Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾

 

 

ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾

 

17 جولاءِ جي تاريخ آهي. وقت ست لڳي 20 منٽ ٿيا آهن. اسان بورڊنگ ڪارڊ وٺي اميگريشن ڪرائي، انهي پروسيس مان گذري، هينئر اچي گيٽ نمبر ون جي لائونج ۾ ويٺا آهيون. اميگريشن دوران هر شي اسڪيننگ ڪندا آهن. مون ان کان اڳ ۾ ئي پنهنجي واچ، مُنڊي لاهي، پرس ڪڍي پاڻ واري هينڊ ڪيري بيگ ۾ وجهي ڇڏيم. چيڪنگ ۾ مرد ۽ عورت سيڪيورٽي گارڊ هيا. جڏهن منهنجو وارو آيو ته منهنجي سامهون اها ليڊي بيٺي هئي. هن مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. Wait, wait, wait. لائين ڊگهي آهي، اڳتي وارا ڪليئر ٿين ته توهان کي به موڪليون ٿا“.

مون کان اڳ ۾ جنيد واڪ ٿرو گيٽ مان گذريو هو. ان مهل ان گيٽ جنيد جي داخل ٿيڻ تي اعتراض واريو هو. جنيد کي سيڪيورٽي گارڊ واپس موڪليندي چيو هو ته،”توهان پنهنجا بوٽ لاهي اچو“. جنيد بوٽ لاهي، اسڪيننگ واري مشين جي سلائيڊ ۾ رکيا. جڏهن ان جاءِ تي منهنجو وارو آيو ته مون سيڪيورٽي گارڊ کي چيو ته،”مان بوٽ لاهيان ڇا“. ته هن اشارو ڪندي چيو ته،”نه نه، توهان هليا اچو“. مون کي جوگر پاتل هيا. واڪ ٿرو گيٽ مان گذرندي مشين مون تي ڪو به اعتراض نه ڪيو ۽ نه ئي وري ڪو آواز ٿيو. مشين کي ڪراس ڪري اڳتي نڪري آيس. منهنجي هن ٿيلهي ۾ لائيٽر هيو. پر اسڪيننگ واري مون کي اهو نه چيو ته توهان اهو لائيٽر ڪڍي ڏيو. پر پاڪستاني ايئرپورٽ تي ائين نه هيو. سو اهو فرق آهي هتي ڪنهن به قسم جي حرامپائي نه آهي. جنهن جي ڪري مسافرن کي ڪا پريشاني ٿئي.

هتي هڪڙي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته بورڊنگ واري ڪائونٽر تي هڪڙي ليڊي ۽ هڪڙو همراهه، ٻه ڄڻا ويٺا هيا. جن مان مرد ملازم جنيد کي چيو ته في ماڻهو 35 ڊالر ڏيو. جنيد هن کي ٻڌايو هو ته،”اسان جي ويزا ٿيل آهي ۽ اسان اها في اڳ ۾ ئي ڀري چڪا آهيون“. ان تي ڪائونٽر واري جنيد کي چيو ته،”توهان اهو ويزا وارو ڪاغذ ۽ پيمنٽ وارو پنو ڏيکاريو“. جنيد هن کي اهي ڪاغذ ڏيکاريا هيا. اسان پويان سڀ دوست لائين ۾ بيٺا هياسين. اسان جا بيگ اسان سان گڏ هيا. اسان انتظار ۾ هياسين ته ڪيڏي مهل ٿي جان ڇٽي. جنيد کي ان شخص چيو ته توهان فارم ڀري ڏيو. فارم اسان جي سڀني جي واٽس اپ تي جنيد موڪليو هو. اسان اتي ئي ان کي ڀري وري جنيد ڏي موڪلي ڇڏيو. ان پراسيس کي مڪمل ڪري وري هڪ دفعو ٻيهر ڪائونٽر نمبر 32 ۽ 33 تي اچي بيٺاسين. ان ئي ڪائونٽر تي هڪڙي ڏاڍي ڪو آپريٽو ليڊي ويٺي هئي جنهن اسان سان گهڻو تعاون ڪيو. هن اسان جي بيگن کي ٽيگن جا تمغا لڳايا ۽ لگيج واري بيلٽ تي رکي ڇڏيا. هن مهل لائونج نمبر ون تي ويٺا آهيون.

هتان کان اسان کي سري لنڪا وڃڻو آهي. ان لاءِ اسان جي سري لنڪن فلائيٽ نمبر UL 102 آهي ۽ بورڊنگ ٽائيمنگ 8 لڳي 30 منٽن تي آهي. ان فلائيٽ ۾ منهنجو سيٽ نمبر 52 ايڇ آهي ۽ ايف زون ۾ آهي. روانگي جو وقت 9.25 منٽ آهي. ٽڪيٽ تي واضح طور تي لکيل آهي ته Gate will be closed 20 mint before departure. . منهنجي بيگ جو 26 ڪلو وزن ٿيو. بار بار ايئرپورٽ تي اهو اعلان ٿي رهيو هو ته جنهن به بيگ جو ڪو مالڪ ناهي يا ان جي ڪا مالڪي نه ٿي ٿئي ته اهو سيڪيورٽي گارڊ جي تحويل ۾ هليو ويندو.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more