شاهـ جي ڪلام ۾ تصوف جون رمزون - ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

شاهـ جي ڪلام ۾ تصوف جون رمزون
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

گهڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، وسيلا ويا.
تهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ مهيار جا.
شاهـ ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾ وک وک تي تصوف جا ڳوڙها خيال ۽ راز استعمال ڪيا آهن. جن کي رڳو اُهي ماڻهو پروڙي سگهن ٿا، جن کي شاهـ صاحب جي انهن رمزن جي خبر آهي. شاهـ صاحب جيڪو تصوف ڪتب آندو آهي، سو ويدانتي تصوف نه آهي، جيئن ڪي ماڻهو سمجهي ريها آهن ۽ ائين لکيو به اٿن: بلڪه خالص اسلامي تصوف آهي، جنهن جو واسطو قرآن ۽ حديث سان آهي. شاهـ صاحب هڪ اهل الله، عارف بالله ۽ ولي الله هو. دنيا ۾ نبين جي اچڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ بيد، ولي انهن جا جاءِ نشين ٿي آيا. ولي دنيا ۾ انسان جي رشد ۽ هدايت جي لاءِ ايندا آهن ۽ شاهـ صاحب به انهيءَ لاءِ آيو هو ته ماڻهن کي خدا، رسول ۽ قرآن جون ڳالهيون ٻڌائي دڳ تي لڳائي، تاڪه هو خدا جو قرب حاصل ڪن ۽ وصل الي الله حاصل ڪن. شاهـ صاحب جو سڄو ڪلام ڏسبو ته اهڙين ڳالهين سان ڀريو پيو آهي ۽ خود شاهـ صاحب انهيءَ بابت پنهنجي ڪلام ۾ اسان کي چتاءُ ڪري ڇڏيو آهي ته:
تو جي بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
يعني شاهـ صاحب جي چوڻ جو مطلب آهي ته سندس ڪلام محض شاعري نه آهي، رڳو بيت ڪين آهن، پر انهن ۾ قرآن جو تفسير سمايل آهي.
دنيا ۾ ڪيترائي ولي آيا، تن مان ڪن وعظج جي ذريعي خدا تعاليٰ جي واٽ ڏيکاري ته، جن نصيحت جو طريقو اختيار ڪيو، مگر شاهـ صاحب شاعريءَ کي اظهار جو ذريعو بنايو ۽ شاعريءَ ۾ اسلام کي پيش ڪرڻ لاءِ تصوف کي استعمال ڪيو. شاعريءَ کي زماني کان وٺي مذهب سان لاڳاپو رهيو اهي. تنهن ڪري الاهيات جو مختلف نوعيت سان شاعريءَ سان تعلق رهيو آهي. اها ڳالهه سنسڪرت، عربي، فارسي وغيره شاعريءَ ۾ صدين کان وٺي نظر اچي ٿي. مذهب ۾ شاعريءَ جيڪو اثر پيدا ڪيو تنهن جون ٻه صورتون آهن، هڪ ته مذهب جا حڪم احڪام ۽ اسلامي دنيا جا واقعا صاف صاف لفظن ۾ نظم ڪيا ويا، جيئن مولوي ابو الحسن يا مولوي ضياء الدين ٺٽويءَ وغيره ڪيو. ٻيو مذهب اسلام کي ٻئي پيرايي ۾ وٺي وڃي شاعريءَ جو وڳو پهرايو ويو، يعني شاعريءَ ۾ تصوف استعمال ڪيو وي. پرهيائين اسلام سان تصوف جو لاڳپو پيدا ڪيو وي. پوءِ شاعريءَ کي تصوف جي لاءِ ڪم آندو ويو. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جي لاءِ ان کان وڌيڪ سٺي ٻي ڪا واٽ نه هئي ۽ نه تصوف شاعريءَ کان وڌيڪ بهتر ڪو ٻيو وڳو پائي سگهي ها. شاهـ ڀٽائي رح به پنهنجن بيتن ۾ اهو طريقو اختيار ڪيو ۽ تصوف کي ڪتب آندو. اسلام ي صاف ۽ سڌين ڳالهين کي تصوف جي ڳوڙهن ۽ پيچيدن طريقن سان پيش ڪيو جهرو هن بيت ۾:
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا ويا،
تهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
هيءُ بيت سر سهڻيءَ ۾ آهي ۽ انهيءَ نموني جا ڪيترا بيت ساڳئي سر ۾ آهن. ان مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته شاهـ صاحب اجايو بيتن کي دهرايو آهي، بلڪه شاه صاحب تصوف جي جنهن نڪتي کي سمجهائڻ گهري ٿو، تنهن کي مختلف نمونن سان بيان ڪري، اُن جي اهميت ظاهر ڪري ٿو. شاهـ صاحب جي انهيءَ بيت جي لفظي معنيٰ ۽ تصوف جون رمزون بيان ڪرڻ کان اڳي ڪجهه نڪتا انهيءَ بيت بابت اوهان جي آڏو رکجن ٿا، تاڪ بيت کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.
انسان ۾ ”وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِى“ جو راز سمايل آهي. يعني الله تعاليٰ پهنجو روح ان ۾ ڦوڪيو آهي ۽ اهو روح بيچين آهي ته خاڪي قلب مان نڪري، جتان آيو آهي وري اتي وڃي. ”كُلِّ شَىْءٍیرجعَ اِلیٰ اَصلِہِ“ يعني جيڪا شيءِ جتان آئي آهي اتي موٽي ويندي. مگر دنيا جا اسباب ۽ وسيلا طالب کي مطلوب سان ملڻ ۾ روڪين ٿا. دنيا، جا درياءَ جي مثال آهي، تنهن جي هن ڀَر اچڻ کان پوءِ جسم ۽ ٻيا اسباب حجاب ٿي پيا آهن. جيئن سهڻي درياءَ جي هن ڀَر تان مطلوب کي ملڻ لاءِ حيلا ٿي ڪيا پر جيسين اهي حجاب نه ٽٽا، تيسين ميهار جا سڏ ڪين ٻڌائين.
تعلق، حجاب است بي حاصلي،
چو پيوند ها بگسلي، واصلي.
يعني لڳ لاڳاپا بيڪار حجاب آهن، جڏهن انهن پيوندن کي ڀڃين ته خدا تعاليٰ سان واصل ٿين.
ٻيو نڪتو هيءُ به ياد رکڻو آهي ته روز ازل کان جيڪو وعدو طالب، مطلوب سان ڪري آيو آهي، سو به نڀائڻو اٿس. انهيءَ جي گهڻي اپٽار شاهـ صاحب سُر مارئيءَ ۾ ڪئي آهي ته:
الست بربُکم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
ساڳي ڳالهه سُر ڪوهياريءَ ۾ به ڪئي اٿس:
پهرين تون پاريج، پارڻ پوءِ پنهونءَ تي،
ٻول مَ وساريج، هو جو ڪيئي هوت سين.
انهيءَ وعدي کي پوري ڪرڻ لاءِ طالب بيچين آهي ۽ سڀ ٻنڌڻ ٽوڙي، واصل بالله ٿيڻ ٿو گهري؛ پر اها مدعا حقيق فنا کان سواءِ حاصل ٿي نٿي سگهي. سالڪ کي، حق سبحانهُو و تعاليٰ کي ڏسڻ ۾ ايترو غرق ٿي وڃڻ گهرجي جو پنهنجي ذات ۾ سڀني شين کي ڀلجي وڃي. جيسين سالڪ ماسوا جي قيد ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ پنهنجي خوديءَ جي قيد کان ڇٽو نه آهي، تسين فنا در فنا کي حاصل نه ڪندو ۽ وصولِ الي الله کان پري رهندو. سهڻي ڪيئن انهن وسيلن کي ٽوڙي، قرب ٿي حاصل ڪري، تنهنو اظهار ڏنل سٽ ۾ شاهـ ڀٽائي رحه ڪيو آهي.
ٽيون ته شاهـ صاحب بقا ۽ فنا جو نُڪتو به پيش ٿو ڪري. انسان جي جسم ۾ روح ڦوڪيو ٿو وڃي ”وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِى“. انسان جو جسم فاني آهي ۽ روح غير فاني. هن ڀَر يعني دنيا ۾ جسم جو نشوونما ٿو ٿئي. يعني فاني شيءِ جو فاني دنيا ۾. ليڪن روح، جو غير فاني آهي، سو غير فاني دنيا ۾. يعني ٻئي جهان ۾ جتان هو آيو هو وڃي پنهنجي اصل سان ملڻ ٿو گهري ”كُلِّ شَىْءٍیرجعَ اِلیٰ اَصلِہِ“ اهو ان وقت ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن فاني شيءِ، فاني دنيا ۾ فنا ٿئي ته پوءِ روح آجو ٿي پنهنجي اصل سان وڃي ملندو. تنهن ڪري فنا ٿيندڙ شين جو هڪٻئي سان لاڳاپو رهي ٿو ۽ غير فاني شين جو پاڻ ۾ واسطو رهندو آهي. جيئن روح (طالب). مطلوب (جتان روح اصل آيو هو) ۽ غير فاني جهان، اهي ٽيئي ابدي آهن؛ يعني انهن کي بقا آهي، باقي جسم، جو فاني آهي ۽ هيءَ دنيا ۽ ان جا وسيلا اهي سڀئي فنا ٿيندڙ شيون آهن، انهن سڀني ڳالهين جي اپٽار شاهـ صاحب ڏنل بيت ۾ ڪئي آهي.
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي وسيلا ويا،
تهان پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
هن جي لفظي معنيٰ ٿيندي ته گهڙو ڀڄي پيو، ڇاڪاڻ ته ڪچو هو، جنهن جي ڪري پاڻي لڳڻ سان پُسي، ڀُري ڀڄي پيو ۽ جيڪي به دنيا جا وسيلا هئا، جهڙوڪ: ڪچو گهڙو، هٿ پير هڻڻ جي اتڪل ۽ سهڻيءَ جي همت ۽ بي ڊپائي سڀ ختم ٿي ويا، ۽ ازل، يعني سهڻي مري ويئي (زال ضعيف ٿيندي آهي، تنهن ڪري ڪمزوري جو نشان ليکي ويندي آهي ۽ ضعيفي محبوب کان پري رکندڙ شيءِ آهي). تنهن کان پوءِ هن ميهار جا سڏ ٻڌا، يا هن جي ڪنن تي ميهار جا پڙلاءَ پهتا. هاڻي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انهيءَ لفظي معنيٰ، مطلب ته ظاهر ڪونه ڪيو، اٽلندو مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو. مرڻ کان پوءِ سڏ ڪيئن ٻڌائين! يا اهي سڏ ڇا هئا؟
اهو سجھو بيت تصوف جي رمز ۾ چيل آهي، تنهن ڪري ان کي تصوف جي لفظن ۾ ئي سمجهڻ گهرجي ته سمجهه ۾ اچي سگهي. مٿي جيڪي به نڪتا بيان ڪري آيا آهيون، تن کي هتي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.
شاهـ ڀٽائيءَ رحه جي هيءَ خصوصيت آهي ته هو هميشه تمثيلات کان ڪم وٺندو آهي. هن بيت ۾ سهڻيءَ ۽ ميهار جو بيان آهن، وسيلن ۽ درياهه ۾ غرق ٿيڻ جا اشارا آهن ۽ مرڻ ۽ مرڻ کان پوءِ سڏ ٻڌڻ جو ذڪر آهي.
سهڻي گهڙي تي پنهجن هٿن پيرن هڻڻ سان، باوجود اونداهيءَ ۽ آڌيءَ رات هجڻ جي، هڪ ڪمزور زال هوندي به، بنا ڊپ ڊاءَ جي درياهه جي دهشت، لهرين جي زور ۽ تک، طوفان ۽ واءَ جي تيزي، دريائي خوفناڪ جانورن جي مقابلي ۾ همت ڪري ميهار کي گڏجڻ ويندي هئي. شاهـ صاحب اهي سڀئي ڳالهيون آنديون آهن مگر تمثل طور. سهڻي طالب آهي ته ميهار مطلوب، طالب پنهنجي مطلوب تائين پهچڻ ۾ دنيا جا حيلا وسيلا ٿو ڪتب آڻي، جهڙوڪ سهڻيءَ جو وجود، گهڙو، سهڻيءَ جي هٿ پير هڻڻ جي اٽڪل، جيئن ترڻ ۽ ٻڏڻ مهل ڪيو آهي ۽ سهڻيءَ جي همت ۽ بي ڊپائي. اهي سڀئي ظاهري دنيا جا اسباب هئا پر اهي سڀ ڳالهيون اصل ۾ روڪون هيون. حجاب هئا، جن حقيقت ۾ خدا سان ملڻ ۾ رنڊڪون پي وڌيون. جيئن شاهـ صاحب خود سُر سهڻيءَ ۾ انهيءَ جي تشريح ڪئي آهي.
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب.
خدا تائين پهچڻ جو مفهوم ائين نه آهي جيئن عام ماڻهو سمجهن ٿا، ته هڪ ماڻهو ٻئي وٽ لنگهي وڃي. اِتي رستو لنگهي، مسافري ڪري، ڪنهن وٽ پهچڻ نه آهي، جيئن دلي جي آسري سهڻي ميهار وٽ پهچندي هئي. خدا جو قرب ۽ وصل الي الله، هڪ مڪان مان منتقل ٿي ٻئي ۾ وڃڻ سان حاصل نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي صفت ئي آهي “لَيْسَ كَمِثْلِهِ شَىْءٌ وَهُوَ السَّمِيعُ البَصِيرُ” . مخلوق مان ڪوبه ان جو مثل نٿو ٿي سگهي. الله تعاليٰ نه جسم آهي ۽ نه جسم جي ڪا صفت آهي، باوجود انهيءَ جي بنان ڪن ۽ اک جي تعلق جي ٻُڌي ۽ ڏسي ٿو. ساڳيءَ طرح قرب ۽ وصل ۾ به جسم ۽ مڪان جي تعلق کان سواءِ موصوف آهي، تنهن ڪري مجازاً جيتوڻيڪ مطلوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ اِهي وسيلا نظر ٿي آيا پر حقيقت ۾ اهي حجاب هئا.
اهل طريقت ۽ اهل تصوف جو دستور اهي ته الله تعاليٰ جي قرب هاصل ڪرڻ لاءِ دنيا ۽ دنيا جي شين کي پنهنجو مقصد نه بڻائيندا آهن، بلڪه اهي ماڻهو جيڪي ائين ڪندا آهن، سي الله تعاليٰ کان پري ٿي پوندا آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن الله تعاليٰ جي حضوري ۽ قرب گهرجي ته ٻن ڳالهين جي گهرج آهي. هڪڙو نفساني جذبات، حيواني رجحانات ۽ جاهلي تصورات تي قابو پائي، انهن کان شريعت جي مطابق ڪم وٺڻ؛ ٻيو مصيبتن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ ۽ خدا جي رضا جي طلب کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائڻ. انسان جڏهن الله تعاليٰ تائين پهچي ٿو ته الله تعاليٰ پنهنجي توفيق سان ان کي نزديڪي عطا فرمائي ٿو، جنهن کي تصوف ۾ وصول الي الله ٿو چئجي. اهو تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن انسان مخلوقات جي ٻنڌڻ ۽ لاڳاپي کان آجو ٿو ٿئي. انهيءَ حالت جو نالو فنا آهي، تنهن ڪري وصول ۽ فنا جي ساڳي معنيٰ ٿي ۽ واصل انهيءَ کي چئبو آهي جو فاني آهي ۽ ساڳي معنيٰ قرب جي به آهي. حضرت غوث اعظم جي تعليم آهي ته جڏهن بندو مخلوق کان، خواهشن کان، نفس کان، ارادي کان، دنيا ۽ آخرت ۽ آرزوئن کان فنا ٿي پوي ٿو ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي نٿو گهري ۽ سڀ شيون هن جي دل مان نڪريو ٿيون وڃن ته هو خدا سان واصل ٿيو پوي. انهيءَ روشنيءَ ۾ شاهـ صاحب جي بيت کي ڏسو
”گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا ويا“.
يعني سب ڪجهه فنا ٿي ويو، پوءِ اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟ حديث قدسيءَ ۾ چيل آهي ته ”منهنجو مومن بندو منهنجو قرب ٿو گهري ته آءُ هن کي پنهنجو دوست ٿو ڪريان ۽ هن جو ڪَن ٿيو پوان جنهن سان هو سڻي ٿو ۽ هن جي اک ٿيو پوان جنهن سان هو ڏسي ٿو، هن جو هٿ ٿيو پوان جنهن سان هو جهلي ٿو ۽ پير جنهن سان هو هلي ٿو“.
انهيءَ روشنيءَ ۾ شاهـ صاحب جي ٻيءَ سٽ کي جاچيو:
”تهان پوءِ سُئا سهڻيءَ سڏ ميهار جا“.
يعني جڏهن حجاب جا پردا يعني دنيا جا ظاهري اسباب ٽٽي پيا، يا فنا ٿي ويا تڏهن طالب ۽ مطلوب هڪ ٿي پيا ۽ طالب کي مطلوب جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
من تو شدم تو من شدي، من تن شدم تو جان شدي،
تا  کڪس نه گويد بعد ازين، من ديگرم تو ديگري.
فنا ٿيڻ کان پوءِ واصل بالله ٿيڻ جي مسئلي کي، شاهـ صاحب جا بجا پنهنجن سرن ۾ ظاهر ڪيو آهي.
مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال.
هيڪر هئيڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي.
پاڻ وڃايم پانهنجو، پئي پريان جي پاس.
مُنڌ مرڻان پوءِ، پهچدني پنهونءَ کي.
 رهي نالو سائينءَ جو ــ
كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ ﴿٢٦﴾ وَيَبْقَى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ ﴿٢٧﴾


Back to Index 


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت