منهنجي سوچ عابد مظهر



منهنجي سوچ
عابد مظهر

آهي سوچ منهنجي لاهوتين جيان،
عقل هوش سڀ گم ابدالن جيان،
سوچيان ويٺو هر دم مان صوفين جيان،
سڀئي لال جا شعر موتين جيان،
ڌمالون هڻان ٿو مان ملنگن جيان،
روحانيت سموري مثالن جيان،
آهي هڪڙو نقطو سَو نقطن جيان،
عليءَ جو ذڪر جهن ۾ يزدان جيان،
قلندر عليءَ جي غلامن جيان،
منهنجو شهر سيوهڻ نظارن جيان،
لالڻ جون گهٽيون سڀ ستارن جيان،
گهمان ٿو مان سيوهڻ ثوابن جيان،
گهمن بودلا جت ديوانن جيان،
هتان جي مٽي آهي سرمن جيان،
کڙي ٿو پوان هت گلابن جيان،
سوا لک وليئن جو چرچو هتي،
قلندر آ تن ۾ سردارن جيان.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت