ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
ڪناري تي
هڪڙو ڊگهو مڙس، رنگ جو سانورو، ڊسپوزل گلاس ۾ چانهه جون چسڪيون ڀري رهيو هيو ۽
سگريٽ جو مزو به وٺي رهيو هو. هن کي سلام دعا ڪري هن کان نالو پڇيم. هن پنهنجو
نالو نظير علي ٻڌايو. هو سوڊان جو هيو ۽ سوڊاني اڇي رنگ جي جبي ۾ ملبوس هيو. هن ٻڌايو
ته،”مان هن ٻيٽ ۾ ڏهن ڏينهن کان رهان پيو، هرروز هن ٻيٽ کان ڪنهن ٻيٽ تي گهمڻ
سانگي نڪري ويندو آهيان، پر هي ستين وڳي کان هڪ ٻه منٽ اڳ ۾ نڪري ويندي آهي. هي ٻيڙي
ڪنهن جو انتظار نه ڪندي آهي. ڀلي سڄي ٻيڙي خالي ڇو نه هجي، پر هو وقت پورو ٿيڻ تي ڪنارو
ڇڏي نڪري ويندي آهي. هي سرڪاري ٻيڙي آهي. هن جو اسٽاپ به وقت جو پابند آهي“.
جنيد هن کي چيو ته،”هاڻي ته فيري نڪري ويئي، ڀلا پاڻ
سڀ گڏجي ٻيو ٻيڙو ڪرائي تي ڪرايون ۽ ان جو حساب ڪتاب اڌ و اڌ ڪيون“.
هو ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو هو. هن سان گڏ هن جا ٻارڙا
به هيا. هن جي گهرواري، هن جي جوان ٻه ڇوڪريون ۽ هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري ۽ هڪڙو پُٽ. هن
جي هڪڙي ڇوڪري بلڪل اسلامي لباس يعني ڪاري برقعي ۾ صفا نهن کان چوٽيءِ تائين ويڙهيل/ڍڪيل،
جڏهن ته ٻي کي جينز جي پينٽ، گوڏن کان ڦاٽل (فيشن مطابق)، ٽائيٽ شرٽ پاتل ۽ ڇاتيءَ
کان مٿي تائين چولي پاتل هئي، مطلب ته شارٽ شرٽ هئي. جنيد ۽ هي سوڊاني ٻيڙو ڪرائڻ
لاءِ ڪناري تي گهڻو اڳتي نڪري ويا هيا. اسان اسڪول جي اڳيان ڦوٽا ڪڍرائڻ لڳا
هياسين.
ٿوري دير
کان پوءِ جنيد ۽ نظير سوڊاني موٽي آيا هيا. جنيد رڙ ڪري سائين مختيار کي چيو ته،
”سائين توهان جي پروفيشن وارو ماڻهو ملي ويو. هي ڊاڪٽر نظير به الجازان انجنيرنگ
يونيورسٽي ۾ جنرل انگلش جو پروفيسر آهي. پوءِ ته سڀني جا تعارف ٿي ويا. گروپ ڦوٽو ٿي
ويو. هڪٻئي جي ويجهو ٿي وياسين. جنيد وارن 50 ڊالرن ۾ مافوشي تائين ٻيڙو ڪرايو هو.
جنيد چيو،”ٻيڙو ٿي ويو آهي، ان جي صفائي ڪري رهيا آهن، ڏهه منٽ لڳندا“. هاڻي ٻيڙو
تيار هو. اسان کي پڪاريو ويو ته اچو اچي ويهي رهو ته هلون.
هاڻي پاڻ سڀ ان ٻيڙي ۾
ويهي رهياسين. اسان سڀئي دوست ۽ ڊاڪٽر نظير سوڊاني جي خاندان کان سواءِ ٻيو ڪو به
نه هيو. اسان سڀ ٻيڙي ۾ هڪٻئي سان ڪچهري ڪندا رهياسين. هن جي ننڍڙي ڇوڪري جو نالو
علي هيو، جڏهن ته هن پنهنجي گهرواري جو نالو ليلان، ڌي جو فاطمه، ٻي جو آمنه ٻڌايو
هو. نّظير 13 سالن جي عرصي کان مٿي يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائي رهيو آهي. پاڻ پي
ايڇ ڊي آهي. هن ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري Jazera University
Sudan کان ورتي آهي. هي ۽ هن جو خاندان جا ماڻهو ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن.
نظير جو تعلق تدريس آهي. علم ۽ اد ب سان آهي، ان ڪري اسان جي به هن سان لونءَ لڳي
ويئي. هن نه فقط مون کي پنهنجو اي ميل ڏنو پر ان سان گڏ پنهنجو واٽس اپ نمبر پڻ ڏنو.
انهي دوران اسان ٻيڙي ۾ خوب ڪچهري ڪئي. ڦوٽا ڪڍرايا. ماحول ڏاڍو خوشگوار ٿي ويو
هو.
گريدوکان مافوشي تائين اسان کي تقريبن اڌ منو ڪلاڪ
لڳو هو. ٻيڙي ۾ ٽي نوجوان هيا. جيڪي ٻيڙي جي سار سنڀار تي معمور هيا. هڪڙو ٻيڙي جو
ڪنٽرول سنڀالي رهيو هو يعني ٻيڙي وارو ۽ ٻه ڄڻا هن جي مدد لاءِ موجود هيا. ٻيڙيءَ
جي ڇت تي اندرئين پاسي کان لائيف جيڪيٽ ٽنگيل هيا. هن مهل موسم خراب نه هئي، ان ڪري
سمونڊ جي مستي به مئل هئي. سمونڊ جي ان خاموشيءَ جو اسان ناجائز فائدو وٺندي لائيف
جيڪٽ نه پاتا هيا يا شايد اسان سمجهيو ته اهي پائڻ جي ضرورت نه هئي. فيري واري
اسان کان پنجاهه ڊالر ورتا جنهن مان 25 ڊالر نظير ڀريا ۽ پنجويهه جنيد. پاڻ مافوشي
آئلينڊ/ٻيٽ پهچي چڪا هياسين. هينئر 8 لڳي ڏهه منٽ ٿيا آهن.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment