صفدر حسين سمون سان ملاقات
ايئرپورٽ جي به پنهنجي خوشبو آهي، پنهنجو ماحول
آهي. پنهنجي رونق آهي. خاص ڪري جڏهن رات جو پويون پهر هجي، هر مسافر پنهنجا بيگ، ٿيلها،
کنيو، اسڪرين تي پنهنجو فلائيٽ نمبر تي نظر وجهي، بورڊنگ جي لفظن تي ڌيان ڏيندو
هجي. مسافر کي ڇڏي اچڻ لاءِ مٽ مائٽ به هن سان بيٺي بيٺي ڪچهري پيا ڪندا آهن. ڪي
ماڻهو سڪو مٽائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن ته ڪي وري ٽرالين ۾ پنهنجا بيگ ۽ سامان
گهليندا اڳتي وڌندي نظر ايندا آهن. سو اسان به هڪٻئي سان ڪچهري ڪري ان رات جي
پوئين پهر جو پئي مزو ورتو. ايئرپورٽ جرڪي رهيو هو. روشنين جا جرڪندڙ جلوه ماحول
کي کنيو بيٺا هيا. وڻ وڻ جي ڪاٺي، هڪڙي ئي ڇت هيٺان، هڪٻئي جي سامهون ڪي سيٽن تيدويٺل
تي ڪي بيٺل نظر پئي آيا.
اڃان اتي ئي بيٺي بيٺي ڪچهري ڪري رهيا هياسين ته
پرتاب به اچي نڪتو. سو پرتاب کان حال احوال پئي ورتاسين ته ٿوري دير کان پوءِ
مختيار سمون صاحب جو ننڍو ڀاءُ محترم صفدر حسين سمون ۽ سندس سوٽ تنوير علي سمون به
ايئرپورٽ تي اچي نڪتا. هنن ٻنهي دوستن جي ڪراچي ۾ ئي رهائش آهي. صفدر حسين سان جڏهن
ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن ٻڌايو ته هو وڪيل آهي ۽ ڪراچي ۾ وڪالت ڪندو آهي. هن جا
سينيئر شبير ٻٻر ۽ سميع ملڪ وڪيل آهن. جيڪي ٻيئي منهنجا پراڻا دوست آهن. شبير ٻٻر
سان هون به ڪڏهن ڪڏهن دادو بار ۾ ملاقات ٿيندي رهندي آهي، باقي سميع ملڪ سان ملاقات
ڪندي سال ٿيا آهن.
هو انتهائي محبتي ۽ سلڇڻو نوجوان لڳو. هن چانهه جو
زور ڀريو. پر اسان انڪار ڪندي هن کان معذرت ڪئي. پر هو اسان جي ڪيفيت کي سمجهي ويو
هو، ڇو ته هو به آخر وڪيل هيو. هون به اسان کي چانهه جي سچ ته ضرورت به هئي. سو هو
ٻيئي دوست ٿوري دير لاءِ هليا ويا. پاڻ هاڻي پئسا مٽائڻ ۾ لڳي وياسين. مون سان گڏ
مختيار سمون صاحب ۽ يوسف عجب پڻ پاڪستاني روپيا مٽائي ڊالر ورتا. ڇو ته هر ملڪ ۾ ڊالر
هلي ٿو ۽ هر ملڪ ۾ ڊالر جي اهميت آهي. سو ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين ته صفدر پاڻيءَ
جون بوتلون، چانهيون، بهترين مٺائي ٽائيپ بسڪوٽ وٺي آيو. سڀني دوستن کي پاڻي،
چانهه ۽ بسڪوٽ کارايا. هنن دوستن ته ڄڻ ته ناشتو ڪرائي ڇڏيو هجي. مختيار صاحب جي
فرزند نالي عمران علي سمون: جيڪو اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊپٽي ڊاريڪٽر آهي، ان جي به هن وقت
مختيار صاحب کي فون آئي ۽ هن به ايئرپورٽ تي اچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر سمي صاحب هن
کي منع ڪري ڇڏيو ته هاڻ اسان جي چيڪ ان شروع ٿي ويئي آهي، ان ڪري پاڻ گيٽ کان اندر
ايئرپورٽ ۾ داخل ٿي وينداسين. ان ڪري ملاقات نه ٿي سگهندي.
جنيد ضروري ڪاغذن جي پرنٽ ڪڍرائڻ لاءِ يوسف کي ساڻ ڪري
ايئرپورٽ تي ئي رولاڪيون ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو ته،”يار
سو روپئي جو هڪڙو پيج ڪڍي ڏنو اٿن. هتي پرنٽ وٺڻ ڏاڍو مهانگو آهي. ايئرپورٽ تان
پرنٽ نه وٺجي ته بهتر“.
ٿوري دير کان پوءِ تقريبن ساڍي چئين يا پوڻين پنجين
ڌاري صبح جو فجر مهل چيڪ ان شروع ٿي ويو هو. گيٽ تي ماڻهن جي تمام وڏي رش هئي.
قطار ۾ اسان به بيهي رهياسين. پر تيسيتائين صفدر اسان سان گڏ هو. وڏي ڀاءُ سان
عقيدت ۽ احترام جو اهو رشتو ۽ ان سان نڀاءُ جو اهڙو ڏانءَ شايد ئي ڪنهن کي ايندو
هجي. جيتوڻيڪ مختيار صاحب گهڻو ئي هن کي چيو ته،”ادا توهان هاڻي گهر هليا وڃو، رات
گهڻي ٿي ويئي آهي، اسان جي فلائيٽ 6 لڳي پنجونجاهه منٽن تي آهي. توهان بيهي بيهي ٿڪجي
پوندو“.
پر هو آخر تائين بيٺو
رهيو. جيسين اسان گيٽ کان اندر داخل نه ٿياسين. ويندي ويندي هُن اسان سڀني کان موڪلايو،
پر پوءِ به اتي ئي مسافرن جي ڊگهي قطار جي پاسي ۾ بيهي رهيو هو. هن اسان سان ڪيتريون
ئي تصويرون پڻ ڪڍرايون هيون. رات جو پويون پهر، ايئرپورٽ، ٿڪاوٽ، محبت ۽ پنهنجن
کان پري ٿي وڃڻ جا منظر به عجيب آهن. جيڪي ماڻهو کي عجب ڪيفيتن ۾ ۾ وجهيو ڇڏين.
چڱا چنڊ چئيج، سنهيا کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرين جي پئيج،
جهيڻو ڳالهائيج پيرين وجهي هٿڙا.
شاهه رح
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment