Posts

Showing posts with the label Tafseer Azizi

پڇن ٿا ان وڏي خبر جي باري ۾ - تفسير سورة نباء – تفسير عزيزي

Image
تفسير سورة نباء – تفسير عزيزي ﷽ عَنِ النَّبَإِ الْعَظِيمِ ﴿٢﴾ پڇن ٿا ان وڏي خبر جي باري ۾ جڏهن ڳالهه جو بنياد سوال جواب تي رکيو ۽ جواب بلڪل ظاهر ۽ پڌرو هو تنهن ڪري خود ئي فرمايائين ته ” عن النباء العظيم“ ته پاڻ ۾ هڪ وڏي خبر جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا. حقيقت هيءَ آهي ته اها خبر پنهنجي مٿي ذاتي اعتبار سان به تمام وڏي آهي ته جيڪي شيون ان ۾ ٿينديون اهي گهڻيون هولناڪ آهن. انهن کي نڪي ڪا اک ڏسڻ جي طاقت رکي ٿي ته ڪن ٻڌڻ جي سگهه رکن ٿا ۽ سمجهه جي اعتبار سان به تمام وڏي آهي ته ڪنهن بشري عقل کي طاقت ڪونهي ته هن جي حقيقت کي پوري طرح سمجهي سگهي.

ماڻهون هڪ ٻئي کان ڪهڙي ڳالهه پڇن ٿا. تفسير عزيزي

Image
تفسير سورة نباء – تفسير عزيزي ﷽ عَمَّ يَتَسَاءلُونَ ﴿١﴾ ماڻهون هڪ ٻئي کان ڪهڙي ڳالهه پڇن ٿا . ·       ڪهڙي شئي جي باري ۾ هڪ ٻئي کان پڇن ٿا ڇا اها شئي پڇڻ جهڙي آهي؟ ·       ڇا هن کي سمجهڻ جي هنن ۾ قابليت آهي؟ ·       ته گهڻي پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان انهن جي سمجهه ۾ اچي ويندي؟ ·       ڇا اها اهڙي شيءِ آهي جنهن جي باري ۾ گهڻي پڇا ڪئي وڃي! ·       يا ته اهڙي شئي آهي جنهن جي باري ۾ گهڻي پڇا ئي نه ڪرڻ گهرجي جي نه ته اصل مقصد کان دوري ٿي ويندي . قرآن مجيد جو هي انداز ته ”ڪنهن شئي جي باري ۾ پڇي رهيا آهن“. هن ۾ اشارو آهي ته عقلمند ماڻهوءَ کي سوچي سمجهي ڪنهن شئي جي تحقيق ڪرڻ گهرجي. اڳ ۾ هي ڏسي وٺي ته هيءَ ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ اچي به سگهي ٿي يا نه. جيڪڏهن سمجهه ۾ اچي ته هٿ وجهي ورنه هيئن نه ڪري جو پوءِ محنت ئي ضايع ٿي وڃي ۽ ڪو فائدو به نه ٿئي جيئن مثال مشهور آهي ته محتنت برباد گناهه لازم . ”عم“ لفظ جي تحقيق ”عم“ جو لفظ اصل ۾ ”عما“ هو تخفيف ۽ گهڻي استعمال جي ڪري الف ڪيرايو ويو . نحوي قاعدو : عرب جو قاعدو آهي ته ”ما“ موصوله جي ”الف“ کي اٺن حرفن کان پوءِ ڪيرائي