گناهه - امر جليل
گناهه
امر جليل
ڪجهه چوڻ لاءِ
چپ ٿڙڪيا، ڦڙڪيا، جيڪي چوڻو هئس سو نه چيائين، جيڪي نه چوڻو هئس سو چيائين، ”ڪڏهن
موٽندين؟“
”جڏهن روح جو
روڳ ڌوئي ڇڏيندس، تڏهن موٽندس.“
”مون کي
جدائيءَ جي جوڳ ۾ جلڻ لاءِ ڇڏي ويندين؟
”ڀٽڪيل سمجهي
وساري ڇڏجاءِ.“
”اهو منهنجي
لاءِ ناممڪن آهي.“
”پر ممڪن ڪرڻو
پوندوءِ، تنهنجو پيار پويتر آهي، امر آهي. مان ڪوڙهي سارنگ جو وسڪارو.“
هوءَ خاموش
رهي. مون ڏانهن اُداس نگاهن سان ڏسندي رهي. مان ساڻس اک ملائي نه سگهيس. چيائين،
”مون ڏانهن
ڏسين ڇو نٿو؟“
ان هڪ لمحي جي
جنهن ماٺ ۾ اسان ٻئي ٻڏي وياسين، تنهن ۾ بي پناهه طوفان جو شور هو. لفظ نه هئا، پر
دل جي بي چيني پنبڻن جي جهالر ۾ اٽڪي پيئي. سڏڪا ساهن ۾ سمائجي ويا. دور ڪٿي بادل
گجگوڙ ڪري متزلزل ٿي ويا. پنهنجي ئي آواز ۾، پنهنجيءَ ئي آهه ۾. چيم،
”مون جيڪا بي
وفائي تو سان ڪئي آهي، تنهن لاءِ هن ڪٽ کاڌل قانون وٽ ڪابه سزا ڪونهي.“
دريءَ جي
چائنٺ تي کاڏي رکي، اکيون پوري ڇڏيائين، دل جو درد سندس ٽٽل ساهن ۾ سمائجي رهيو
هو. اکيون نه کوليائين. پڇيائين،
”ڪيڏانهن وڃي
رهيو آهين، اهو به نه ٻڌائيندين؟“
”ڪيڏانهن وڃي
رهيو آهيان، ان جي سڌ مون کي به ڪونهي، فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته پاپي من جي خواهشن
کي ڪچلڻ لاءِ مان دور وڃي رهيو آهيان.“
ڏندن ۾ چپ
ڀيڪوڙي، جذبن کي دفن ڪري ڇڏيائين. منهن ورائي اسٽيشن کان دور ڏٺائين، پري پري
تائين گهنگهور گهٽائون ڇانئجي ويون هيون. آسمان تي تارا ڪڪرن جي ڪارن جبلن ۾ لڪي
پيا هئا. ماحول ۾ ٻوسٽ نه هئي، پر تڏهن به اندر ۾ مونجهه ۽ گهٽ جو احساس ويو ٿي
وڌندو، منهنجين وراڻين هن کي بيچين ڪري ڇڏيو، منهنجا جواب ڪنهن قديم کنڊر جي پڙاڏي
جهڙا هئا. جنهن ڪٽار سان پاڻ کي ڪٽيو هئم، تنهنجو زهر منهنجي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهيو
هو، ڀڻڪيم...
”ڪجهه انسان
پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگي اُجاڙيندا آهن. مان انهن مان هڪ آهيان.“
کن لاءِ
سوچيائين پوءِ چيائين،
”ڪجهه انسان
جيون جي ڪٺن راهن ۾ منجهي پوندا آهن. اسان کين گمراهه نه چوندا آهيون.“
”اهي تنهنجا
پنهنجا خيال آهن. پر، اخلاق جو اُٻاٽجڻ آتما جي هتيا آهي.“
”ان لاءِ
پرائشچت؟”
”پرائشچت نه،
جرم لاءِ سزا“
”ڪهڙي؟“
”پيار جو
ٻليدان”
گاڏيءَ کي ٽيڪ
ڏئي، مون ڏانهن پٺي ڪري بيهي رهي. وارن جي ڪنبڻ مان سمجهيم ته هوءَ پاڻ کي سنڀالڻ
جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ذهن ۾ جيڪو طوفان اُڀري آيو هئس، تنهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ
لڳي. منتشر لفظن جي لرزندڙ لهجي ۾ چيائين،
“بيحد اُٻهرو
آهين.“
”تڏهن ته زهر
کي امرت سمجهي پي ويندو آهيان.”
”زندگي مسلسل
غلطين جو هار – زخمن جي مالها
آهي.“
مون کي لهڻ جي
کوجنا ڪيائين، مون کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن پنهنجا زخم وساري ڇڏيا، کيس فقط
منهنجو مجروح ضمير ياد رهيو، منهنجي بي انت پيڙا ياد رهي، مان خاموش رهيس، هن
ڳالهايو،
”هڪ غلطيءَ تي
هزار جتنن سان حاصل ڪيل هيءَ زندگي قربان ڪبي آهي. وساري ڇونه ٿو ڇڏين؟“
”اهو منهنجي
وس ۾ ناهي.“
”ائين ڪيئن جي
سگهندين؟“
”جيستائين
ساهه ماهه سان چنبڙيل رهندو، مان جيئندو
رهندس.“
گناهه جي ڌٻڻ
۾ دفن ٿي چڪو هئس. پاپ جو پڇتاءُ منهنجي خون ۾ سيسڙاٽ ڪري رهيو هو. هڪ هڪ گهڙي
نيپوڙي رهي هئي.
گاڏي ڇٽڻ ۾
ٿوري دير وڃي بچي هئي.
منهن ورائي
مون ڏانهن ڏٺائين. اکين ۾ اُداسي تري آئي هيس. چيائين،
”ڏينهن واري
گاڏيءَ ۾ وڃين ها“
”مان اونده کان
ڌار ٿي نه سگهندس، منهنجي زندگيءَ جو ايندڙ حصو تاريڪين ۾ گذرندو.“
”ڪاش، هن دک ۾
مان توسان ساڻ رهي سگهان“
”مان اڪيلائين
۽ تنهائين جو ساٿي آهيان. مان هيڪلاين ۾ ڦتڪڻ چاهيان ٿو“
”اهڙي سزا ته
قاتلن کي به نه ڏيندا آهن!“
”اسان جي
قانون وٽ مجرم جي جسم لاءِ، سرير لاءِ سزائون آهن، پر نفس جي وحشي جذبن لاءِ ڪا
سزا ڪونهي.“
ڀنل نيڻ مٿي
ڪيائين. اوسيئڙي جا ديپ اکين ۾ ٽم ٽم ڪرڻ لڳس. ميگهه ۾ آگ ڏٺم.
”سزا جو وڏو
حصو منهنجي جهول ۾ وڌو اٿئي.“
”تو منجهه سهڻ
جي سگهه آهي، ضبط ڪرڻ جي طاقت آهي. مان ڪمزور آهيان، ڪريل آهيان، زمين جي خاڪ
آهيان.“
”زمين جي خاڪ
مان گل به ته جنم وٺندا آهن.“
”ها. تون گلن
جي خوبصورتي ۽ مان ٿوهر آهيان.“
پليٽ فارم جي
بلب جي ميرانجهڙي روشني هن جي زرد منهن تي پئجي رهي هئي. سندس خشڪ چپن تي چنبڙيل
پپڙيون ڏري پيون هيون. آڱريون ڪنبڻ لڳس. دريءَ تان هٿ جي گرفت ڍري ٿيڻ لڳس. جنهن
غبار جي آنڌيءَ کي هن بي پناهه قوت سان روڪيو هو، تنهن آنڌيءَ ۾ هن جو هينئون جهرڻ
لڳو. لڳم ڄڻ روئي پوندي، سڏڪي پوندي، ڪري پوندي. ساڻس ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جا ڏينهن
گذاريا هئم. سندس هڪ هڪ عمل کي اندر جي اکين سان ڏسي وٺندو هئس. جنهن لامحدود
تڪليف ۽ غم ۾ جلي رهي هئي، تنهن کي هڪ نظر ۾ سڃاڻي ورتم. اَلاءِ ڪيئن چيائين،
”مان ڪچي ڌاڳي
۾ ٻڌل آهيان. ٽٽي سگهان ٿي،منتشر ٿي سگهان ٿي. مان ئي آهيان جنهن تنهنجو جيون
جنجال ڪيو آهي، زندگي حرام ڪئي آهي. مون اڀاڳڻ لاءِ اجايو پاڻ کي سزا ڏيئي رهيو
آهين.“
”ائين نه
چئه.“ کيس روڪيم، ”منهنجو وجود پرزا پرزا ٿي ويندو، تون ائين نه چئه، گناهه مون
ڪيو آهي. مان سزا ڀوڳيندس. تو مون تي اعتبار ڪيو، مون تنهنجي وشواس کي جنسي آگ ۾
ڀسم ڪري ڇڏيو.“
هن جيڪي ڪجهه
چيو، سو ڇولين ۾ ڇلندي چيائين، تصور جي روهن ۾ رلندي چيائين. مون جيڪي ڪجهه
وراڻيو، تنهن ۾ منهنجي اندر جي آهن جو آواز هو، گناهه جي اعتراف جو اقرار هو.
هوءَ وياڪل ۽
ويراڳڻ نظر آئي. صحرا جي سڃ ۽ مرگهه ترشنا جو تڙڪو نظر آئي. پهريون ڀيرو سندس اکين
۾ نهاريم. آڪاش جي ڪنهن ٽٽل تاري جي اُجهيل اُجهيل چڻنگ هئين جي ڀنور ۾ چڪر کائي
رهي هيس.
اسان هڪ ٻئي
جي آمهون سامهون بيٺا هئاسين، پر ڪيترو نه دور! دل جا اُڌما ڦاٽ کائڻ لاءِ ڦتڪي
رهيا هئا. چيم،
”ڪالهوڪي رات
ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ڪاري رات جو ڪاريهر مون کي سدائين ڏنگيندو رهندو.“
”تون ڄاڻي
واڻي ته نه ڪيو، جيڪي ڪجهه ڪيئه، دوستن جي هرکائڻ تي ڪيئه.“
”دوست! هون.
بدي دشمن جو نه، دوست جو روپ ڌاري ايندي آهي، پر مون مورک اکين کان، عقل کان ڪم نه
ورتو.“
”آئينده لاءِ
اهڙن دوستن کان ڪناراڪش به ته ٿي سگهين ٿو.“
”مون وٽ بچيو
ئي ڇاهي، جنهن جي حفاظت ڪيان.“
”منهنجين اکين
سان ڏسين ته تو منجهه اڃا به سڀ ڪجهه موجود آهي.“
”ڪالهه رات
شراب پيتم. سڄي رات هڪ وئشيا جي ننگي جسم کي ڄور وانگر چهٽيل رهيس.“
نڙيءَ ۾ ٻٻر
جي ٽاري ڦٽندي محسوس ڪيم. هوءَ ڪجهه نه ڪڇي. چيم،
”مون تنهنجي
پيار جو اپمان ڪيو آهي. تنهنجي محبت جي توهين ڪئي اٿم.“
ضمير جي ملامت
۾ منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو. شرم جي احساس ۾ جسم آلو ٿيندو محسوس ڪيم. منهنجي پگهريل هٿ
کي ڇوهيندي چيائين،
”فخر ڪندي
رهيس ته اعتراف ڪيو اٿئي. جيڪا غلطي ڪئي اٿئي تنهن لاءِ مون کي افسوس ڪونهي.“
”۽ اهو ئي ڏک
اٿم ته تو افسوس ڇونه ڪيو. مون کي ڌڪاريئه ڇونه، ٺڪرائيه ڇونه؟“
هن جواب نه
ڏنو، فقط مون ڏانهن ڏسندي رهي، نهاريندي رهي ۽ اک نه ڇنڀيائين. پوءِ چيائين،
”جيئن آهين،
جهڙو آهين، منهنجو آهين. مان توکي اپنايان ٿي.“
دل مان چيخ
نڪتي ۽ منهنجي رڳ رڳ چيريندي هلي ويئي. چيم،
”تون نادان
آهين، پڳلي آهين. جيڪڏهن تون پنهنجو جسم ڪنهن اجنبي مرد جي ٻانهن ۾ ڏين ها، ته
هوند مان سڄي عمر تو کان نفرت ڪندو رهان ها، توکي ڌڪاريان ها، توکي بيوفا چوان ها،
گاريون ڏيان ها.“
”مان تنهنجي
امانت آهيان. اهڙو وقت اچڻ کان اڳ مان پنهنجي خواهشن، جنسي تقاضائن کي گهٽو ڏيئي
ڇڏيان ها.“
”پوءِ مون
ڇونه ڳلو گهٽي ڇڏيو پنهنجي نفس جي اُگهاڙين خواهشن جو؟ سوچيندو هئس مان ڪنهن اهڙي
ڇوڪريءَ کي چاهيندس ۽ ساڻس شادي ڪندس جيڪا گنگا جهڙي پويتر ۽ شفق اڻڇهيل هوندي – ڇو جو مون به پنهنجي جسم کي جنسي باهه جي اُلن
کان دور رکيو هو – پر.......“
”اعتراف سان
اُن آڳ کي اُجهائي ڇڏيو اٿئي.“
”نه.“ وراڻيم،
”مان تنهنجي لائق نه آهيان. هينئر اهو نه آهيان. پاروٿو آهيان، استعمال ٿيل
آهيان.“
کيس منهنجي ضد
جي ڄاڻ هئي. خاموش رهي. چيم،
”هوش ۾ اچڻ
کان پوءِ، ان رات دل ڏاريندڙ رڙ ڪئي هئم، پر آڪاش نه ٽڙڪيو، ڌرتي نه ڦاٽي. مان
جهري پيس. منهنجو ضمير جهري پيو، منهنجي اندر واري انسان شرم وچان آپگهات ڪري
ڇڏيو.“
ڪاري رات جي
اونده ڪائنات کي پنهنجي چادر ۾ ويڙهي، نامعلوم اوڙاه ۾ ٻڏندي رهي. سنسار ڀيانڪ
خاموشيءَ ۾ لڙهي ويو. کجين جا وڻ ڇڙيون هڻڻ لڳا – تڏهن منهنجو ڏيل ڏري پيو، ٽٽل ڦٽل اکرن ۾
ڳالهايم،
”منهنجو جسم
مون وٽ تنهنجي امانت هو، مون امانت ۾ خيانت ڪئي آهي. مون کي سزا ملڻ گهرجي.“
جهيڻي آواز ۾،
ترسي ترسي، هٻڪندي چيائين،
”اُن رات کي
وساري نه سگهندين؟“
”نه. جڏهن به
شاديءَ کان پوءِ تنهنجي جسم کي پيار منجهان ڇوهندس، تڏهن هڪدم اُن وئشيا جو ننگو
سرير منهنجي اکين اڳيان اچي بيهندو. مان ڪڏهن به توسان سچار ٿي نه سگهندس.“
رات جي ڪارهن
کڻي، پرائشچت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي سزا ڏيڻ لاءِ، پنهنجي شهر کان دور وڃي رهيو هئس. هن
کي فقط سڌ هئي ۽ هوءَ اسٽيشن تائين آئي.
گاڏي ڇٽڻ ۾
وقت وڃي ٿورڙو بچيو هو.
دل تي ضبط
ڪري، لڙڪ لڪائيندي پڇيائين،
”ٽڪيٽ ڪٿان جي
ورتي اٿيئي؟“
”روهڙيءَ جي.“
”ڇو؟“
”روهڙي کان
اروڙ ويندس. اروڙ جي ويرانين، تنهاين ۾ ڀٽڪندو رهندس. مان ڪنهن سان به ملڻ نٿو
چاهيان. ڪجهه وقت ڪالڪان جي مندر ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو اٿم.“
اکيون اشڪن
سان ٽمٽار ٿي ويس.
”اڪيلاين ۾
ڪڏهن به وساري نه سگهندين. ٻين سان ملي جلي رهندين ته سمورو غم ڀلائي ڇڏيندين.“
”مان ڀلائڻ
نٿو چاهيان. ڀلائڻ جي ڪوشش ڪندس ته زخم ناسور ٿي پوندا. مان پاڻ کي سزا ڏيڻ چاهيان
ٿو. وحشي جذبن کي چچرڻ چاهيان ٿو.“
گارڊ وسل
وڄائي.
هوءَ پنهنجا
لڙڪ روڪي نه سگهي. سڏڪن ۾ پڇيائين،
”اروڙ ۾
ڪيستائين رهندين؟“
”جيستائين نفس
جي خواهشن کي نيچي نه نوائيندس، مان رلندو رهندس.“
”ائين ڪري
سگهندين؟“
”ائين ڪرڻ
لاءِ مان اروڙ ۾ رلندس، ٽيڪسيلا ۾ گوتم جي عبادت گاهن ۾ ڀٽڪندس، اماوس جي راتين ۾
موهن جو دڙو لتاڙيندو رهندس. مان پاڻ تان نفس جا ٻنڌڻ ٽوڙي، نفس کي پنهنجي قبضي ۾
ڪرڻ چاهيان ٿو.“
”ڪوبه ائين
ڪري نه سگهيو آهي، پر جي تو وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته مان توکي نه روڪيندس. مون
پيار ڪيو آهي. مان سڄي عمر تنهنجي پيار کي سيني سان لڳائي جيئندي رهنديس.“
سائي بتيءَ جي
لوڏن سان ريل چرڻ لڳي – هن وک
وڌائي – چيائين،
”ڪوبه انسان
پنهنجن خواهشن تي قبضو ڪري نه سگهيو آهي.“
گاڏي ڊوڙڻ لڳي.
پڇيومانس،
”مون کي معاف ڪيو اٿئي نه؟“
ڪنڌ لوڏي
اقرار ڪيائين. گاڏيءَ جي رفتار وڌندي ويئي. هوءَ ڊوڙڻ لڳي، پر ريل جي فولادي ڦيٿن
سان پڄي نه سگهي. مون ڏانهن هٿ وڌايائين. دريءَ مان ٻانهن ڪڍي هٿ ڏانهس وڌايم. هڪ
لمحي لاءِ اسان جون آڱريون پاڻ ۾ ملي ڌار ٿي ويون. وڏي واڪ چيم،
”انسان لوهه ۾
زندگي وجهي سگهيو آهي. لوهه جون ڪلون سندس قبضي ۾ اچي سگهن ٿيون، ته ڇا پنهنجي ئي
نفس جي جنسي خواهشن تي انسان قبضو ڪري نه ٿو سگهي؟“
ريل جي رفتار
تيز ٿي ويئي.
هوءَ پوئتي
رهجي ويئي. اسان جي وچ جو مفاصلو وڌندو ويو. وڇوٽي وڌندي ويئي. هوءَ پري ٿيندي ويئي،
دور ٿيندي ويئي. پليٽ فارم جي آخري ڇيڙي تي ٻئي ٻانهون ڦهلائي بيهي رهي. لوهي ڦيٿن
جي رفتار گرد اُڏائي ۽ هوءَ منهنجين نظرن کان اوجهل ٿي ويئي.
ڪوپيءَ ۾ مان
اڪيلو هئس ۽ روح ۾ گناهه جا گهاو هئا.
1963
Comments
Post a Comment