نيشنل آرٽ گيلري مالي
ان جي گيٽ وٽ ئي ڪائونٽر ٺهيل هيو. جتي ٻه ٽي ڇوڪريون
ويٺيون هيون.
The National Art Gallery of the Maldives is located in the heart of Malé and is the only exhibition space of its kind in the Maldives. Established by the Government of Maldives in 1999 to showcase regular displays of Maldivian and international artworks to preserve the history and instill patriotism among the people of the Maldives, the small the gallery has regular exhibitions, showcasing a variety of artworks from photography to paintings and conceptual works, by local and regional artists. The National Art Gallery showcases solo exhibitions that represent some of the nation’s fledgling art scene, as well as hosts the biennial contemporary exhibition, which highlights the myriad art forms originating from the area, ranging from arts and crafts, conceptual works, and photography.
مون ۽ يوسف عجب ان ڪائونٽر تان ٻه ٽڪيٽون ورتيون ته
پرتاب وارا به اتي ئي ٽڪرائجي ويا.
”اسان آرٽ گيلري گهمي آيا آهيون. توهان ڀلي چڪر هڻي اچو“. پرتاب
چيو.
”ائين ڪيئن ٿيندو، اسان کي نه گهمائيندو؟ توهان اسان سان گڏ اچو ته
ٻيهر گڏجي گيلري جو درشن ڪيون“. مون پرتاب کي عرض ڪيو.
هي گيلري تمام شاهڪار پينٽنگس جي فريمن سان ڀريل
هئي. ديوارن تي واٽر ڪلر سان ٺهيل خوبصورت تصويرن ۾ آرٽسٽن جا جذبا، اڌما، خواب،
خيال، مقصد، درد، پيڙاءَ نظر پئي آيا. جن پنهنجي برش سان وڏي مهارت ۽ فن سان اهي ڪينواس
۾ اوتي ڇڏيا هيا. هتي مان انهن تصويرن مان چند ماسٽر پيس پينٽنگس جون توهان سان ونڊ
ڪيان ٿو. گهمندي گهمندي خبر پئي ته هتي ڪنهن پينٽنگ جي آرٽسٽ به آيل آهي. جنهن خوش
نصيب جي هن آرٽ گيلري ۾ تخليق ڪيل تصوير به رکيل آهي. پو ته دل چيو ته ان آرٽسٽ
سان ملاقات به ڪجي. هن آرٽ گيلري جو انچارج ڏاڍو ملڻسار، بهترين انسان، جنهن اسان
سان تمام گهڻي ڄاڻ جي ونڊ ڪئي. هن اسان کي ان آرٽسٽ سان ملاقات به ڪرائي.
”اسان جي خواهش آهي ته اسان توهان جي تخليق ڪيل تصوير کي ڏسون، ڇا
توهان اسان کي اها تصوير نه ڏيکاريندو“. مون هن کي گذارش ڪئي.
”ضرور ڇو نه، اچو ته توهان کي مان اها تصوير ڏيکاريان. منهنجي خوش
قسمتي آهي جو منهنجي تصوير هن آرٽ گيلري ۾ رکڻ لاءِ منظور ڪئي وئي“. هن خوشي جو
اظهار ڪندي چيو.
هوءَ ڏاڍي بهترين آرٽسٽ
هئي، ان کان پوءِ هو اسان کي پنهنجي آرٽ گيلري ۾ لڳل تصوير تائين وٺي آئي. اسان کي
اها تصوير ڏيکاري. هن جي تصوير ۾ واقعي ئي درد هيو. پيڙاءَ جا پڙلا هيا. مون کي هن
جي تصوير ڏاڍي وڻي هئي. مون هن جي ان آرٽ جي ڏاڍي تعريف ڪندي چيو هو ته،” تمام شاهڪار
تصوير آهي. توهان درد کي ڪيڏو واضع چٽو ڪري پيش ڪيو آهي، ڪاش! ڪو سمجهي سگهي“.
”توهان جي مهرباني. ڪو نه ڪو ضرور سمجهندو. نيٺ ته ڪنهن کي خبر
پوندي“.
”اسان جي خواهش آهي ته توهان جي هن تخليق سان گڏ ڦوٽو ڪڍرايون ۽
توهان به اسان سان گڏ بيهو“. مون هن آرٽسٽ کي گذارش ڪئي.
هن اسان کي مان ڏنو هو. هو اسان سان گڏ بيهي رهي.
هن جي پٺيان هن جي تصوير هئي. اسان هن سان ان تصوير جي پاسي ۾ بيهي ڪجهه ڦوٽو ڪڍرايا.
هن جو شڪريو ادا ڪيوسين.
ان کان پوءِ سڄي آرٽ گيلري ۾ گهمندي گول ڦري
آياسين. هڪڙي جاءِ تي ڪائونٽر کان ٿورو اڳتي بينچ تي هڪڙي پليٽ تي رنگ ۽ ان سان گڏ
ڪجهه برش پڻ پيل هيا. ان سان ئي پاسي ۾ هڪڙو ڪينواس پڻ رکيل هو. جنهن جو مطلب اهو
هو ته جيڪڏهن ڪو آرٽسٽ آهي ته هو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. پنهنجي سوچ کي،
فڪر کي، فن کي، ان ڪينواس تي اوتي سگهي ٿو. ان کان علاوه اتي هڪڙو ڪمينٽس وارو بڪ
به پيل هيو يعني وزيٽرس بڪ. جنهن تي مون پنهنجا ٻه اکر لکيا. مون کان پوءِ يوسف به
برداشت نه ڪري سگهيو، هن به ان ئي ڪتاب تي پنهنجا خيال لکيا. ان کان علاوه انهن وٽ
ڪائونٽر تي هڪڙو بڪ ليٽ به هيو، جيڪو ان آرٽ گيليري جي باري ۾ هيو پر مون نه ورتو
۽ اسان مان ڪنهن به ان طرف ڌيان نه ڏنو. اڄ محسوس ڪيان ٿو اهو آرٽ گيلري وارو بڪ
ليٽ وٺجي ها ته بهتر.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment