مالي کان مافوشي ۽ K. Ghurado ٻيٽ تائين
اسان تڪڙي تڪڙي مافوشي واري بورڊ جي اڳيان ڦوٽو ڪڍرائڻ
لڳاسين ته جنيد چيو،”سائين! ڇڏيو هتي اسان کي اچڻو آهي پوءِ دل ڀري ڦوٽو ڪڍجو، في
الحال ٻيڙو تيار آهي، اچو ويهو ته هلون“.
هاڻي اسان کي مافوشي ٻيٽ کان ڪي.گرائيدو K.Ghuradoo ٻيٽ ڏي وڃڻو هو. اسان سامان رکي ان فاسٽ بوٽ ۾ ويهي
رهياسين. هن ٻيڙي واري پنهنجو اسپيڪرآن ڪري ڇڏيو هو. هن تيز موٽر واري ٻيڙي ۾ ٻه
نوجوان هيا. هڪڙو ڊرائيونگ سيٽ تي هيو ته ٻيو هن جو اسسٽنٽ هيو. هو تمام تيزي سان ٻيڙي
کي سمونڊ تي ترڪائي رهيو هو. ان ڪري سڀني دوستن کي خوف جو ڇهاءُ محسوس ٿيو. ڇو ته
اسان کي نه لائيف جيڪٽ ڏني ويئي هئي ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو بچاءَ جو سامان. جڏهن ته
مان سمجهان ٿو ته مسافرن کي مافوشي ٻيٽ تان کڻڻ، هنن جو روز جو معمول هيو، ان ڪري
هنن کي ڪا به پرواهه نه هئي. شايد هو اسان کي وڌيڪ سمونڊ کي سمجهن پيا. جڏهن ته اهڙي
تيز رفتار ٻيڙي ۾ اسان جو پهريون سفر هو. پر هنن همراهن کي ڏسون پيا ته هنن جي ڪنن
تي ڪا به جونءِ نه پئي چري، ۽ هنن کي ڪا پرواهه ئي نه هئي. سمونڊ ۾ هلندي هن ڪيترائي
ٻيا به ٻيٽ ڪراس ڪيا هيا. هي اڃان به اڳتي وڃي رهيو هيو.
جنيد کي چيم ته،”ڪٿي وڃي هوٽل بڪ ڪرايو اٿئي، گهٽ ۾
گهٽ مافوشي ٻيٽ ۾ ته بڪ ڪرائين هان. 24 ڪلاڪ کان به مٿي ٿي ويو آهي جو اسان مسلسل
سفر ۾ آهيون“ .
جنيد کلي چيو ته،” گرائيدو ٻيٽ تي پهچي پوءِ ٻڌائجو.
توهان جا سڀ ٿڪ نه لهي وڃن ته چئجو“.
ان آسري ۾ سمونڊ جي سفر مان لطف انداز ٿيندا
رهياسين. ڪيترائي ٻيٽ رات جي روشنيءَ ۾ وهنجي رهيا هيا.
وچ تي اهڙو موڙ آيو، جو هن ٻيڙي کي اهڙي نموني ٽرن ڏنو
جو ذري گهٽ وڃي ٻيڙي اونڌي ٿي هئي. هر ڪنهن دوست جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو هيو.
يوسف عجب چوڻ لڳو،”ڏاڍو خطرناڪ ڊرائيور آهي. ايڏي
اسپيڊ سان پيو هلائي، لڳي ٿو هوٽل تائين به مشڪل پڄون“.
مون کلي يوسف کي چيو،”دل وڏي ڪر، ڪو مسئلو ڪونهي،
هي ماڻهو سمونڊ کي، سامونڊي رستن کي ۽ پنهنجي ٻيڙي کي اسان کان وڌيڪ چڱي ريت ڄاڻن ٿا،
تون دل نه لاهه، الله چڱي ڪندو“.
”الله ته چڱي ڪندو
پر في الحال ته سر ٿو وڃي“. يوسف مسڪرائيندي چيو.
خير تقريبن اڌ ڪلاڪ جي سامونڊي سفر کان پوءِ ٻيڙو
اچي ڪي گروائيدو ٻيٽ جي ڪناري تي لڳو. اسان جو سامان لاٿو ويو. سامهون اسان جي
سامان ۽ اسان کي کڻڻ جي لاءِ هوٽل جو لوڊر بيٺو هيو. جنهن تي اسان ۽ اسان جو سامان
ويهي رهيو. سامونڊي ڪناري کان تقريبن پنجن کان اٺن منٽن جي پنڌ تي، هڪڙي بازار کان
ڪچي روڊ، رستي تي هلندي اسان پنهنجي هوٽل
Athens view وٽ اچي نڪتاسين.
رات هوٽل ۾ هئي. هن هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي اهو چيو
ويو ته،”توهان پنهنجا بوٽ مک دروازي وٽ ئي لاهي رکي ڇڏيو“.
جيتوڻيڪ اسان جي لاءِ اها ڏاڍي عجيب ڳالهه هئي. پر
حڪم جي تعميل ڪندي سڀني دوستن پنهنجا جوتا گيٽ وٽ ئي لاهي رکي ڇڏيا. ڪاٺ جي ڏاڪڻ
ذريعي مٿي پهرين ماڙ ۾ هليا وياسين. ڏاڪڻ چڙهڻ مهل ئي هوٽل جي صفائي صاف ۽ چٽي نظر
پئي آئي. پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ آياسين. هن ڪمري ۾ چار سنگل بيڊ پيل هيا. اسان ٽي
هياسين. مان، سائين مختيار ۽ پرتاب. جڏهن ته ٻي ڪمري ۾ ٻي سنگت يعني مظفر کوکر،
جنيد ڏهر ۽ عجب يوسف. پنهنجو سامان، ٿيلها، بيگ ڪنڊ تي رکي ٿانيڪا ٿي ويٺاسين. مون
ڪافي تيار ڪرڻ لاءِ پاڻي گهرايو. مون کي خبر هئي ته ٿڪاوٽ کي ڀڄائڻ جو بهترين
ذريعو ڪافي آهي. سو ٽيبل تي بجلي واري ڪٽلي اڳ ۾ ئي پيل هئي، ان جي پاسي ۾ ڪافي ۽
کنڊ جون ننڍڙون پڙيون (ساشي) پڻ رکيل هيون. پر کير جي هڪڙي پڙي به نظر نه آئي.
بيري کي چيم ته، ”ڪوپ ۽ کير جون پڙيون ته آڻ“.
بيري چيو ته،”سائين ! کير توهان کي پنهنجو گهرائڻو
پوندو“. سو مون ڪافي جي پڙين مان ئي ٻه ڪافيون ٺاهيون. ڪوپ ايترا ننڍڙا هيا جو وڌ
۾ وڌ ٽي ڍڪ ٿين. سو ڪافي ڏاڍي ڪڙي ٿي وئي هئي. مختيار صاحب ته ڪافي جو هڪ ڍڪ ڀري ڪوپ
کان الوداع ڪئي. باقي مون سمجهو ته اها ڪڙي ئي شگر کي ڌڪ هڻندي سو، اکيون ٻوٽي پي
ويس. سچ اهو آهي ته بنا کير جي ڪافي مون کي به نه پئي وڻي پر پوءِ به زهر جو ڍڪ پي
وياسين ۽ نڀائي وياسين. هن هوٽل ۾ ٻه بيرا جيڪي بنگلاديش جا هيا. انهن ۾ هڪڙي جو
نالو حڪيم هيو ته ٻي جو نالو عبدالله هيو. ٻيئي بيرا ڏاڍا ڪو آپريٽو هيا.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment