جابر بن حيان
مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون
سنڌيڪار: جوھر بروھي
جابر بن حيان
جابر بن حيان جي و
فات 803ع ۾ ٿي. قرآن حديث سان گڏ سائنسي علمن جي تعليم حضرت امام جعفر صادق کان
حاصل ڪئي ۽ بنو اميه جي شاھزادي خالد بن يزيد بن معاويه کان به تعليم حاصل ڪئي.
خالد کي مسلمانن منجھ پھريون ڪيميادان مڃيو وڃي ٿو.
جابر بن حيان جو
لقب صوفي ھو. حڪيم جي حيثيت ۾ ڪوفي شھر منجھھ حڪمت خانو کوليو ھئائين. پر پنھنجو
گھڻو وقت ۽ آمدني سائنسي تحقيق تي خرچ ڪندو ھو جابر جي شھرت جو بنياد ڪيميا بابت
سندس تصنيفون آھن. ھونئن ته ھن سَوَ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. پر سندس مشھوريءَ جو سبب
اھي ٻاويھ ڪتاب آھن، جن جو تعلق علم ڪيميا سان آھي. جيڪي اڃا تائين عربي زبان ۾
موجود آھن. ھن ڪيميا جي خاص فعلن جي تشريح سائنسي طور ڪئي. ارڙھين صدي ۾ جديد ڪيمسٽري
جي ابتدا تائين ھن جي ٻڌايل نظرين ۾ ڪا تبديلي ڪانه آئي.
مطلب ته ايشيا ۽
يورپ جي سائنس ۾ تقريباً ھڪ ھزار سال تائين جابر بن حيان جا نظريا ھلندا رھيا. ان
جا ڪتاب انگريزي ۽ لاطيني زبانن ۾ ترجما ٿيا. ڪيميا بابت ان جا گھڻا اصطلاح مختلف
يورپي زبانن ۾ رائج رھيا. جيڪي ھاڻي جديد ڪيمسٽري جو جزو بڻجي چڪا آھن. ھن علم
مثلث Trigonometry تي ڪتاب لکيا.
جابر علم ڪيميا کي
تجرباتي تحقيق
(Experiment) سان متعارف ڪرايو جنھن
ڪري سائنس کي ڪافي ترقي ملي ۽ جديد ڪيمسٽري جو بنياد پيو. (جارج سارٽن) پنھنجي
ڪتاب سائنس جي تاريخ ۾ لکيو آھي ته جابر جي ڪتابن ۾ ڪيميائي تحقيق جو بھترين طريقو
ملي ٿو. ھن ھڪ اھڙو اوزار ايجاد ڪيو ھو. جنھن ذريعي مختلف شين جو عرق ڪڍڻ ۽ انھن
جو رَسُ يا جوھر ڪڍڻ جو ڪم آسان ٿي ويو. ان اوزار جي مدد سان ھن ٽي معدني تيزاب
ڳولي لڌا. ھن شوري جو به تيزاب دريافت ڪيو. ھن ھڪ اھڙو تيزاب به تيار ڪيو جو سون
کي ڳاري ڇڏي ٿو. ھي ھن جو اھڙو لافاني ڪارنامو آھي جو اڄ تائين سون کي ڳارڻ جو ھن
کان سٺو طريقو ھٿ نه ڪيو ويو آھي.
جابر پنھنجن تجربن
ذريعي ڪيئي فارمولا جوڙيا جھڙوڪ فولاد تيار ڪرڻ مختلف ڌاتن کي ڪم لائق بڻائڻ ڪپڙن
۽ چمڙي تي رنگ چاڙھڻ واٽر پروف ڪپڙي تي وارنش ڪرڻ لوھھ کي ڪَٽ کان محفوظ ڪرڻ شيشه
سازي ۾
Manganese Dioxide استعمال ڪرڻ
سونا اکر لکڻ وغيرھ.
Comments
Post a Comment