قلندري غزل - رحمت الله پيرزادو



قلندري  غزل
رحمت الله  پيرزادو

اسان تي عشق جا جلوا، قلندر تون ڪٿي آهين،
زخم هي ڪيترا گهرا، قلندر تون ڪٿي آهين.

گلين ۾ گيت ئي ناهن، چپن تي آهي خاموشي،
سڙن ٿا رقص جا رستا، قلندر تون ڪٿي آهين.

دليون هن دام ۾ قابو، مگر پرواز آ تن ۾،
ڪڏهن دريا، ڪڏهن صحرا، قلندر تون ڪٿي آهين.

کڻي هن خاڪ جي پويان لڪائي لال آيا سي،
مٽيءَ جو مانُ آ ڇا ڇا، قلندر تون ڪٿي آهين.

اسان جي عشق ۾ اهڙو آ بي منزل نشان آيو،
نه هُو گڏ آ، نه مان تنها، قلندر تون ڪٿي آهين.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت