احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ليلة القدر جي تعيين
-------
ايتري ڳالهه ته قرآن ڪريم جي تصريحات مان ثابت آهي ته شبِ قدر رمضان
المبارڪ جي مهيني ۾ ايندي آهي مگر تاريخ جي تعيين ۾ اهلِ علم حضرات جا مختلف اقوال
آهن جيڪي پنجاه جي قريب آهن مگر انهن سمورن اقوالن مان صحيح هي آهي ته ليلة القدر
رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ هوندي آهي مگر
آخري عشري جي ڪائي خاص تاريخ متعين نه آهي بلڪه انهن مان ڪنهن به رات
۾ ٿي سگهي ٿي ۽ اها رات رمضان المبارڪ ۾ بدلجندي به رهندي آهي ۽ انهن ڏهن راتين
مان خاص اِڪيءَ وارين راتين ۾ هوندي آهي يعني 21 ــ 23 ــ 25 ــ 27 ــ 29 انهن
تاريخن ۾ صحيح احاديث جي حوالي سان زياده احتمال آهي. انهيءَ قول جي مطابق تمام
احاديث جيڪي شبِ قدر جي تعيين جي باري ۾ آهن جمع ٿي وڃن ٿيون جنهن ۾ 21 ــ 23 ــ
25 ــ 27 ــ 29 تاريخ جي راتين ۾ شبِ قدر جي هجڻ جو ذڪر آيو آهي.
اگر شبِ قدر کي انهن راتين ۾ دائر ۽ هر رمضان المبارڪ ۾ منتقل ۽
تبديل ٿيڻ واري قرار ڏنو وڃي ته اهي حديث جون سموريون روايتون پنهنجي پنهنجي جڳهه
تي درست ۽ ثابت ٿي وڃن ٿيون ڪنهن ۾ به تاويل ڪرڻ جي ضرورت ئي باقي نٿي رهي. تنهن
ڪري اڪثر ائميه فقهاءِ ڪرام رحه ان کي آخري عشري ۾ منتقل ٿيڻ واري رات قرار ڏنو
آهي.
إِنَّا أَنزَلْنَاهُ فِى لَيْلَةِ الْقَدْرِ
هن آيت شريف ۾ تصريح آهي ته قرآن ڪريم شبِ قدر ۾ نازل ٿيو، ان جو هي
مفهوم به ٿي سگهي ٿو ته پورو قرآن ڪريم لوحِ محفوظ مان انهيءَ رات ۾ لاٿو ويو هجي
پوءِ جبرائيل عليھ السلام ان کي آهستي آهستي تقريباً 23 سالن جي عرصي ۾ حسبِ هدايت
ٿورو ٿورو آڻيندو رهيو ۽ هي به مطلب ٿي سگهي ٿو ته ابتدائي نزولِ قرآن انهيءَ رات
۾ چند آيتن سان ٿيو هوندو، باقي بعد ۾ نازل ٿيندو رهيو هجي.
تَنَزَّلُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ
ان ۾ روح مان مراد حضرت جبرائيل عليھ السلام آهي، حضرت انس ؓ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جڏهن
شب قدر ٿيندي آهي ته حضرت جبرائيل عليھ السلام فرشتن جي هڪ وڏي جماعت سان گڏجي
زمين تي لهندو آهي ۽ جيترا به الله پاڪ جا نيڪ ٻانهان مرد ۽ عورتون نماز يا ذڪر و
فڪر ۾ مشغول هوندا آهن انهن سڀني جي لاءِ رحمت جي دعا ڪندا آهن.
۽ اها رات سلام ۽ سلامتي ئي آهي ۽ خير و ڀلائي آهي ۽ انهيءَ رات ۾
شرَّ جو نالو ئي نه هوندو آهي. ۽ ان رات جي اها برڪت ۽ فضيلت رات جي ڪنهن به حصي
سان خاص نه آهي بلڪه شروع رات کان وٺي صبح صادق تائين انهيءَ برڪت ۽ عظمت سان
هوندي آهي. ۽ جنهن شخص شبِ قدر ۾ عشاء ۽ صبح جي نماز جماعت سان پڙهي هوندي ته ان
به انهيءَ رات جو ثواب حاصل ڪيو ۽ جيڪو شخص جيتري قدر انهيءَ رات ۾ عبادت ڪندو ته
اهو اوتري قدر زياده ثواب حاصل ڪندو.
علامه ابن ڪثير رحه پنهنجي تفسير ۾ روايت نقل فرمائي آهي ته ”ابن ابي
حاتم ۾ آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن بني اسرائيل جي چئن عبادت گزارن جو ذڪر فرمايو جن اسي
(80) سالن تائين الله پاڪ جي عبادت ڪئي هئي، اک ڇنڀ جي برابر به الله پاڪ جي
نافرماني نه ڪئي هئي، (يعني) حضرت ايوب عليھ السلام، حضرت زڪريا عليھ السلام، حضرت
حزقيل بن عجوز عليھ السلام، حضرت يوشع بن نون عليھ السلام.
صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين کي ڏاڍو تعجب ٿيو، پاڻ ڪريم ﷺ جن
وٽ حضرت جبرائيل عليھ السلام آيو ۽ فرمايو ته اي محمد ﷺ توهان جي امت ان جماعت جي
عبادت کي تعجب ڪيو ته الله پاڪ ان کان به افضل شئ توهان تي نازل فرمائي ۽ فرمايو
ته هي افضل آهي ان کان جنهن تي پاڻ ڪريم ﷺ ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي امت تعجب ظاهر ڪيو
هو، پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن جا صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين بيحد خوش ٿيا.
(تفسير ابن ڪثير سورت القدر ج 5 ص 5-575)
علامه ابن ڪثير رحه ليلة القدر جي اهميت ۽ فضيلت جي باري ۾ هڪ جي
روايت نقل فرمائي ٿو ته ”امام ابو محمد بن ابو حاتم رحه جن پنهنجي تفسير ۾ هن سورت
جي تفسير ۾ حضرت ڪعب ؓ کان روايت نقل ڪئي
آهي ته سدرة المنتهيٰ جيڪا ستين آسمان جي حد تي جنت جي متصل واقع آهي جيڪا دنيا ۽
آخرت جي فاصلي تي آهي ان جي بلندي جنت ۾ آهي ان جون شاخون عرش ڪرسيءَ جي هيٺان آهن
ان ۾ ايتري قدر فرشتا (موجود) آهن جنهن جي تعداد جو علم الله پاڪ کان علاوه ٻئي
ڪنهن کي به نه آهي ان جي هر شاخ تي بيشمار فرشتا موجود آهن، هڪ وارَ جي برابر به
ڪا اهڙي جڳهه نه آهي جيڪا فرشتن کان خالي هجي ان وڻ جي وچ ۾ حضرت جبرائيل عليھ
السلام جو مقام آهي. الله پاڪ جي طرف کان حضرت جبرائيل عليھ السلام کي آواز ملندو
آهي ته اي جبرائيل عه! ليلة القدر ۾ انهيءَ وڻ جي سمورن فرشتن کي وٺي ڪري زمين تي
وڃ. اهي سمورا فرشتا رحمت وارا آهن جنهن جي دلين ۾ هر مؤمن جي لاءِ رحم جا جذبات
موجود آهن. سج لهڻ سان ئي اهي سمورا فرشتا حضرت جبرائيل عليھ السلام سان گڏجي ليلة
القدر ۾ لهندا آهن ۽ پوري زمين تي پکڙجي ويندا آهن، هر هر جڳهه تي سجدي ۾ ۽ قيام ۾
مشغول ٿي ويندا آهن ۽ تمام مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي لاءِ دعائون گهرندا آهن،
البته (جيڪي ماڻهون) گرجا گهر، مندر ۾، آتشڪده ۾، بت خاني ۾ غرض خدا کان سواءِ ٻين
جي جنهن جڳهه تي پوڄا ٿيندي آهي اتي ته اهي فرشتا نه ويندا آهن ۽ انهن جڳهن ۾ به
جن ۾ توهان گنديون شيون اڇلائيندا آهيو ۽ ان گهر ۾ به جتي نشي ڪرڻ وارو شخص موجود
هجي يا نشي واري شئ موجود هجي يا جنهن گهر ۾ ڪوئي ڀت رکيل هجي يا جنهن گهر ۾ باجا،
گهنٽيون هجن، يا بوتا هجن يا گند ڪچري اڇلائڻ جي جڳهه هجي اتي اهي رحمت وارا فرشتا
نه ويندا آهن، باقي پوري زمين جي چپي چپي تي گهمندا آهن ۽ پوري رات مؤمن مردن ۽
مؤمن عورتن جي لاءِ دعائن گهرڻ ۾ گذاريندا آهن.
حضرت جبرائيل عليھ السلام سمورن مؤمنن سان مصافحو ڪندو آهي ۽ هٿ
ملائيندو آهي، ان جي نشاني هي آهي ته (ان وقت) جسم جا وار ڪانڊارجي ويندا ۽ دل نرم
ٿي ويندي ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويندو. ان وقت ماڻهون کي سمجهڻ گهرجي ته ان وقت ان جو
هٿ حضرت جبرائيل عليھ السلام جي هٿ ۾ آهي.
حضرت ڪعب ؓ فرمائي ٿو ته
جيڪو شخص ان رات ۾ ٽي ڀيرا لاَ إِلَهَ
إِلاَّ اللَّهُ پڙهي ته ان جي پهرين ڀيري
جي پڙهڻ سان ئي گناهن کان بخشش ملي ويندي آهي، ٻئي ڀيري پڙهڻ سان (جهنم جي) باهه
کان نجات ۽ ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي، ٽئين ڀيري پڙهڻ سان جنت ۾ داخل ٿي ويندو آهي.
(تفسير ابن ڪثير سورت القدر ج 5 ص 580)
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment