رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
-------
اگر 29 شعبان تي آسمان جي ڪنارن تي غبار جو اثر هجي ۽ هڪ چنڊ ڏسڻ جي خبر ڏئي.
مسئله:
اگر 29 شعبان تي آسمان صاف نه هجي بلڪه ان تي غبار ۽ ڪڪر هجن ۽ هڪ عادل مرد يا عورت غلام ۽ ٻانهون اچي گواهي ڏيئي ته مون چنڊ ڏٺو آهي ته ان جي گواهيءَ تي رمضان المبارڪ جو روزو شروع ڪيو ويندو ۽ چنڊ ڏسڻ جي ثبوت جو حڪم لڳايو ويندو ۽ 


گواه جي عادل هجڻ جو مطلب هي آهي ته اهو شخص نماز ۽ روزي جو پابند هجي ۽ ظاهري طور تي فسق ۽ فجور ۽ گناهه ۾ مبتلا نه هجي ۽ گناهن کان پرهيز ڪندو هجي. ايتري قدر عدالت رؤيت هلال جي ثبوت جي لاءِ ڪافي آهي ۽ رمضان المبارڪ جي چنڊ جي گواهيءَ جي لاءِ لفظ شهادت جي ذريعي گواهي ڏيڻ به ضروري نه آهي بلڪه اهو به ڪافي آهي ته اهو شخص چوي ته مون چنڊ ڏٺو آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم ج 2 ص 123. هداية کتاب الصوم ج 1 ص 198. مراقي الفلاح مع طحطاوي ص 145)

(1)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضہ قَالَ جَاءَ أَعْرَابِيٌّ إِلَىٰ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم فَقَالَ إِنِّي رَأَيْتُ الْهِلاَلَ  یَعۡنِی ھِلاَلَ رَمَضَانَ  فقَالَ أَتَشْهَدُ أَنْ لاَ إِلَهَ إِلاَّ اللَّهُ  قَالَ نَعَمۡ قَالَ أَتَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهِ  قَالَ نَعَمْ  قَالَ يَا بِلاَلُ أَذِّنْ فِي النَّاسِ أَنْ يَصُومُوا غَدًا    ۔ 
(ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی الصوم بالشھادۃ ج 1 ص 87۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی الشھادۃ علی رؤیۃ الھلال)

”حضرت ابن عباس ؓ  کان روايت آهي ته هڪ ڳوٺاڻي قسم جو ماڻهونءَ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ان چيو ته مون اڄ چنڊ ڏٺو آهي (يعني رمضان المبارڪ جو چنڊ) ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان کان سوال ڪيو ته ڇا توهان لاَ إِلَهَ إِلاَّ اللَّهُ  جي گواهي ڏئين ٿو؟ ان عرض ڪيو ته هائو آءُ لاَ إِلَهَ إِلاَّ اللَّهُ  جي گواهي ڏيان ٿو. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ان شخص کان سوال ڪيو ته ڇا تون مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهِ  جي گواهي ڏئين ٿو؟ ان جواب ۾ چيو ته هائو آءُ ان جي به گواهي ڏيان ٿو. (يعني آءُ توحيد ۽ رسالت تي ايمان رکان ٿو ۽ آءُ مسلمان آهيان، ان کان پوءِ) پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت بلال کي حڪم ڏنو ته تون ماڻهن ۾ اعلان ڪر ته سڀاڻي کان ماڻهون رمضان شريف جا روزا رکن.

هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته چنڊ ڏسڻ ۽ رؤيت هلال جي گواهي ڏيڻ واري جي شهادت قبول ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهو اهلِ ايمان مان هجي ڇو جو اهو ئي شخص ان جي اهميت ۽ نزاڪت ۽ ان جي وڏي ذميواري کي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ گواهي ڏيندڙ شخص به مسلمان هيو ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته اهو روزي ۽ نماز جو پابند هوندو ۽ ظاهري طور تي ظهور فسق ۽ فجور کان پرهيز ڪندو هوندو.

(2)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَبۡدِ اللہِ ابۡنِ عُمَرً رضہ قَالَ تَرَاآلنَّاسُ الۡھِلَالَ فَاَخۡبَرۡتُ رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم اِنِّیۡ رَأیۡتُہٗ فَصَامَ وَاَمَرَ النّاسَ بِصِیَامِہٖ۔
(ابو داؤد شریف کتاب الصوم)

”حضرت عبدالله بن عمر ؓ  کان روايت آهي ته هڪ ڀيري پاڻ ڪريم ﷺ جن جي زماني ۾ ماڻهن رمضان شريف جي چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي (ليڪن عام طور تي ماڻهون چنڊ ڏسي نه سگهيا) ته مون پاڻ ڪريم ﷺ جن کي اطلاع ڏنو ته مون چنڊ ڏٺو آهي، ته پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻ به روزو رکيو ۽ ماڻهن کي به حڪم ڏنو ته اهي به رمضان شريف جا روزا رکن.

هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته اگر آسمان تي غرد و غبار هجي ۽ شعبان المعظم اڻٽيهين (29) تاريخ تي ڪوئي هڪ مسلمان عادل نيڪ نمازي چنڊ ڏسڻ جي گواهي ڏئي ته ان جي گواهي ۽ شهادت قبول ڪئي ويندي.




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت