Posts

Showing posts with the label Baloch Suhbat Ali

رباعي - بلوچ صحبت علي

Image
رباعي ------ مرڪندي مُرڪڻ سِکياسين پاڻ ٻئي، پيار ۾ ڪُرڪڻ، سکياسين پاڻ ٻئي. عشق جي آڙاهه   ۾ ڪاوڙ ڪري، پو به ير سُرڪڻ، سکياسين پاڻ ٻئي. ------ بلوچ صحبت علي

تو پُڄاڻان - بلوچ صحبت علي

Image
  تو پُڄا ڻا ن، هاڻي ته اذيتن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي، هاڻي لُپريون ڪير ٻڌندو، هاڻي ڦٽن تي ڪير پها رکندو، هاڻي ڪير توجيان زخمن جي ٽڪور ڪندو؟ هاڻي ڪير آهي جنهن کي منهنجو احساس ٿيندو، هاڻي رئي جي ريڙ ڪير ڦاڙي، منهنجو رت روڪيندو؟ هاڻي ڪير مون لاءِ اوجاڳا ڪندو؟ هاڻي ته اُها سگهه به ناهي رهي، هاڻي ته اوکن پيچرن ۾ اٽڪي پيو هان، هاڻي ته دڳن جا نشان به ڊهن ٿا، هاڻي منزلن جو ڏس پتو ڪير ڏيندو؟ او جيجل ! ڏس ، توبن ڪيڏو اڌورو، اڻ پورو، ۽ اڏوهي کاڌل ٿي ويو هان. -------------- (ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ کان ورتل )

وقت ٿورو ترسجان - بلوچ صحبت علي

Image
  وقت ٿورو ترسجان درد کي ٺاري وٺان، پاڻ کي ٺاهي وٺان، سونهن کي ساري وٺان. ب -  ص-ع ڪو ڪو درد ڪُهو جي ڪاٺي، ڪو ڪو گهاءُ لهو جي لاٺي. ·       وقت جو وڏو ڏاهو ، اسان جي ڀر ۾ ويٺو آهي، اسان جي پهچ ۾ به آهي، ۽ هو اڪيلو به آهي، ته ڇو نه محترم سراج ميمڻ سان گڏ چانهن پئيون، ان سان ڪچهري ڪيون. ·       اهو بلڪل ائين آهي، جئين ڪو سقراط جي دور ۾ رهيو هجي، پر سقراط سان نه مليو هجي، سقراط کي نه سڃاڻيندو هجي. ·       ممتاز مهر صاحب تمام وڏو ماڻهو آهي. پر هن ۾ ڪابه وڏن ماڻهن جي نشاني نه آهي. هو انتهائي سادو، اندران ٻاهران شيشي جي گلاس جيان شفاف آهي. ·       منهنجي پيشي ۾ هر ايف آئي آر، هڪ ڪهاڻي آهي، ۽ مون لاءِ هر مظلوم جي ڪهاڻي ايف آئي آر آهي. ·       هر اهو ڪوڙ جنهن مان ڪنهن مسڪين ۽ مظلوم جو فائدو ٿئي اهو سچ آهي. ·       جيڪڏهن سنڌ ۾ ليکڪ کي سندس لکڻين جو پورو معاوضو ملي ته پوءِ هو يورپي ليکن وانگر پنهنجو پورو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏيئي سگهندو. ·       ادب جي تخليق مان پئسو ملي يا نه ملي، سچو اديب لکڻ لاءِ مجبور آهي، نه ته ذهني طرح گهٽجي مري وڃي ·       سنڌي ادب

پوڙهي جو خواب - تحرير: بلوچ صحبت علي

Image
هي هڪ پوڙهي شخص ( جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 60 سال آهي) جي ڪهاڻي آهي. گوڏ ٻڌل، پهراڻ ڦاٽل، پيرين اگهاڙو، وار وکريل، هلڪي اڇي ڏاڙهي، ڦٽ پاٿ تي چپل سيراندي ڪري ليٽل آهي. هي پوڙهو صبح کان مزدوري جي انتظار ۾ ويٺو آهي. انتظار ڪري ڪري نيٺ هو اُتي ئي پنهنجا چپل سيراندي کان ڪري ليٽي پوي ٿو. ليٽڻ سان ئي هو خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿو.   هو اگهور ننڊ ۾ سوچي ٿو ۽ پنهنجي ماضي ۾ غم ٿي وڃي ٿو. هن جي سوچ هن جي جنم ڀومي ڏي   هن کي ڇڪي وٺي وڃي ٿي.   هو هڪ غريب هاريءَ جي گهر پيدا ٿئي ٿو. جنهن جو پنهنجو هڪ ويسو به نه آهي. هو ان ئي گهر ۾ وڏو ٿئي ٿو، اسڪول وڃڻ جيڏو. هن جي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول ڪونهي، هو چار پنج ميل پنڌ ڪري، پريان پير پُنهل وارن جي ڳوٺ ۾ هڪ اڌو گابرو پرائمري اسڪول آهي. جنهن ۾   بينچون، ڪرسيون نه   ٿيون ملن پر اُتي گڏهه ٻڌا پيا آهن، پر پوءِ به ڪجهه ڇوڪرا ڪلاس جي ٻاهر وڻ جي ڇانو تي استاد الهڏني کان سبق وٺي اچن ٿا.

ڌيان طلب - بلوچ صحبت علي

Image
ڌيان طلب بلوچ صحبت علي عام شهري؛ مان بي قصور آهيان، بي ڏوهي آهيان، منهنجي مٿان،

چاچا منهنجي امي ڪٿي آهي؟ بلوچ صحبت علي

Image
چاچا منهنجي امي ڪٿي آهي؟ بلوچ صحبت علي

آصف سعيد خان کوسا - 26 چيف جسٽس آف پاڪستان

Image
آصف سعيد خان کوسا 26 چيف جسٽس آف پاڪستان قابل رحم آهي اها قوم، جيڪا   فخر کي ڪاميابي ۽ عزت کي طاقت جي معيار تي توري ٿي، جتي مجرم کي هيرو ڪري پيش ڪجي ٿو ۽ ايمانداري کي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو. جتي دانائن /بزرگن کي بيوقوف سمجهيو وڃي، ۽ بدمعاشن/بدڪارن جي تعظيم ڪئي وڃي، قابل رحم آهي اها قوم جيڪا مجرمن کي پنهنجو رهنما سمجهي ٿي. بلوچ صحبت علي ايڊوڪيٽ

رُڃ ۽ محبت جو روح - چندر ڪيسواڻي

Image
رُڃ ۽ محبت جو روح ( بلوچ صحبت) چندر ڪيسواڻي ڪراچي جي سڀ کان وڏي ادبي نرسري ”سنڌي ادبي سنگت“ جي منچ تي جن نون شاعرن اٿندي ئي پنهنجي شخصيت /شاعراڻي اڏام ۽ ورتاءُ جو ڌاڪو ويهاريو، انهن ۾ بلوچ صحبت جو نانءَ به شامل آهي. 

Back Page Title by Malook Lund

Image
اسين حال هيڻا ، اوهان جي خدائي-وڏي ڳالهه آهي ! هلي پئي اڃان زندگيءَ جي لڙائي-وڏي ڳالهه آهي ! انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي-وڏي ڳالهه آهي ! اڃان وقت پئي ڳولي سچائي -وڏي ڳالهه آهي ! شيخ اياز                                                                     بلوچ صحبت علي 01.01.1974ع ۾ دادو شهر جي   محلي ڇاڻو شاهه آباد ۾ هڪ غريب هاري محمد يعقوب لُنڊ جي گهر ۾ جنم ورتو. ان وقت ڪنهن جي خواب و خيال ۾ به ڪونه هو ته هن پُٺتي پيل علائقي ۾ جنم وٺندڙ هي نومولود ٻار اڳتي هلي پنهنجي پيشي، علم، ادب، اختلاقيات ۽ ثقافت ۾ ايترو نالو ڪمائيندو .

Legendary Sindhi Actor Gulab Chandio passes away

Image
گلاب چانڊيو ويٺي وَر نه پَوَن ، سُتي مِلَن نه سُپِرِين ليجنڊ اداڪار؛ گلاب چانڊئي جو وڇوڙو بلوچ صحبت علي alisuhbat@yahoo.co.uk سنڌي اداڪار ڪنهن به ريت، اردو، پشتو، پنجابي، سرائڪي، بلوچي ۽ براهوي ٻولي جي اداڪارن کان گھٽ نه آهن. اسان جي سنڌي ڊرامن ۾   جن اداڪارن پاڻ مڃايو، انهن ۾ مصطفيٰ قريشي، نور محمد لاشاري، محمد يوست، فريد بلوچ، منصور بلوچ، صلاح الدين تنيو، شفيع محمد شاهه، انور سولنگي، قيصر نظاماڻي ۽ فهد مصطفيٰ ۽ ٻيا ڪيترائي بهترين اداڪار پنهنجو پاڻ ملهائي ۽ مڃائي چڪا آهن. انهن ۾ محترم گلاب چانڊيو به پنهنجي اداڪاري جي ڪري تمام گهڻي شهرت ماڻي.  

ڌيمي لهجي جو شاعر بلوچ صحبت علي

Image
ڌيمي لهجي جو شاعر بلوچ صحبت علي تحرير: ممتاز مهر ڌيمي لهجي جي شاعري ، ڌيمي لهجي جي موسيقي مون کي وڻندي آهي.ها ڌيمي لئه جيئن ٽمندڙ برسات جي ٽم ٽم ڪندڙ پاڻي جي لئه. مغرب جا ڪيئي اهڙا موسيقار گذريا آهن   جن جون ڌُنون ٻڌڻ سان برسات جي ٽمندڙ بوندن جو ورلاپ محسوس ٿيندو آهي. اهڙي ڌيمي لهجي وارا تخليقار، خود به تمام نفيس طبيعت جا هوندا آهن. 

Visit of Gorakh Hill Station - By Baloch Suhbat Ali

Image
Visit of Gorakh Hill Station Baloch Suhbat Ali Gorakh (Urdu: گورکھ ‎ , Sindhi: گورک ) is a Hill Station of Sindh, Pakistan. It is situated at an elevation of 5,688 ft (1,734 m) surface of the earth, in the Kirthar Mountains, 94 kilometers (58 mi) northwest of Dadu city.  From Dadu city the top of Gorakh Hill is at a distance of 93 km. ... At kilometer marker 17 from Dadu, is a place called Johi which is a 'tehseel' of Dadu and at the distance of about 76 kms from Johi town of Dadu and the distance from Wahi Pandhi to Gorakh is 54km.  Gorakh Hill was first identified by the British rulers in 1860 to be developed into a Hill Station, but it was not until 1989 ... abandoned till 1993; In 1997-98, the construction of road from Wahi Pandhi to Gorakh (54 Kms) was started. اردو میں پڑھیں: گورکھ ہل اسٹیشن سنڌي ۾ پڙهو: گورک هل اسٽيشن It was 8th of December 2018. I along with my friends, i.e. well know writer, philosopher, critic, and short story writer M