ڀٽائي - سنڌ جي دائمي دردن جو شاعر - يورپي محقق ڊاڪٽر سورلي
يورپي محقق ڊاڪٽر سورلي کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻن احڃاڻن سڀ کان گهڻو جهنجهوڙي وڌو هو. هڪ ته هن انگريز مصنف کي اهو معلوم ڪري عجب لڳو هو ته جنهن دؤر ۾ ايشيا جي شاعريءَ لاءِ ٽي وڏيون ٻوليون، يعني فارسي، عربي ۽ هندي موجود هيون ۽ ڀٽائي اهي ٽيئي ٻوليون ڄاڻندو به هو، پر پوءِ به هن پنهنجي عظيم شاعريءَ لاءِ هڪ اهڙي غير معروف مقامي ٻولي جو انتخاب ڪيئن ڪيو، جنهن جي ان وقت هڪ “لساني لهجي” کان وڌيڪ حيثيت ڪانه هئي. البت جڏهن ڀٽائيءَ ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي ته ان کان پوءِ ئي دنيا کي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت جو اندازو ٿيو. ظاهر آهي ته جيڪا ٻولي ڀٽائيءَ جهڙي شاعر کي پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي، اها دنيا جو عظيم ۽ سڌريل ٻولين مان ئي ٿي سگهي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه جيڪا انگريز ماهر کي سمجهه ۾ نه آئي هئي، سا اها هئي ته ڀٽائيءَ پنهنجي اعليٰ شاعريءَ لاءِ جيڪي موضوع چونڊيا هئا، سي سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسوي دوران دنيا جي عظيم شاعري جا ڪڏهن به موضوع نه رهيا هئا.
ڀٽائي جا ڪردار هئا:
ڪارِيُون، ڪوجِھيون، ڪُوڙِيُون، مُورِ نه موچارِيُون؛
يا وري اهڙا ماڻهو جو
پاندُ جنِين جي پاندَ سِين، لَڳو ٿِئي لَڄَ؛
اهڙن ڪردارن کي اهميت ڏيندي ڀٽائي لکيو هو ته:
فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَ ڏِيَن اَتوريا.
سو مڇيءَ جي ڇٽَ، بدبوءِ ۽ ککَ، ڀٽائيءَ جي خوبصورت شاعريءَ جو موضوع بڻجي امر مهڪ ماڻڻ لڳا. سو ڀٽائيءَ صاحب پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي تي چرندڙ پرندڙ هر شي ۽ هر زنده سوچ سان گڏ پنهنجي ماڻهن، عوام ۽ ڏکويل انسانن جي خاص ڪري اهڙي ڪنهن به ننڍي وڏي جذبي ۽ امنگ کي نظر انداز نه ڪيو آهي، جيڪو شاعريءَ جو موضوع بڻجي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر سورلي جي چوڻ مطابق انهن ٻن ڳالهين جي ڪري ڀٽائي هڪ منفرد شاعر آهي ۽ هڪ اهڙو راڳي ۽ ڪوي آهي، جنهن جهڙو سنڌ ۾ ٻيو اڃا پئدا نه ٿيو آهي. ۽ اها ساڳي صورتحال صوفي ازم جي دنيا ۾ پڻ ڀٽائيءَ جي آهي. ڀٽائي صاحب جي مذهبي فلسفي تي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ان موضوع تي گهري تحقيق ڪئي وڃي ته اها ڳالهه واضع ٿي ويندي ته ڀٽائيءَ پنهنجي دؤر جي سڀني صوفين کان ۽ ان دؤر جي مڙني رائج مذهبي عقيدن کان ڏور، هڪ اهڙي فڪر جو پوڄاري هو، جنهن هن کي سنڌ جي صوفين ۾ به هڪ منفرد مقام ڏنو.
منجهيل پڇن مذهب، ٽڙيل پڇن طريقا
اهي ٻئي فريقا، قادر ڪنهن کي نه ڏئي
يا وري هي بيت جنهن ۾ ”قادر“ جي معنيٰ ڏنل آهي ۽ ”ڀٽائي جو الله“ ڪهڙو آهي، ان ڏانهن به اشارو ڪيل آهي.
سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته آخرڪار اهو ڪهڙو سبب آهي جو اڍائي سو سال گذرڻ کان پوءِ به هن شاعر جي شاعريءَ جي عوامي مقبوليت ۾ ڪو فرق نه آيو آهي ۽ لڳي ٿو ته ڏينهون ڏينهن ڀٽائي اسان جي زندگيءَ ۾ نئين سر داخل ٿي رهيو آهي. ٻه اڍائي سو سالن گذرڻ کان پوءِ به هن جي شاعري سنڌ جي ڌرتي ۽ ماڻهن جي پيڙائن جو پڙلاءُ ٿي ٻري رهي آهي. آخر ان جو ڪو ته سبب هوندو. ان کانسواءِ، وقت جي رفتار نه رڳو ڀٽائي جي شاعري کي پراڻو نه ڪيو آهي، پر ايئن لڳي ٿو ته ڀٽائي سنڌ جي ماضي ۽ حال ٻنهي جو شاعر آهي.
سَرُ سُڪو، سال ٿيا، هنج هَريو ئي پير
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي ان رمز کي.
ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي مستقبل واري سنڌي شاعريءَ جي چٽاڀيٽي ۾ ڀٽائي صاحب جو هي بيت جيڪو پهريون نمبر حاصل ڪري سگهي ٿو.
اصُلَ سَندي آسِري؛ آيُون ڍورَ ڍرِي،
کَنڀَڙَ ڀُونءِ کَرِي، پاڻان پَـير ڏُکويا پَکَـڻين.
شاعر جي اک جي ڪئميرا، سائيبيرا جي ڳڱ ٿيل پاڻي تان ڀڙڪو ڏئي اڏاڻل پکين جو پيڇو ڪري ٿي ۽ هميشه جي هير پٽاندر سنڌوءَ جي نيم گرم، سوسڙي ۽ اڇي اجري پاڻي ۾ land ڪرڻ لاءِ جهازن وانگي پکي جڏهن پنهنجا پير کنڀن جي اوٽ مان ڪڍي اڪير مان پاڻ هيٺ اڇلائن ٿا ته سنڌ جي ٺوٺ ڌرتي انهن نازڪ پکيئڙن جي پيرن جون ريشم جهڙيون ملائم تريون ڏکائي وجهي ٿي. شاعر جي اک جي ڪئميرا پکيئڙن جي پيرن جون تريون ۽ انهن تي آيل سنها ٿلها زخم سهيڙي اهو فلم شاعر جي دماغ ڏانهن روانو ڪري ٿي ۽ شاعر جو من اٿل کائي ٿو. سنڌوءَ ۾ سو ڪهڙي تي ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو شعر چوي ٿو، جنهن کي سنڌ جي مستقبل جي شاعري چئي سگهجي ٿو. ان ڪري ڀٽائي جي شاعري سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي شاعري آهي.
سِجُّ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ؛
سو ڀٽائيءَ جي شاعراڻي عظمت جي راز جي ڳولا جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه محقق ڀٽائيءَ کي پولارن ۾ ڳولي رهيا آهن ۽ ان لاءِ ستارن جو علم پڙهي آسمان کي گهوري رهيا آهن يا ڪاڳرن تي ابجد جي ارٿميٽڪ جو مذهبي حساب لڳائي ڪو نتيجو ڪڍڻ لاءِ عينڪن جا نمبر مٽائي رهيا آهن. انهن اسڪالرن لاءِ ڀٽائي صاحب چوي ٿو ته:
ڪوههُ ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس
ڏور تئائين ڏس، اکر جئائين جڙيا.
اوڏانهن، ڏس، جتان اکر ٺهن ٿا جڙن ٿا، ڳالهائجن ٿا، ايجاد ٿين ٿا. يعني انسان کي پنهنجي ادب جو فوڪس بڻاءِ ۽ ماڻهوءَ تي لک، ادب زندگي لاءِ تخليق ڪر، اڄ تائين سموري دنيا ۾ ادب جو اهو مڃيل نظريو آهي ته ”انسان کي عظيم بڻايو وڃي.“ ۽ اهو ڪم ڀٽائيءَ شرڪ جي حد تائين ڪيو آهي جنهن لاءِ هن کي پنهنجي فاني زندگيءَ ۾ ڀوڳڻو به پيو آهي.
ڀٽائيءَ جي شاعراڻي عظمت جو هڪڙو راز اهو آهي ته هن سنڌي ماڻهوءَ کي پنهنجي من جي طاقتور خوردبيني هيٺ رکي ان جي مڪمل سماجي زندگي جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو جائزو ورتو آهي. ۽ اهو ساڳيو مشاهدو انسان سان گڏ ڌرتيءَ جو به ورتو اٿس.
هن سلسلي ۾ ڀٽائيءَ مسئلي جي جڙ کي پڪڙي سوگهو ڪيو آهي. هن سنڌ ڌرتي جي تاريخ ۽ جاگرافي کان وٺي سنڌي ماڻهو جي ذهني اوسر ۽ قومي مزاج توڙهي طبقاتي تضادن جو اونهيءَ اک سان مطالعو ڪيو آهي. جنهن ڪري هن جي شاعري هر دؤر ۾ نئين نڪور لڳي ٿي. ۽ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ڀٽائي صاحب ان سلسلي ۾ صرف گهرو مطالعو ئي نه ڪيو آهي، پر عوام سان مڪمل ڳانڍاپو پڻ قائم رکيو آهي. جنهن لاءِ هن تي سختيون به آيون. هن جي زندگي تي قاتلانا حملا به ڪيا ويا جنهن ڪري هو انڊر گرائونڊ به رهيو ۽ جدوجهد ڪرڻ تي مجبور ٿيو ۽ پنهنجن ساٿين کاهوڙين، سامين ۽ صوفين سان گڏجي.
”پِنِيو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.“
واري زندگي گذاري، ڀٽائيءَ سنڌ جي ڪجهه اهڙن تاحيات قدرن ۽ مسئلن کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي، جيڪي هر دؤر ۾ سنڌ جا دجائيم دک درد رهيا آهن. اهي مسئلا موجده دؤر ۾ به محسوس ٿين ٿا ۽ آئيندي به انهن جي توقع رکي سگهجي ٿي. هن مان منهنجي اها مراد ناهي ته ڪو سنڌ جا مسئلا مستقبل ۾ به حل ناهن ٿيڻا. پر ڪي مسئلا برابر اهڙا آهن، جيڪي ويجهي مستقبل کان خاصو ڏور تائين هلڻا آهن. مثال وسڪارو نه ٿيڻ ڪري ٿر، ڪاڇي، منڇر ۽ ڪوهستان ۾ ڏڪار پوڻ، اهي سڀئي باراني علائقا گڏبا ته سنڌ جي جملي پکيڙ جو اٽڪل 70 سيڪڙو ٿيندو. ان سان گڏ سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ پڻ سنڌ واديءَ جو هڪ اجزلي مسئلو آهي، وري ٻوڏن ۽ برساتن ڪري سنڌ وادي ۾ سم جي وڌڻ جا به امڪان هميشه موجود آهن: ڇاڪاڻ ته سنڌ جي جاگرافي ڪجهه اهڙي قسم جي آهي. سنڌ جي اولهه ۽ اوڀر ۾ جبل آهن، وچ ۾ درياءَ وهي ٿو ۽ ٻن جابلو قطارن جي وچ ۾ موجود ڏهر يا هيٺاهين زمين کي سنڌ جي وادي ڪوٺجي ٿو. سنڌ جي واديءَ مان پاڻي کي نيڪال لاءِ رڳو ڏکڻ طرف کليل آهي ۽ سو به تڏهن بند ٿيو وڃي، جڌهن سمنڊ ۾ موج ٿي اچي. سو جڏهن سنڌ ۾ سنڌو درياءَ ۽ بارش جو پاڻي جمع ٿئي ٿو ته سم جو آزار وڌي وڃي ٿو، جنهن ڪري انيڪ بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري وڃن ٿيون. سنڌ جي هاڻوڪي تاريخ جي ڪجهه گذريل سال دوران ڳاٽي ٽوڙ بخار سنڌ ۾ سوين لاش دفن ڪري ڇڏيا ۽ ماضي ۾ واجهائبو ته معلوم ٿيندو ته 1919ع واري وبا نظر ايندي جنهن ۾ انگريز مصنفن مطابق سنڌ ۾ ايترا ماڻهو مري ويا هئا، جو باقي جيڪي جيئرا ماڻهو بچيا هئا، اهي مئلن کي دفن ڪرڻ لا ناڪافي هئا، مٿان واري دارا شڪوهه جا حملا هئا، جن سنڌو جي پاڻيءَ جو اڇو اجرو رنگ مٽائي ريٽو ڪري ڇڏيو هو. سو ٻوڏن ۾ ڏڪار ۽ بيمارين کان پو سنڌ جو چوٿو ازلي مسئلو سنڌ تي ڌارين جون يلغارون آهن جيڪي اڳئين زماني ۾ جيستائين افغانستان هڪ منظم بادشاهت جو روپ اختيار نه ڪيو هو، تيستائين خيبر لڪ ۽ بولان لڪ توڙي سمنڊ ذريعي عام جام هيون. پر اهو ڏسي حيرت لڳي ٿي ته ويهين صدي جي هن آخري ڏهاڪي ۾ به سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سنڌي ماڻهن لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن.
سو ڀٽائي صاحب سنڌ جي انهن دائمي مسئلن تي ٽي صديون اڳ جيڪا انتهائي فنائتي شاعري ڪئي آهي، ان جو سماجي ڪارج ڏور مستقبل ۾ به سنڌي ماڻهن کي لاڀ ڏيندو رهندو ۽ هنن جون دليون گرمائيندو رهندو.
