احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
-------
اگر 29 شعبان تي آسمان جي ڪنارن تي غبار جو اثر هجي ۽ هڪ چنڊ ڏسڻ جي
خبر ڏئي.
مسئله:
اگر 29 شعبان تي آسمان صاف نه هجي بلڪه ان تي غبار ۽ ڪڪر هجن ۽ هڪ
عادل مرد يا عورت غلام ۽ ٻانهون اچي گواهي ڏيئي ته مون چنڊ ڏٺو آهي ته ان جي
گواهيءَ تي رمضان المبارڪ جو روزو شروع ڪيو ويندو ۽ چنڊ ڏسڻ جي ثبوت جو حڪم لڳايو
ويندو ۽
گواه جي عادل هجڻ جو مطلب هي آهي ته اهو شخص نماز ۽ روزي جو پابند هجي ۽
ظاهري طور تي فسق ۽ فجور ۽ گناهه ۾ مبتلا نه هجي ۽ گناهن کان پرهيز ڪندو هجي.
ايتري قدر عدالت رؤيت هلال جي ثبوت جي لاءِ ڪافي آهي ۽ رمضان المبارڪ جي چنڊ جي
گواهيءَ جي لاءِ لفظ شهادت جي ذريعي گواهي ڏيڻ به ضروري نه آهي بلڪه اهو به ڪافي
آهي ته اهو شخص چوي ته مون چنڊ ڏٺو آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم ج 2 ص 123. هداية کتاب
الصوم ج 1 ص 198. مراقي الفلاح مع طحطاوي ص 145)
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضہ قَالَ جَاءَ أَعْرَابِيٌّ إِلَىٰ النَّبِيِّ
صلى الله عليه وسلم فَقَالَ إِنِّي رَأَيْتُ الْهِلاَلَ یَعۡنِی ھِلاَلَ رَمَضَانَ فقَالَ أَتَشْهَدُ أَنْ لاَ إِلَهَ إِلاَّ
اللَّهُ قَالَ نَعَمۡ قَالَ أَتَشْهَدُ
أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهِ قَالَ
نَعَمْ قَالَ يَا بِلاَلُ أَذِّنْ فِي
النَّاسِ أَنْ يَصُومُوا غَدًا ۔
(ترمذی
شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی الصوم بالشھادۃ ج 1 ص 87۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام
باب ماجاء فی الشھادۃ علی رؤیۃ الھلال)
”حضرت ابن عباس ؓ کان روايت
آهي ته هڪ ڳوٺاڻي قسم جو ماڻهونءَ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ان چيو ته
مون اڄ چنڊ ڏٺو آهي (يعني رمضان المبارڪ جو چنڊ) ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان کان سوال ڪيو
ته ڇا توهان لاَ إِلَهَ إِلاَّ اللَّهُ جي
گواهي ڏئين ٿو؟ ان عرض ڪيو ته هائو آءُ لاَ إِلَهَ إِلاَّ اللَّهُ جي گواهي ڏيان ٿو. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن
ان شخص کان سوال ڪيو ته ڇا تون مُحَمَّدًا رَسُولُ اللَّهِ جي گواهي ڏئين ٿو؟ ان جواب ۾ چيو ته هائو آءُ
ان جي به گواهي ڏيان ٿو. (يعني آءُ توحيد ۽ رسالت تي ايمان رکان ٿو ۽ آءُ مسلمان
آهيان، ان کان پوءِ) پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت بلال کي حڪم ڏنو ته تون ماڻهن ۾ اعلان ڪر
ته سڀاڻي کان ماڻهون رمضان شريف جا روزا رکن.“
هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته چنڊ ڏسڻ ۽ رؤيت هلال جي گواهي ڏيڻ
واري جي شهادت قبول ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهو اهلِ ايمان مان هجي ڇو جو اهو ئي
شخص ان جي اهميت ۽ نزاڪت ۽ ان جي وڏي ذميواري کي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ گواهي ڏيندڙ
شخص به مسلمان هيو ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته اهو روزي ۽ نماز جو پابند هوندو ۽ ظاهري
طور تي ظهور فسق ۽ فجور کان پرهيز ڪندو هوندو.
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَبۡدِ اللہِ ابۡنِ عُمَرً رضہ قَالَ تَرَاآلنَّاسُ الۡھِلَالَ
فَاَخۡبَرۡتُ رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم اِنِّیۡ رَأیۡتُہٗ فَصَامَ
وَاَمَرَ النّاسَ بِصِیَامِہٖ۔
(ابو داؤد شریف کتاب الصوم)
”حضرت عبدالله بن عمر ؓ کان
روايت آهي ته هڪ ڀيري پاڻ ڪريم ﷺ جن جي زماني ۾ ماڻهن رمضان شريف جي چنڊ ڏسڻ جي
ڪوشش ڪئي (ليڪن عام طور تي ماڻهون چنڊ ڏسي نه سگهيا) ته مون پاڻ ڪريم ﷺ جن کي
اطلاع ڏنو ته مون چنڊ ڏٺو آهي، ته پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻ به روزو رکيو ۽ ماڻهن کي به
حڪم ڏنو ته اهي به رمضان شريف جا روزا رکن.“
هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته اگر آسمان تي غرد و غبار هجي ۽ شعبان
المعظم اڻٽيهين (29) تاريخ تي ڪوئي هڪ مسلمان عادل نيڪ نمازي چنڊ ڏسڻ جي گواهي ڏئي
ته ان جي گواهي ۽ شهادت قبول ڪئي ويندي.
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment