Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ميٽا مارفوسز

مڪمل ميٽامارفوسز (Complete meta marphosis)
ھي عمل پوپٽ وغيرھ ۾ ٿئي ٿو. ھن عمل ۾ نئون ڄاول لاروا (Larva) بالغ کان مڪمل طور مختلف ھوندو آھي. لاروا ڪجھ وقت لاءِ پنھنجو کاڌو حاصل ڪندو آھي ۽ تڪڙو پلجڻ شروع ڪندو آھي، ۽ پنھنجو پاڻ کي خول (Capsule) ۾ يا تَھَ ۾ ويڙھي پيوپا ( Pupa) ٿي پوي ٿو. اڳتي ھلي تبديلين مان ٿيندو  تَھَ مان ٻاھر نڪري ٿو ھاڻي اھو بالغ (Adult)سڏبو آھي.
يعني ته مڪمل ميٽامارفوسز ۾ جيت آني، لاروا، پيوپا ۽ بالغ جي حالت مان گذري ٿو.

اڻ مڪمل ميٽا مارفوسز (Incomplete metamarphoses)
ھن طريقي ۾ آني مان ڦٽل نئون جيت جيڪو نمف (Nymph) سڏبو آھي اھو تمام ننڍڙو ۽ بالغ سان ملندڙ جلندڙ آھي ھن ۾ جسم تي پر (Wings) نه ھوندا آھن ۽ پيدائشي عضوا نا بالغ حالت ۾ ھوندا آھن. پيدائشي عضون جي بالغ ٿيڻ ۽ جسم تي پر نڪرڻ کان پوءِ اھو بالغ ٿي ويندو آھي. ھن قسم جو عمل تڏ وغيرھ ۾ ٿيندو آھي.

فائيلم مولسڪا (Mollusca)
فائيلم مولسڪا وارن جانورن جو جسم نرم ماس جو ٿئي ٿو. ۽ اھو ھڪ سنھي تَھَ يا جھليءَ ۾ ويڙھيل ھوندو آھي. جيڪو مينٽل (Mantle) سڏبو آھي ڪيترائي مولسڪس ھڪ ڪئلشيم ڪاربونيٽ (Calcium carbonate) جي ٺھيل سخت ۽ غير جاندار کوپي (Shell) ۾ ويڙھيل ھوندا آھن اھي گھڻو ڪر ي پاڻيءَ ۾ ملن ٿا پرڪي زمين تي به ملن ٿا . جسم جي ھيٺين پاسي ماس جو ٺھيل عضوو پير (Foot)  آھي جيڪو حرڪت ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. کوپي جي لحاظ کان مولسڪس جا وڌيڪ گروھ ٺاھڻ ۾ مدد ملي ٿي ڪن ۾ کوپو اندر ٿئي ته ڪن ۾ بلڪل ڪونه ٿئي ڪن مولسڪس ۾ پير ڪيترين ئي پٽيءَ نما  ٻانھن ۾ ورھايل ٿئي ھر ٻانھن تي چوسڻولڳل ھوندو آھي. ڪن ۾ کل جو رنگ تبديل ٿي سگھي ٿو ته ڪن ۾ وري موتي ٺھن ٿا. سنيل، پرل اوسٽر، آڪٽوپس، اسڪئڊس مولسڪا جا ڪجھ مثال آھن.



Back to Index


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more