Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

نيٺ ڀاڳ کُليا

 

 

نيٺ ڀاڳ کُليا

 

نيٺ هڻي هڻي سڀ دوست ان ڳالهه تي بيهي رهياسين ۽ پروگرام وري به اهو ئي اچي بيٺو ته پاڻ 13 جولاءِ 2024ع جو مالديپ هلجي، مالديپ جي خوبصورت ٻيٽن کي ايڪسپلور ڪجي. دنيا جي ماڻهن لاءِ ته هي هني مون ڊيسٽينيشن آهي، پر اسان لاءِ به اها سوغات ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسان چاهيون ته.

سو ان سلسلي ۾ جنيد اسان جي ڀرپور مدد ڪندي چيو ته،” 13 کان 17 جولاءِ تائين مالي ۾ گهمي ”مالديپ ۾ مانڊاڻ“ مچايون ٿا ۽ ان کان پوءِ 17 تاريخ کان 27 تاريخ تائين ”سري لنڪا جي سونهن“ کي اکين پسي، جيون جون موج مستيون ماڻيون ٿا“.

سو انهيءَ دوران ڪيترا دوست پروگرام ٺاهيندي به ڊاهي ڇڏيا. ڪيترن ته پنهنجا غيرضروري، بنا جواز جي هٿ گهڙيا گهريلو ڪارڻ ڄاڻائي هلڻ کان نابري واري ويهي رهيا. مان چوان ٿو ته هي گهمڻ ته هر ڪنهن جو ذاتي مسئلو آهي. جيڪڏهن ڪو هلي ٿو ته ٺيڪ، نه ٿو هلي ته پنهنجي گهر ۾ خوش. اسان کي هروڀرو ڪنهن کي زور نه ڀرڻ گهرجي. مون ته ڪنهن کي به زور نه ڀريو ۽ نه ئي ڀريندس. سو هر دوست کي پنهنجي حال ۾ ڇڏي ڏجي ته هو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري، پر پنهنجو فيصلو اهڙو پختو ۽ پڪو ڪري جو ان کي ور ور نه مٽائي، ايئن ڪرڻ سان ٻين دوستن جو پروگرام خراب نه ڪري ته بهتر.

نيٺ پنجن دوستن جو پڪو ارادو ٿي ويو. سو مالديپ ۽ سري لنڪا جو ٽرپ مڪمل ٿي ويو. ان حتمي فيصلي کان پوءِ اسان جي پياري پرتاب واٽس اپ گروپ ٺاهيو، جنهن جو هن نالو Maladive-SriLanka رکيو جڏهن ته هن گروپ جو اڳ ۾ نالو ترڪي ۽ باڪو هيو. هن گروپ ۾ هي ناچيز. سائين پروفيسر مختيار سمون، پرتاب راءِ شيواڻي، ڊاڪٽر سنتوش مل، جنيد ڏهر، عبدالرسول چنه، سليم ڪليار ۽ مظفر کوکر اچي وڃن ٿا.

جنيد ڏهر ٻڌايو تهUL-152 سريلنڪن ايئرلائن آهي، جيڪا 13 جولاءِ 2024ع تي صبح جو 6.55 منٽن تي اسان کي ڪراچي جناح ٽرمينل ايم کان کڻندي ۽ 11.05 تي ساڳي تاريخ تي ڪولمبو Colombo (cmb) ٽرمينل  NA تي لاهيندي. اتان کان پوءِ اسان کي وري به سري لنڪن ايئر لائين UL-115 جيڪا اسان کي اڍائي ڪلاڪن جي انتظار ڪرڻ کان پوءِ يعني 13.30 وڳي اتان کڻندي ۽ 14.25 تي يعني پوڻي ٽين وڳي ڌاري مالي Male (MLE) ٽرمينل اين اي تي ڇڏيندي. انهن جهازن ۾ اسان جون اڪانامي ٽڪيٽون آهن. مالديپ جي موسم به پاڪستان جهڙي آهي. هتان جي وقت ۾ به ڪو فرق نه آهي. پاڻ هتي 17 جولائي تائين هونداسين.

ان کان پوءِ پاڻ سري لنڪا نڪري وينداسين. سو 17 جولاءِ تي 9.25 منٽن تي صبح جو اسان جي سري لنڪن فلائيٽ UL-102  آهي، جيڪا به مالي يعني Male (MLE)ٽرمينل اين اي کان نڪرندي جيڪا اسان کي 11.20 منٽن تي اچي ڪولمبو ڇڏيندي. هي ٽرمينل اين اي آهي. اسان ان ڏينهن کان وٺي سري لنڪا ۾ هونداسين، ويندي 17 جولاءِ تائين. 17.07.2024 تي اسان جي واپسي جي فلائيٽ آهي، جيڪا سري لنڪن ايئر لائين آهي. UL-151 جيڪا ڪولمبو CMB  آهي. هي به ٽرمينل اين اي کان نڪرندي ۽ اسان کي 5:45 منٽن تي صبح جو ڪراچي جي جناح ٽرمينل ايم تي ڇڏيندي. اهڙي ريت هي اسان جو شيڊول آهي. باقي اتي هلي ڇا گهمون ان جي خدا کي خبر. اڄ 9 جولاءِ آهي. باقي 3 ڏينهن چوٿين ڏينهن تي اسان جي فلائيٽ آهي. باقي توهان کي مالديپ جي باري ۾ سڀاڻي گهڻو ڪجهه ٻڌائيندس. سو جوڳي نه ڪنهن جا مٽ.

***





 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more