سُر سورٺ جو تاريخي جائزو - ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

سُر سورٺ جو تاريخي جائزو
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

سنڌ جو سڄاڻ صوفي رهبر، شاهـ عبداللطيف ڀٽائي (1690 – 1752)، هڪ سيلاني محقق هو. سندس رسالي جا سڀئي ڪردار تاريخي حيثيت رکن ٿا. انهيءَ نقطئه نظر کان اسان شاهـ جي ڪلام جو مطلاعو گهٽ ڪيو آهي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته شاهـ جي رسالي ۾ جن قصن ۽ ڪردارن جو ذڪر ڪيل آهي، اُنهن جي هنڌن ماڳن جو، لاکيڻي لطيف خود سير سفر به ڪيو آهي. پنهنجي مقدمين ۽ همعصر تاريخ نويسن جي مقابلي ۾ شاهـ عبداللطيف ڀٽائي رحه جو طريقو وڌيڪ سائينسي ۽ تحقيقاتي هو. سُر سورٺ جو سورمو ڏيوائچ عرف ”راءِ ڏياچ“ پڻ سنڌ جي تاريخ جو هڪ وساريل ورق آهي، جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي.
ڪاٺياواڙ رياست ۾ سفر ڪندي جڏهن لاکيڻي لطيف ”گرنار“ جي قلعي جو سير ڪيو، تڏهن راءِ ڏياچ بابت مقامي معلومات حاصل ڪيائين ۽ چيائين ته:
”ٿيو غلغو گرنار ۾، ته ڪو عطائي آيو“
هي غالباً ڏيهن صدي عيسويءَ جو قصو آهي، جڏهن سنڌ ۾ عرب دؤرپڄاڻيءَ کي پهچي رهيو هو، مقامي سومرا اُڀري رهيا هئا ۽ سنڌ جا سما، سنڌ مان وڌي ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجون جدا جدا راستون قائم ڪري چڪا هئا، اُنهن ۾ ”چاڏن سمن“ (چؤڙن سمن) جي ”ڪاٺياواڙ“ ۾ راجائي قائم هئي، جنهن جو راجا راءِ ڏيوائچ عرف راءِ ڏياچ، سورٺ جو سهاڳ هو.
جهونا ڳڙهه کان ڏهه ميل اوڀر، ڪاٺياواڙ رياست ۾، ”گرنار“ جي پوتر ٽڪري آهي، جنهن تي جين ڌرم جا زبون حال مندر موجود آهن. سنگ مرمر جهڙي پٿر سماق (Granite)  جي جڙيل هيءَ مُقدس ٽڪري، سطح سمنڊ کان ساڍا ٽي هزار فٽ بلند آهي. تقريباً ٽن هزارن فُٽن جي بلنديءَ تي 16 جين مندر ٺهيل آهن. گرنار ٽڪريءَ جي تري وٽ تاريخ اُڪريل آهي: مها راجا اشوڪ / آسوڪا جا 14 فرمان (اٽڪل 251 ق . م)، سترپ ردرادمن جا نقوش (151ع) ۽ گپتا مهاراجا سڪند گپتا جا احڪامات (455)، هن مقام جي مذهبي ۽ تاريخي اهميت جا شاهد آهن. (چئمبرسس، ج 6، ص 355)
اوائيل محققن مان ديوان ليلا رام وطڻ مل لالواڻيءَ جي راءِ آهي ته ”سورٺ ۽ ٻيجل جي ڄمڻ ۽ سورٺ جي راءِ ڏياچ سان شاديءَ جو احوال، حقيقت کان وڌيڪ خيالي آهي.“ (دَ لائيف، رليجن ائنڊ پوئٽري ...، ــ ايضا ــ ص 78). تنهن ڪري تاريخ ۾ تلاش ڪرڻ بجاءِ، لالواڻيءَ، شاهـ جي ”سورٺ“ جو پسمنظر لوڪ داستان جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي.
ازان سواءِ سورٺ ــ راءِ ڏياچ جي گجراتي لوڪ داستان کي سنڌي لوڪ ادب ۾ آندو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سما اصل سنڌي هئا. چارڻ چون ٿا ته اڳئين زماني ۾ گرنار جي قلعي ۾ هڪ راجا رهندو هو، جنهن جو نالو ”راءِ ڏياچ“ هو. سندس ڀيڻ پُٽاڻي اولاد لاءِ سُکائون باسندي ۽ دانِ پُڃ ڪندي رهندي هئي. هڪ ساڌوءَ کيس ٻڌايو ته ”پُٽ ڄمندو، ليڪن تنهنجي ڀاءُ جو سر وڍيندو“. سو جڏهن اهو پٽُ ڄائو ته راءِ ڏياچ جي ڀيڻ انهيءَ کي ٽوڪري ۾ وجهي درياهه جي حوالي ڪيو. اهو ٽوڪرو لڙهندو اچي راجا انيراءِ جي بادشاهيءَ (”سنڌ سوويرا“) ۾ پهتو ۽ هڪ چارڻ جي هٿ لڳو، جنهن ٻارَ جو ”ٻيجل“ نالو رکي کيس پنهنجي فن جي سکيا ڏني ۽ ٻيجل هڪ مهَا ڪلاڪار بنجي ويو. ٻئي طرف انهيءَ ملڪ جي راجا ”انيراءِ“ کي ويهه ڌيئر اڳيئي هيون، جڏهن ايڪويهين ڄائي، تڏهن هن به انهيءَ کي ٽوڪري ۾ وجهي لوڙهائي ڇڏيو، جيڪا اچي ”راءِ ڏياچ“ جي ملڪ ۾ نڪتي ۽ هڪ ڪنڀر کي هٿ لڳي، جنهن سندس نالو ”سورٺ“ رکيو. سورٺ وڏي ٿي ته ڪنڀر سندس سَڱ راجا ”انيراءِ“ کي ڏنو. ڄڃ وٺي وڃي رهيو هو ته ”راءِ ڏياچ“ جي حڪم تي اها روڪي وئي ۽ ”راءِ ڏياچ“ پاڻ ”سورٺ“ سان شادي ڪئي.
سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌ جي سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾ چار روايتون عام نطر اچن ٿيون: سخاوت، اخلاقي قدرن جي حفاظت، پلان وٺڻ ۽ وچن پاڙڻ. اهي چارئي روايتون ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي ۾ موجود آهن: راجا انيراءِ وير وٺڻ لاءِ، ”گرنار“ تي ڪاهي آيو. هڪ سال تائين قلعي جو گهيرو ڪيائين، پر قعلي ۾ گهڙي نه سگهيو ۽ موٽي ويو. پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ پڙهو گهمائي وچن ڪيائين ته ”جيڪو راءِ ڏياچ جو سر وڍي مون کي پيش ڪندو، انهيءَ کي گهڻو مال خزانو ڏيندس“.
عام روايت مطابق پڙهي واري وٽ اشرفين سان ڀريل هڪ ٿالهه هو، جيڪو اهڙي هام هڻندڙ کي اڳواٽ ڏيڻو هو. ٻيجل جي زال پڙهو ٻڌي سوچي ته ”منهنجي مڙس جي چنگ تي جهنگ جا سڀ جانور ۽ پکي پکڻ پنهنجو سِرُ سندس اڳيان حاضر ڪن ٿا، سو ڇو نه راجا راءِ ڏياچ جو سِرُ وڍي آڻي ڏيندو.“ اهو سوچي، اشرفين جو ڀريل ٿالهه وٺي رکيائين ۽ وعدو ڪيائين ته ٻيجل، راءِ ڏياچ جو سِرُ وڍي پيش ڪندو. جڏهن ”ٻيجل“ گهر آيو، تڏهن هي احوال معلوم ڪري ويچار ۾ پئجي ويو. پر وچن به پاڙڻو هو ۽ ”راجا انيراءِ“ جي سزا کان به بچڻو هو، تنهن ڪري پنهنجو ساز کڻي ”گرنار“ روانو ٿيو. پوءِ ڇا ٿيو، سو لطيف سائين ”سورٺ“ ۾ ڳايو آهي:
الله جي آس ڪري، هليو هِئائين،
چارڻ ٻڌا چنگ کي، جُهڙا ۽ جهائين،
ڏولي راءِ ڏياچ جي، ڏوران ڏٺائين،
سٻاجها سائين راءِ ريجهائين راڳَ سين!
هن لوڪ داستان جي پڄاڻي، راجا راءِ ڏياچ جي سِر وڍي ڏيڻ تي نه ٿي ٿئي، جيتوڻيڪ اها سخاوت جي انتهائي منزل هئي، ليڪن وويڪ يا ضمير جي قدرت سزا تي، هن لوڪ داستان جو انت ٿئي ٿو، جڏهن ٻيجل ۽ سدنس زال هِن ڪُڌي ۽ ڪٺور ڪم ڪرڻ تي پاڻ کي باهه ۾ اُڇلائي ساڙين ٿا ۽ گرنار جا نَرَ ۽ ناريوم ماتم ڪن ٿا. لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته:
گل ڇنو گِرنار جو، پٽن ٿيونِ پٽينِ،
سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين،
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سِرُ سينگاريو ڏينِ،
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمڳيو!
تاريخ ۽ لوڪ ادب ۾ فقط اهو فرق آهي ته تاريخ، زمان، مڪان ۽ ثابتيءَ سان مرتب ٿئي ٿي، ۽ لوڪ ادب کي اهڙي تصديق جي ضرورت نه ٿي رهي، ڇاڪاڻ ته مهان ڪوي، استاد ۽ شاعر، انهيءَ کي پيش ڪن ٿا ۽ عوام انهيءَ کي پسند ڪري، سيني سان سانڍي ٿو. دراصل شاهـ جي رسالي جا سُر، سنڌ جي منتخب تاريخ جا باب آهن، جن ۾ لطيف سائين، انسان جي روحاني عظمت کي تصوف جي عميق رمزن ۾ بيان ڪيو آهي:
ڪني ڪني ماڙهئين، پئي ڪل ڪائي،
رسيا جي رمز کي، تن پارسي پائي،
الانسانُ سِري وانا سِرُه، ورتي ايءَ وائي،
راجا راڳائي، هر دوئي هيڪُ ٿيا!
”سُر سورٺ“ ۾، سنڌ جي سدا حيات سرواڻ، شاعر، رهبر ۽ ڏاهي شاهـ عبداللطيف ڀٽائي رحه هن تاريخي داستان کي مثالي بنائي، انسان جي عظمت جي هڪ دائمي حقيقت ۽ حيثيت بيان فرمائي آهي:
وڍ سِرُ، ٿيءُ سرهو، مَ ڪي آءُ، م ڳاءُ،
جاجڪَ! تو مٿاءُ، ملڪ مڙوئي گهوريان!


Back to Index 

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت