Posts

Showing posts with the label Molana Abdul Ghafor Qasmi

سائين قاسمي صاحب وِڇڙيو آهي پر وسريو ناهي - مولانا محمد قاسم سومرو صاحب

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- مولانا محمد قاسم سومرو صاحب   ---------------------- موت العالم موت العالم سائين قاسمي صاحب وِڇڙيو آهي پر وسريو ناهي تقريبآ 14 ذوالقعده 1381هه مطابق 20 اپريل 1962ع تي ٻير شريف ۾ استاذي و مرشدي ــ مرشد الموحدين حضرت سائين عبدالڪريم صاحب قريشي رحمه الله جن وٽ ٻير شريف ۾ پڙهي رهيا هئاسون ته: حضرت جن وٽ تار پهتي ته حضرت سائين حماد الله صاحب هاليجي شريف وارا وفات فرمائي ويا. اها تار حضرت سائين ٻير شريف وارن وٽ ٻه ڏينهن دير سان پهتي هئي. تڏهن حضرت سائين جن جنازي نماز تي هاليجي شريف پهچي نه سگهيا هئا.

مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا محمد ابراهيم صديقي

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- مولانا محمد ابراهيم صديقي   ---------------------- محسن المدارس حضرت سائين عبدالغفور قاسمي رحه استاذ العلماءُ شيخ الحديث حضرت مولانا سائين عبدالغفور قاسمي رحه جي سوانح حيات تي ڪجهه لکڻ لاءِ قلم ۽ ڪاغذ ته کڻي ورتو آهي پر هي ڪم مون جهڙي حقير ۽ فقير کان گهڻو پري آهي شايد لکڻ وارا ان حق کي پورو ڪن. آئون صرف خريدارن يوسف ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرڻ چاهيان ٿو، نه ته ايتري وڏي شخصيت تي لکڻ جي تڪليف نه ڪريان ها.

مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا محمد قاسم سومرو

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- مولانا محمد قاسم سومرو ڪنڊيارو، ضلع نوشهرو فيروز   ---------------------- سائين قاسمي صاحب جن سان منهنجون ملاقاتون سجاول ڏانهن سفر مون پهريون دفعو شوال 1403 هه ۾ ڪيو. جڏهن منهنجو تصنفيف ڪيل ڪتاب سچ جي سڃاڻ لکجي تيار ٿيو . آءُ ان ڪتاب تي تبصري لکائڻ لاءِ حضرت مولانا سائين نور محمد صاحب جن وٽ وڃي پهتس. پراني مدرسي ۾ هڪ ڪمري ۾ مليا، ڪمري جي ڇت ۾ منگهه لڳل هو. ان مان هوا ۽ مٽي اچي رهي هئي. اهڙا منگهه اسان جي اپر سنڌ ۾ ڪونه هئا.

مولانا عبدالغفور قاسمي - محمد حسين شاهه سجاولي

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- محمد حسين شاهه سجاولي   ---------------------- آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا مولانا عبدالغفور قاسمي رحه حضرت استاذ جامع المعقول والمنقول شيخ الحديث مولانا عبدالغفور قاسمي هن فاني جهان مان 25 محرم الحرام 1434 هه سومر جي ڏينهن ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ ڪينسر جي موذي بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. انا للہ وانا الیہ راجعون استاد صاحب جي

مولانا عبدالغفور قاسمي - حافظ محمد سليم عاطف

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- حافظ محمد سليم عاطف   ----------------------   سائين قاسمي رحه جي وفات سان سنڌ مان علم جو هڪ باب بند ٿي ويو ضلع ٺٽه سنڌ جي تاريخي ورقن کي اٿلائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي ٻين خطن وانڱر سنڌ سونهاريءَ به وڏن وڏن صوفين ــ بزرگن ۽ عالمن سڳورن کي جنم ڏنو آهي وري سنڌ ۾ ٺٽي جي پنهنجي هڪ انوکي تاريخي حيثيت آهي . جيڪو ماضي ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي جنهن جون سرحدون اتر ۾ ڪيچ مڪران ــ ڏکڻ ۾ بمبئي ۽ اوڀر ۾ ملتان تائين پهچي چڪيون هيون. ٺٽو معاشي ۽ معاشرتي طور تي معدني وسيلن تهذيب ۽ تمدن جي خزانن سان مالا مال هو ــ علم عرفان جو به مرڪز هو ــ جتي پري کان عرب ۽ عجم جا واسي علم جا اڃايل ٺٽي ۾ اچي پنهنجي علمي ۽ روحاني اڃ وسائيندا هئا. فقط ٺٽي شهر ۾ به تقريبن چار سؤ ديني دارالعلوم هئا جن مان علم ۽ فيض جا طالب سيراب ۽ فيضاب ٿيندا هئا ــ هي ٺٽو اهو آهي جنهن ملا مسڪين رحه علامه ابو الحسن سنڌي رحه ۽ علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جهڙين جڳ مشهور علمي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي ــ جن جا فقهي ۽