سُر ڪيڏارو - داستان ڇھون
سُر
ڪيڏارو
داستان
ڇھون
1
ڪَؤنر،
ڪِلي جا
ڪوڏِيا! جانڪِي
تائِين جِي؛
مَٿان
اَڙِنِ اُسِري،
رُڪَ پِيالو
پِيُ؛
ڳاهُ
ڳِجُھنِ جو
ٿِيُ، ويٺي
جن وَرِهَ
ٿِيا.
2
ڇَپَرِ
جِئَن پَھُون،
تِئَن رِڻُ
ڳِجُھنِ رانـئِيو؛
وَنِڪا
وَنۡڪَنِ گَڏِيا،
ڊوڙِيو ڏِيَنِ
ڊَھُون؛
مُهاَينِ
وَھُون، نِيرُ
مَهانگو ڪَندِيُون.
3
ڪُوپا
ڪِلي ڪوڏِيا،
راوَتَ ڪِينَ
رَھَنِّ؛
سائُنِ
سِرَ فِدا
ڪَيا، اَڳِيان
اِمامَنِّ؛
”يُجَـاھِدُونَ
فِى سَبِيۡل
اللّهِ“،
ڪَمُّ اِھو
ئِي ڪَنِّ؛
حُورُون
ھارَ ٻڌَنِّ،
سِهرا شَهِيدَنِ
کي.
4
جَنَّتَ
سَندِيَنِ جُوءِ،
فائِقَ ھَليا
فِردَوسَ ڏي؛
فانِي
ٿِيا ’فى
اَللهَ‘ ۾،
ھُوءِ سين
ٿِيا ھُوءِ؛
رَبَّ!
ڏيکارِئين رُوءِ،
اُنِين جي
اِحَسانَ سين!
5
حسَنَ،
مِيرَ حُسينَ
کي، رُنو
ٽِنِ ٽولَنِ؛
گَھرِ
ماڙُھين، جَھنگِ
مِرُوئين، اُڀَنِ
۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ
پاڻُ پَڇاڙِيو،
ته لَڏِيو
ھوتَ وَڃَنِ؛
اَلا!
شَهزادَنِ، سوڀُون
ڏِئين، سَچا
ڌَڻِي!
6
حَسَنَ،
مِيرَ حُسينَ
جو، جن
نه ھِنئَڙي
جارُ؛
خالِقُ،
رَبُّ جَبَّارَ،
ڪِينَ مَرھِيندو
تن کي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment