مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا محمد قاسم سومرو


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

----------------------
مولانا محمد قاسم سومرو
ڪنڊيارو، ضلع نوشهرو فيروز
 ----------------------
سائين قاسمي صاحب جن سان منهنجون ملاقاتون
سجاول ڏانهن سفر مون پهريون دفعو شوال 1403 هه ۾ ڪيو. جڏهن منهنجو تصنفيف ڪيل ڪتاب سچ جي سڃاڻ لکجي تيار ٿيو . آءُ ان ڪتاب تي تبصري لکائڻ لاءِ حضرت مولانا سائين نور محمد صاحب جن وٽ وڃي پهتس. پراني مدرسي ۾ هڪ ڪمري ۾ مليا، ڪمري جي ڇت ۾ منگهه لڳل هو. ان مان هوا ۽ مٽي اچي رهي هئي. اهڙا منگهه اسان جي اپر سنڌ ۾ ڪونه هئا.

انهن ڏينهن ۾ مدرسو کلڻ وارو هئو. طالب العلم پهچندا پئي ويا ۽ ڪتابن سان مصروف ٿيندا پئي ويا. اهڙو ماحول مون کي متاثر ڪري رهيو هو ۽ ان دفعي سائين عبدالغفور صاحب قاسمي جن سان ملاقات نصيب نه ٿي. جو ان وقت ايڏي شهرت کين حاصل نه هئي. يا ته آءُ کانئن اڻ واقف هوس.
1958ع کان وٺي ڪنڊياري جي مدرسي طرفان ساليانو جلسو ٿيندو هو. جلسو تمام وڏو ۽ سنڌ ۾ مشهور هوندو هو. سنڌ جا مشهور مبلغ ته ايندا هئا پر پنجاب جا به ڪيترا مبلغ گهرايا ويندا هئا.
هڪ سال ان سالياني جلسي تي حضرت سائين عبدالغفور صاحب قاسمي جن پڻ آيا ۽ ختم نبوت جي موضوع تي تقرير ڪيائون. اهو پهريون دفعو هو جو مون کي سائين قاسمي صاحب جن جي زيارت نصيب ٿي هئي ۽ سندن علمي صلاحيت کان گهڻو متاثر ٿيو هوس.
ان کان پوءِ هڪ دفعي حضرت سائين و استاذي مولانا مولوي عبداللطيف ميمڻ صاحب جن مون کي سجاول موڪليو ته، هن لاءِ ته آئون سائين قاسم صاحب جن کي وٺي اچان جو متان اهي نه اچن . ان دفعي به آءُ پراڻي مدرسي ۾ حضرت سائين نور محمد صاحب جن ۽ سائين قاسمي صاحب جن جي زيارت کان مشرف ٿيس.
حضرت سائين قاسمي صاحب جن مون کي مدرسي جو ۽ پنهنجو ذاتي ڪتب خانو ڏيکاريو. مدرسي جي ڪتب خاني ۾ ڪي ڪتاب ٻه ٻه ٽي ٽي نسخا موجود هئا. مون سائين قاسمي صاحب جن کي عرض ڪيو ته مون وٽ به ڪي قيمتي ڪتاب ڊبل ڪاپي ۾ آهن ۽ هت مدرسي جي ڪتب خاني ۾ مسند احمد بن حنبل جا ٻه چار نسخا پيا آهن. تبادله ڪريو ته سٺو جو مون وٽ اهو ڪتاب ڪونهي. سائين قاسمي صاحب جن فرمايو ته پوءِ ڏسنداسين. اها رات آءُ سجاول مدرسي ۾ رهيس. ٻنهي بزرگن سان ڪشادي ڪچهري نصيب ٿي.
صبح جو حضرت سائين قاسمي صاحب جن ڪار ڪڍرائي. پوءِ ڪنڊياري روانا ٿياسين. رستي ۾ جتي به ڪو مدرسو نظر ٿي آيو ته ڊرائيور کي فرمائين پيا ته گاڏي کي ايڏانهن وراءِ مدرسي وارن جي چانهن پيئنداسين. سائين جن جي اهڙي روش مون کي ڏاڍو متاثر ڪري رهي هئي ۽ ان مدرسي جي انتظاميه پڻ ان سان ڏاڍو خوش ٿي رهيا هئا. مطلب ته سفر ڪندي اچي ڪنڊياري پهتاسين.
ان دور ۾ آءُ سعودي عربيه ، قطر، الڪويت وغيره ملڪن کان نشر ٿيندڙ انعامي مقابلن ۾ وڏي دلچسپيءَ سان حصو وٺندو هوس ۽ انعام پڻ کٽندو هوس. هڪ دفعي هڪڙو سوال آيو ته: اهو ڪهڙو محدث آهي جنهن جو والد سالن جا سال گهر کان ٻاهر رهيو هو پوئتي کيس پٽ ڄائو هو، جيڪو ان وقت جو وڏو عالم ۽ محدث ٿيو ۽ سوال مون کان حل نه پئي ٿيو.
اهو سوال مون حضرت سائين قاسمي صاحب جن کان ڪيو. پاڻ هڪدم ٻڌايائون ته اهو ربيعه الراعي آهي. ان جواب به مون کي گهڻو متاثر ڪيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ منهن جو وڏو فرزند مولوي محمد ادريس ڪنهن ڪم سانگي سجاول آيو. اتي حضرت سائين قاسمي صاحب جن هن کي ڪجهه پئسا ڏنا ته هنن پئسن مان مسند امام احمد بن حنبل خريد ڪري پڻهين کي ڏجانءِ جو وٽس ڪونهي ۽ مدرسي جي ڪتابن جي تبادلي کي آءُ سٺو نه ٿو سمجهان.
مولوي محمد ادريس گهڻئي چيو ته سائين! ڪو مسئلو ناهي. اسان پاڻهي خريد ڪنداسون. توهان پئسا واپس وٺو. پر سائين جن اصرار ڪري پئسا ڏنا ۽ مولوي محمد ادريس مسند امام احمد بن حنبل وٺي مون وٽ کڻي آيو. مون به پٽ کي ڏاڍو چيو ته پئسا ڇو ورتا. پر هن ٻڌايو ته حضرت سائين قاسمي صاحب زوريءَ پئسا ڏنا.
ان کان پوءِ ڪيترا دفعا آءُ سجاول ويس. خاص ڪري جڏهن به ٻڌندو هوس ته سائين قاسمي صاحب جن جي طبيعت ناساز آهي ته سندن طبع پرسيءَ لاءِ وٽن وڃي حاضر ٿيندو هوس. ۽ ٻه ٽي دفعا منهنجي مڪتب ۾ به تشريف فرما ٿيا جڏهن به ايندا هئا ته فرمائيندا هئا ته ڪتاب ڪهڙا لکيا اٿئي کڻي اچ! مون کي ڏي پوءِ آءُ کين ڪتاب ڏيندو هوس. ۽ قصص الانبياء مفصل جو پهريون جلد آئون کين سجاول ۾ ڏئي آيو هوس ٻيو جلد کين ٽنڊي محمد خان ۾ ملاقات وقت ڏنو هوم.
۽ جڏهن ٻڌم ته سائين قاسمي صاحب جن جي پير ڪٽجڻ جو آپريشن ٿيو آهي. تڏهن به سائين مولانا مولوي غلام محمد صاحب سومرو جن سان رابطو رکي ڪراچيءَ پهچي سائين جن سان مليس. طبع پرسي ڪيم. پوءِ مون کان پڇيائون ته هاڻي ڪيڏانهن ويندين؟ مون عرض ڪيو ته: سائين! ٻئي پاسي ڪيڏانهن به وڃڻو ڪونهي. صرف توهان سان ملڻ ۽ طبع پرسيءَ لاءِ ئي سفر ڪيو اٿم. جو مون کي پهريون نمبر عقيدت حضرت سائين ٻير وارن سان آهي ۽ ٻئي نمبر تي مون کي توهان سان عقيدت آهي. هاڻي هتان ٿي آءُ پنهنجي ڳوٺ ئي ويندس. اتي گهڙي کن ويٺس، دل ۾ سوچيم ته سائين قاسمي صاحب جن جو آپريشن ٿيو آهي پنج سؤ کن ڏيان جيئن علاج ۾ ڪم آڻين. اهو سوچي کيسي ڏانهن هٿ وڌايم پئي ته سائين قاسمي صاحب هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڪجهه پئسا مون کي ڏنا ۽ اهي به پنج سؤ روپيا هئا. یعنی دینے سے لینے پڑ گئے۔

