مولانا عبدالغفور قاسمي - جوهر بروهي - هيرو لال ونڌين جي


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)


----------------------
جوهر بروهي
هيرو لال ونڌين جي
----------------------

جوڳي جڳ ڇڏي، پُريا پورب پنڌ ڏي
لاهوتي لطيف چئي هليا لعل لڏي

والله يدعواليٰ  دار السلام، صاحب سڀن سڏي
هَئي هئي هن هڏي همه کي حيران ڪيو، (ڀٽائي)

پر اهو ڊسمبر جو مهينو هو. وقت جي ولي ۽ حضرت لاهوري جي فيض جو نمائيندو. صاحب ولايت عزيمت اسان جي دور جا شيخ محترم سائين محمد حسن صاحب شاهپور چاڪر وارا وڇڙي ويا. سنڌ اندر هزارن دلين جي ڌرتي ڌڏي ويئي.
ساڃاهه وندن جي ساهن ۾ سڏڪا ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا
وڻجارن وري، پرهه پڳه ڇوڙيا
اوليون پسي ان جون پيئڙم ڳچ ڳري ويندس ماءِ مري ساري سامونڊين کي “ڀٽائي” هن واقعي کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ
اوچتو اوچتو بظاهر بنا ڪنهن بيماري جي اصل هشاش بشاش منهنجو ننڍو ڀاءُ عبدالڪبير اختر وڇڙي ويو. اسان جي گهر ۾ قيامت ڀرپا ٿي وئي. هو نه رڳو اديب ۽ شاعر هو. پر مدرسي ۽ مسجد جي ڪم ۾ منهنجو ٻانهه ٻيلي ۽ منهنجي ادبي ڪم جو ساٿاري هو. هن حادثي نه رڳو دل کي بي ترتيب ڪري ڇڏيو. پر حوصلو ته ڇهيون ڇهيون ٿي ويو. ان کان پوءِ هيل تائين وڇوڙي جي خوف کان جيون ڪنبي رهيو آهي. ڪير ڇا به چئي پر منهنجو يقين هي آهي ته دنيا اندر علماءِ ڪرام جي ذات ئي ڏکارين دلين لاءِ آٿت بڻجي ٿئي. ۽ سندن پنهنجائپ، نماڻائي ۽ ايثار ئي هوندو آهي. جنهن جي ڪري هزارن اختلافن باوجود، پنهنجي ڳوٺ ۽ شهر ۾ هر عالم سماج جي نه رڳو ضرورت هوندو آهي بلڪه هر صورت ۾ علائقي اندر سماجي ڪمن جو رهنما پڻ هوندو آهي جيڪڏهن علم سان گڏ عمل آهي ته اهو شخص روحانيت جو صاحب چئجي. علم ۽ عمل سان گڏ جيڪڏهن شعور کان آگاهه آهي ته ان کي پنهنجي دور جو سماجي رهنما سمجهيو وڃي ٿو ماڻهن انهن کي “مفڪر” سمجهيو. جيڪي رهنمائي جي اهليت رکن ٿا. ڊسمبر جي سيءَ ساڙو ٻي خبر هن سان ملي ته صاحب ڪمال و ڪلام فضيلة الشيخ ــ شيخ الحديث حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي صاحب، پوئتي هزارين سڏڪا ڪندڙن کي ڇڏي وڇڙي هليا ويا. اهڙين شخصيتن جي لاڏاڻي جي درد جو عڪس “موت العالم موت العالم” جهڙن مشهور لفظن ۾ ملي ٿو. سجاول شهر ڪيترن ئي حوالن سان مشهور آهي حضرت سيد عبدالرحيم شاهه حضرت مولانا نور محمد نور الله مرقده قاري عبدالله خشڪ جهڙا نالا هجن، جن جي علمي ۽ عملي سخاوتن وارن ڪارنامن سنڌ ۾ خوشبو پکيڙي ڇڏي آهي. خاص طور تي انهن نالن پٺيان جامعه هاشمي کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ديني ادارا آهن.
حضرت قاسمي صاحب جي صورت ۾ سنڌ واسجي وئي. جنهن کي هيرو يا موتي چوان ته لطف نه ٿو اچي. بلڪه براهو ئي ترڪيب مطابق “لال نادانه” چئجي ته دل ٺري. اهو لال نادانه مون ٻه ٽي دفعا ڏٺو. مدرسه مصباح العلوم وارهه جو ساليانو جلسو هجي هڪ شخص بنا ڪنهن پروٽوڪول، بنا ڪنهن خبردار؛ هوشيار جي نه ڪلهي تي قبا ۽ نه جبو نه عمامو هڪ نوجوان سان بيٺو ڪچهري ڪري رهيو هو. علائقي جي معلومات وٺي پيو. البت سندس چهري تان اڀرندڙ نور جون ريکائون گهڻن کي ڏانهس متوجه ڪري رهيون. ۽ منهنجو به سمورو توجه ان طرف هو. سادگي ته حد تائين جو ڄڻ ته هن جهڙو ڪو ماڻهون نئون نئون ڪنهن شهر ۾ آيو هجي آخرڪار ڪنهن کان پڇيم ته هي ڪير آهي؟ جڏهن هن جو نالو حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي ورتو. دل تي برف جا مڻ ڪري پيا. وڌي وڃي هن کي هٿ ڏنم ۽ ٻيا به هٿ ڏئي رهيا هئا. مون به هٿ ڏنو ۽ هن ڪوبه توجهه نه ڏنو. ارمان اصل ۾ ڪو نه ٿيو. سندس دست شفاءَ جو لمس مون ايڏو محسوس ڪيو جو دل چاهيو پئي ته هر هر هٿ ملايان. بيان ۾ جيڪا فصاحت حضرت قاسمي کي مليل هئي. اهو به قدرت جو ڪمال هيو نه سر نه لحن نه ڪوڪ نه راڙو. لفظن جي ادائگي اهڙي جو ڄڻ سنڌوءَ تي گل تري رهيا هجن. لکن جي مجمعي ۾ ڳالهائڻ جو اندازو اهڙو ڄڻ ته پنهنجن ٻن خطابين کي سبق ڏئي رهيو آهي. اٽڪل بازي ڪانه هر لفظ جي سچائي خوشبو ۾ واسيل مون ڪجهه سنڌ ۾ تقريرون روبرو ٻڌيون . ڪڏهن ڪونه فرمايائون. فلاڻو حاجي صاحب في الجنته، فلاڻو سيٺ في الجنته اصل ڳالهه ڪري، سچي بي تڪلف!!
سندس علمي تقريرن ۽ مباحثن جو ميٺاج به پنهنجو مٽ پاڻ هو هر ٻڌندڙ کي (پوءِ تقرير جو ٻڌندڙ يا بخاري شريف جو پڙهندڙ) چاهيندو هو ته بيان پورو نه ٿئي. سموري ڄمار درس ۽ حديث پڙهائڻ ۾ گذاريندڙ تي پڪ سان رب ڪريم جي رحمت جون لاٽون هونديون. هڪ شخص بيان ڪيو ته حضرت مولانا اميد علي صاحب مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ پڙهائيندو هو. منجهند جي وقت مولانا صاحب پنهنجي ڪمري ۾ ستل هو. سندس مربي ۽ مرشد سيد الطائفه عالي وقار حضرت تاج محمود امروٽي رحه جن مدرسه ۾ آيا. جاڳندڙ طالبن يا ذميوارن مان ڪنهن به هن هستيءَ کي نه سڃاتو البت سندس شخصي وجاهت کان متاثر ٿيا. هنن حضرت مولانا اميد علي صاحب جي پڇا ڪئي. کين ان ڪمري تائين آندو ويو جتي مولانا اميد علي قيلوله ڪري رهيو هو. حضرت امروٽي رحه سائين جن پاڻ ٻيڪڙيل در کولي ڪجهه ڏٺو ۽ جلد واپس ٿي اچي مسجد ۾ آرامي ٿيا، ظهر جي اذان وقت جڏهن سڀ جاڳيا. مولانا اميد علي کان دانهون نڪري ويون، ته قدم رنج فرمائي مرشد ڪريم تڏي تي آيا ۽ اسان بي خبر ستا پيا هياسين. پر سيد الاولياء دلداري ڏيندي مولانا اميد علي کي فرمايو. اسان ڪمري تائين آياسين توهان کي جاڳايون ها پر ڏٺوسين ته رحمت ڀري هڪ لاٽ عرش کان اچي توهان تي پئي رهي هئي. سوچيوسين ته رحمتن جو اهو سلسلو جاري هجي نه جاڳايوسين. ساري ڄمار جيڪو قرآن ۽ حديث جو درس ڏيندي آرامي ٿئي ٿو، يقين سان هڪ نوراني لاٽ عرش کان هلي ان تائين پهچي ٿي.
مٿي راهه روان ٿيا پورب پوريائون
هي گهر گهوريائون، اڳانڍيائون اڳيان.

فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت