالنا لاءِ ٿڻن ۾ ايتري قدر کير پيدا ٿيندو آھي. جنھن سان ٻار جي پرورش بخوبي ٿي سگھي.
شروعاتي اٺن، نون مھينن تائين ٻارن جي غذا صرف ھن جي ماءُ جو کير ھئڻ گھرجي جيڪو ٻار جي لاءِ فائدي وارو ئي آھي، پر ٻار جي ماءُ لاءِ به اھو سولو ۽ گھڻو ڪارائتو ھوندو آھي.

ماءُ جي کير جا فائدا
ماءُ جو کير ھر قسم جي آلائش ۽ جيوڙن کان پاڪ ۽ صاف ھوندو آھي. ڇاڪاڻ ته ھن ۾ ٻار جي ضرورت جي لحاظ کان سڀئي غذائي جزا موجود ھوندا آھن. تنھن ڪري انھيءَ ۾ ڪنھن قسم جي واڌاري يا سڌاري جي ضرورت نه ٿي ٿئي. ٻار ڄمڻ کان پوءِ شروع ۾ ٽن ڏينھن تائين ٻار جي ماءُ جو کير يا ٿڃ ملين (جلاب آڻيندڙ) تائين رکندو آھي. جنھن ڪري انھيءَ جي پيئڻ سان ٻار کي ڪاڪوس خلاصو ايندو آھي ۽ ھن جي معدي مان ڦوڳ خارج ٿي ويندو آھي. انھيءَ ڪري ڪنھن جلاب آڻيندڙ دوا جي ضرورت نه ٿي پوي. شروع ۾ ٻار لاءِ ماءُ جو کير انھيءَ لاءِ ضروري ھوندو آھي ته اھو ھن جي طبيعت مطاق ھوندو آھي ۽ ٻاھريون کير ھو ھضم ڪري نه سگھندو آھي.
جيڪڏھن شروع ۾ ئي ٻار ڪجھ ھفته ماءُ جو کير ئي پئي وٺي ته ھن جو معدو طاقت وٺي ويندو آھي ۽ پوءِ جيڪڏھن ھن کي ٻيو کير به پيئڻو پوي ته اھو سولائي سان ھضم ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو آھي. ماءُ جو کير پيئڻ سان ٻار جي بدن ۾ بيمارين خلاف مدافعتي قوت يا (اميونٽي) پيدا ٿي ويندي آھي. جيڪا انھيءَ کي پيش ايندڙ مونجھارن کان محفوظ رکندي آھي. ٻارن کي انھن سڀني پاپرن کان نجات ملي ويندي آھي. جنھن جو نشانو ماءُ جو کير نه پيئڻ سان ٿيندا آھن. مطلب ته ماءُ جو کير ٻار لاءِ آبحيات کان گھٽ نه آھي.

ماءُ جو کير قدرتي تحفو
ماءُ جو کير ھوا ۽ پاڻي وانگر قدرتي تحفو آھي ۽ انھيءَ تي ڪجھ به خرچ ڪونه ٿو ٿئي، قدرت ھن کي امير ۽ غريب کي ھڪجھڙو نوازيو آھي ۽ غريبن تي وڌيڪ نوازش ڪئي آھي. ٻاھريون کير غير معنيٰ  ھوندو آھي، ھن ۾ ملاوٽ ھوندي آھي. ھر وقت جيوڙن جي وچڙڻ جو انديشو ھوندو آھي ۽ ٻار جي مزاج مطابق ھن جو تيار ڪرڻ به ھڪ مسئلو ھوندو آھي. اوپري کير جي مھانگائي به محتاج بيان نه آھي. ھڪ ٻار جي لاءِ ھن جو خرچ چار پنج هزار روپيه ماھوار کان گھٽ نه ٿو ٿئي. جنھن کي برداشت ڪرڻ ھر ڪنھن جي وس ۾ ناھي. قومي سطح تي ڏٺو وڃي ته اسين ساليانو اسي ڪروڙ روپين جو کير ٻاھرين ملڪن مان گھرائيندا رھيا آھيون. جنھن جو گھڻو حصو ٻارن جي لاءِ ھوندو آھي.

ماءُ جي کير پيارڻ جا فائدا
ٻار پيدا ٿيڻ کان پوءِ رحم (ٻچيداني) جي ڊيگھ تقريبن ساڍا ڇھ انچ، ويڪر ساڍا چار انچ ۽ ٿولھ ساڍا ٽي انچ ۽ وزن ھڪ سير ھوندو آھي. ھڪ وڌيل رحم پنجن، ڇھن ھفتن ۾ سُسي تقريبن ٽي انچ ڊگھو، ٻه انچ ويڪرو، ھڪ انچ ٿلھو ۽ ساڍا چار تولا وزني رھجي ويندو آھي. حمل جي ڪري بنجندڙ غير معمولي ساختون تحليل ٿي بدن کان خارج ٿي وينديون آھن. رحم جي سسڻ جي ھن عمل کي طبي اصطلاح ۾ (انڪماش) چيو ويندو آھي. رحم ھر وقت ۽ مڪمل نموني سسي ته ھر قسم جي آلائش کان پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو آھي نه ته ھن ۾ عضو تنتي مادا رھجي ويندا آھن. ٻار ڄڻڻ جي ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ ٻار جو ماءُ جي ٿڻن کي چوسڻ سان ھي عمل وڌيڪ تيز ٿي ويندو آھي. انھيءَ صورت ۾ رحم جلدي پنھنجي اصلي حالت ۾ اچي ويندو آھي.
ٻار ڄڻڻ جي ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ ٿڻن ۾ ڳراڻ، سيڙھ ۽ سور محسوس ٿيندو آھي. جنھن ڪري ٿڻ سيٽجي سڄي ويندا آھن. ھلڪو بخار ٿي پوندو. ٻار کي کير پيارڻ سان سوڄ ۽ بخار ختم ٿي ويندو آھي نه ته ڏاڍي تڪليف ٿيندي آھي. انھيءَ بخار کي طبي اصطلاح ۾ حميٰ البن يا کير جو بخار (ملڪ فيور) جي نالي سان سڏيو ويندو آھي ھي ڏٺو ويو ته ٻار کي کير پيارڻ جي زماني ۾ گھڻين عورتن کي حمل نه ٿيندو آھي.

قدرت جي مرضي
قدرت سڀني مخصوص عضون کي مقصد لاءِ جوڙيو آھي. ٿڻن جو فعل ٻارن کي کير پيارڻ آھي. انھن کان اھو ڪم وٺڻ قدرت جي مرضي مطابق آھي. ھن جا ٿڻ مختلف بيمارين کان بچيل رھندا آھن. معالجن جو خيال آھي ته ٻارن کي کير پيارڻ سان ٿڻن جي سرطان (ڪينسر) جا گھٽ امڪان پيدا ٿين ٿا ۽ رحم جي بيمارين کان تحفظ ملي وڃي ٿو.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت