Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

انگريزياڻين جو ٿورو

 

 

انگريزياڻين جو ٿورو

 

جيتوڻيڪ جنيد ۽ مظفر وارن چيو هو ته اهي اسان جي پٺيان بيچ تي اچن پيا، پر اڃان تائين ٻيئي ڄڻا نه پهتا هيا. هاڻي ته ٽيپهري جو وقت به ٿي ويو هو. بيچ تي گهڻي رش نه هئي، بس چند انگريز ۽ انگريزياڻيون سامونڊي ڪناري ۾ سمونڊ جي مستي سان مستيون ڪري روح رهاڻيون ڪري رهيا هيا. انهن جا کيچل سمونڊ سان گڏ اوسي پاسي وارن کي به مستي ۾ آڻي رهيا هيا. سچ ته مون کي هتي ئي مالديپ ۾ مانڊاڻ نظر آيو هو. هي صاف سٿرو نيري پاڻي وارو سمونڊ هيو. ڪنهن به قسم جو ڪچرو وغيره نه هيو. هتي ڪافي تعداد ۾ تصويرون ڪڍرايونسين. واپسي ۾ جنيد وارا اڃان نه آيا هيا. ان ڪري پاڻ واپسي جو دڳ وٺي هلندا رهياسين.

پريان بيچ ۾ داخل ٿيندڙ لنگهه وٽان هڪڙي پوڙهي انگريزياڻي ۽ هن جي نوجوان ڌي بيچ ۾ داخل ٿي رهيون هيون ۽ اسان نڪري رهيا هياسين. اڀ تي ڪارا ڪڪر گڏ ٿي ويا هيا. مون هنن کي عرض ڪيو ته،”معاف ڪجو، جيڪڏهن توهان دل ۾ نه ڪيو ته اسان سڀني دوستن جو هڪڙو گروپ ڦوٽو ڪڍو“.

نه نه ڪاڳالهه ناهي، توهان بيهو ته توهان جي تصوير ڪڍون ٿا“. نوجوان ڇوڪري مرڪي مختيار صاحب کان موبائيل ورتو هيو.

 هن سان گڏ پوڙهي ته ڏاڍي خوش ٿي. ڇوڪري اسان کي پوز سيٽ ڪرائي رهي هئي. جنهن مان لڳو پئي ته هو ڪا وڏي ماهر ڦوٽوگرافر آهي. مون هن کي سمجهائيندي چيو ته،”اسان جي تصوير ائين ڪڍو، جيئن پويان منظر ۾ جهڙ به اچي ۽ هي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا به اچن“.

هوءَ منهنجي ڳالهه سمجهي ويئي هئي. هن اسان جون ٻه ٽي تصويرون ڪڍيون هيون. ان کان پوءِ وري هن اهي تصويرون موبائيل ۾ ئي کولي ڏيکاريون هيون. واقعي هو ڪا ماهر ڦوٽوگرافر هئي. هن ڏاڍيون سٺيون تصويرون ڪڍيون هيون. اسان هنن جو شڪريو ادا ڪندي بيچ کي ڇڏي اڳتي هوٽل ڏانهن سڀ واپس ٿي رهيا هياسين. ٻاهر نڪرڻ مهل هڪڙو ڇاپري نموني جاءِ هئي. جنهن ۾ چار لڪڙا لڳل هيا. جنهن تي ڪا به ڇت نه هئي. پرتاب اتي اسان جون شاندار تصويرون ٺاهيون. پرتاب به ڏاڍو بهترين ڦوٽو گرافر آهي. اڳتي وڻن جي پاسي کان نڪرڻ لڳاسين ته سامهون کان رستو بند نظر آيو. پر اڳيان ٻه نوجوان وڏن وارن سان ويٺل نظر آيا. جيڪي باهه ٻاري ويٺا هيا. هو ڪو نشو پتو ڪري رهيا هيا. ڇو ته اهو وقت باهه ٻاري ويهڻ جو هيو ڪونه.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more