سو ڪهڙي، ڏڪار ۽ برباديءَ تي ڏسو ته ڀٽائي صاحب ڪيئن لکيو آهي، چئي ٿو:
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا؛
جُنگنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرُ سُڪو، سُونگي گَيا.
اهو ”ڍورو“ جنهن مان پاڻي سُڪڻ جو ڀٽائي صاحب ذڪر ڪيو آهي، جا ڦٽل نشان اڄ به ٿر جي عمر ڪوٽ تعلقي ۾ موجود آهن. ان برباديءَ تي اڃا به وڌيڪ ماتم ڪندي لکيو اٿائين:
جي تو هئڙو سُور، ڪنڊا، ڍور ڌڻين جو
لامن مٿان ٻور، هوند نه چاڙهيئي هيترو.
يا وري:
ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟
جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گَڏِيو پَهِيَڙو؟
ان سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترائي شاهڪار بيت رسالي ۾ موجود آهن. مثال:
نه سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نه سي ڪاتارِيُون؛
پَسِيو بازارِيُون، هِنئَڙو مون لُوڻُ ٿِئي.
نه ڪا بوءِ بازار ۾، نه ڪا ڇلڙ ڇٽ
جتي ڏنڀيرين جي، اڳي هئي اکٽ
سي پڙ پسي پٽ، ماڻهو وڃن موٽيا.
نه ڪُتا نه ڪوڪار، نه سي سڏ شڪارئين
پٽيو ڪڍي پار، جهنگل آهيڙين کي.
ان تباهيءَ جي عالم ۾ ماڻهن جي ڪهڙي حالت هئي. ان جو نقشو ڀٽائي هن بيت ۾ چٽيو آهي:
اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون
ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پٽ تي.
يا وري
ويا سي وينجهار، هيرا لال ونڌين جي
تنين سندا پونئيان، شيهي لهن نه سار
ڪُٽن ڪٽ لهار، هاڻي انهين ڀيڻئين.
جُه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.
سو ڀٽائيءَ جي شاعري جا دائمي قدر، سنڌ جا اهي دائمي مسئلا آهن، جيڪي هن عوامي شاعر پنهنجي سموري تخليقي سگهه سان لفظن جي روپ ۾ پيش ڪيا آهن. هڪ يورپي محقق جو چوڻ آهي ته عام ڪري مصنف روزاني زندگيءَ جي سياسي مسئلن ۾ گهري دلچسپي وٺندا آهن پر ڊگهي تاريخي پسمنظر ۾ ملڪ ۽ ماڻهن جي سماجي زندگي ته ڌيان گهٽ ڏيندا آهن. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو اهي عارضي سياسي مسئلا جلد ماضيءَ جي ڪٻاڙ خاني ۾ گم ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهن جي حافظي مان اهي ليکڪ به غائب ٿي ويندا آهن. سو ڀٽائي انهن پارکو ڏاهن مان هو جن سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي سماجي تاريخ مرتب ڪئي ۽ سنڌي سماج جي تاڃي پيٽي کي، پروڙي ان جو اهڙو تاريخي ڇيد ڪري ويو.، جنهن تي وقت جي دز ڪيترين صدين تائين چڙهي نه سگهندي.
”سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.“
هي بيت ڏڪاريل ڏيهه جي هڪ درديلي دانهن آهي. ماڻهو، مرگهه (جبلن ۾) مينهون (ڪچي ۾)، آڙيون (درياءُ، ڊيلٽا، ڍنڍن ۾)، سپون (سمونڊ ۾) ۽ پلر (ٿر ۾) ــ ڄڻ ته سڄي سنڌ هن بيت ۾ سمايل آهي. ڪوهستان، ڪچو، درياهه، سمنڊ ۽ ٿر.
ڀٽائيءَ سنڌ گهمي ڦري، پنهنجي فوٽو گرافڪ ميمري يا تيز حافظي ۽ گهري مشاهدي جي مدد سان سنڌ جي ڏڪار واري دائمي درد ڏانهن اشارو ڪندي سنڌ جي هن ناسور جو علاج وسڪاري ۾ ڏٺو.
”قادر ڪرين ڪرم، ته ان جي وطن تي وس ٿئي“
اڄ (2003) ۾ به سنڌ ۾ ڏڪار آهي. اڄ به ان جو حل اهو آهي جيڪو مٿئين بيت ۾ ڄاڻايل آهي.
منجهيل پڇن مذهب، ٽڙيل پڇن طريقا
ReplyDeleteاهي ٻئي فريقا، قادر ڪنهن کي نه ڏئي
اسلام.عليکم محترم سائين ھن شعر جو ٻڌائجو شاھ سائين جو آھي يا نہ؟ اگر آھي تہ. مھرباني ڪري ھوالو ڏجو مھرباني ٿيندي
Thanks
ReplyDelete