قصص الانبياء متعلق گفتگو
فبروري 2013 تي سائين قاسمي صاحب جن جي ڀاڻج مولانا غلام حسين صاحب جن جي دعوت تي سجاول ويس. صبح جو مدرسي قاسميه نئين ۾ حضرت سائين قاسمي صاحب سان ملاقات ٿي. فرمايائون ته: تو قصص الانبياء ۾ اسرائيليات گهڻي آندي آهي.
مون عرض ڪيو ته: سائين اسرائيليات کان ڪير مڙيو آهي؟ حضرت ابن عباس رضي الله عنه ۽ ٻيا مفسر ۽ خود حافظ ابن ڪثير اسرائيليات گهڻي آڻين ٿا. پر حضرت رسول الله ﷺ جن ئي فرمايو آهي حديث وعن بني اسرائيل.
مون عرض ڪيو ته: سائين! کلمۃ الحکمۃ ضالۃ المؤمن فھواحق بھا حیث وجدھا سياڻپ ۽ نصيحت جو اکر ڪٿان به ملي ته وٺجي. البت جيڪڏهن ڪٿي اهڙي اسرائيلي روايت آندي اٿم جيڪا قرآن ۽ حديث جي خلاف آهي ۽ ان اسرائيلي روايت جو مون رد نه لکيو آهي ته پوءِ اعتراض ڪري سگهجي ٿو. مطلب ته ان مهل سائين قاسمي صاحب جن وڌيڪ ڪجهه نه چيو ۽ ٻيا احوال پئي پڇيائون.
انهن ملاقاتن کان سواءِ سائين جن جي وفات کان ٽي چار ڏينهن اڳ ۾ مون کي معلوم ٿيو ته سائين جن کي ڪينسر جي ڳوڙهي ٿي آهي. آءُ مولوي محمد ادريس ــ مولوي عبدالحليم گهانگهرو ۽ مولوي محمد ايوب سان گڏجي سجاول حاضر ٿيس. ان ملاقات ۾ ٻه ٽي دفعا فرمايائون ته: توهان جي اچڻ سان مون کي ڏاڍي خوشي پهتي آهي.
سائين قاسمي صاحب جن سان ان آخري ملاقات جو تفصيلي احوال مولوي محمد ايوب مدرس مدرسه انوار العلوم ڪنڊيارو لکيو آهي. جيڪو مدرسي انوار العلوم مان شايع ٿيندڙ رسالي الانوار  ۾ شايع ٿيندو انشاء الله.
والله هو الموافق

فهرست   Index

















Sindh Digital Readers



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت