رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اِبۡنِ عَبَّاس رضھ قَالَ کَانَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم اَجۡوَدَ الناسِ بِالۡخَیۡرِ وَکَانَ اَجۡوَدُ مَا یَکُوۡنُ فِیۡ رَمَضَانَ کَانَ جِبۡرَءِیۡلُ یَلۡقَاہُ کُلَّ لَیۡلَۃٍ فِی رَمَضَانَ یَعۡرِضُ عَلَیۡہِ النَّبِیُ صلی اللہ علیہ وسلم آلۡقُرۡآنَ فَاِذَا لَقِیَہٗ جِبۡرَءیۡلُ کَانَ اَجۡوَدُ بِالۡخَیۡرِ مِنَ الرِّیۡحِ الۡمُرۡسَلَۃِ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب اجود ماکان النبی ؐ  یکون فی رمضان ج 1 ص 255۔ مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب الاعتکاف الفصل الاول ج 1 ص 183)

”حضرت ابن عباس ؓ  کان روايت آهي ته 


پاڻ ڪريم ﷺ جن تمام ماڻهن جي مقابلي ۾ خير ۽ ڀلائي جي معاملي ۾ انتهائي سخي هئا ۽ رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي اها صفت وڌيڪ ترقي ڪندي هئي، رمضان شريف جي هر رات ۾ حضرت جبرائيل عليه السلام پاڻ ڪريم ﷺ جن سان ملاقات ڪندو هيو، ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن ان کي قرآن ڪريم ٻڌائيندا هئا، ته جڏهن روزانو جبرائيل عليه السلام پاڻ ڪريم ﷺ جن سان ملندو هيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي انهيءَ ڪريمانا صفت ۽ نفع و خير رسائي جي بخشش ۾ الله پاڪ جي موڪليل هوائن کان به وڌيڪ زياده تيزي اچي ويندي هئي ۽ انهيءَ صفت ۾ زور پيدا ٿي ويندو هيو.

هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي صفت ”اَجُوَدُ النَّاسِ بِالۡخَیۡرِ“ بيان ڪئي وئي آهي ان جو مطلب هي آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مخلوق خدا کي ٻين ماڻهن جي بنسبت گهڻو زياده نفعو پهچائيندا هئا ۽ ماڻهن سان بيحد ڀلائي ڪندا هئا خاص طور تي رمضان المبارڪ جي مقدس ۽ بابرڪت مهيني ۾ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي اها صفت معمول کان به وڌيڪ عروج تي هوندي هئي ڇو جو اهو مهينو برڪت جي ڏينهن جو آهي انهيءَ ۾ هر نيڪي ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ گهڻو زياده اجر و ثواب سان نوازي ويندي آهي. ۽ اهي هوائون جيڪي بارش کي آڻينديون آهن انهن جو نفعو عام هوندو آهي ۽ گهڻو هوندو آهي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جڏهن حضرت جبرائيل عليھ السلام سان ملاقات ٿيندي هئي ته ان وقت ٻين کي نفعو  پهچائڻ ۽ ٻين سان ڀلائي ڪرڻ جو جذبو پاڻ ڪريم ﷺ جن ۾ هوائن کان به زياده وڌي ويندو هو. ڄڻ ته هيءَ حديث شريف ان ڳالهه جي طرف اشارو ڪري ٿي ته بابرڪت ۽ افضل اوقات ۾ ۽ مقدس و نيڪ ماڻهن جي صحبت ۽ رفاقت جي وقت اسان کي خير ۽ ڀلائي جي ڪمن ڪرڻ ۾ زياده ڪوشش ڪرڻ گهرجي.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت