اڌ ڏينھن جي بادشاھي

اڌ ڏينھن جي بادشاھي
منير اي ھاليپوٽو
mmr_hpt@yahoo.com

946 ھ ۾ ڀوڄپور جي جاءِ تي، جڏھن مغل بادشاھ ھمايون کي شير شاھ سوريءَ جي ھٿان پَڇاڙ ٿي، ته ھمايون جو شڪست کاڌل لشڪر جان بچائڻ خاطر گنگا نديءَ ۾ لھي پيو. مينھن جي مند نديءَ جي مستي ۾ ويتر واڌ آڻي ڇڏي ھئي، ھزارين فوجي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري ويا.
ھمايون به گھوڙي سان درياءَ ۾ گھڙي پيو، پر جتان ھن درياءَ ۾ ٽپو ڏنو اتان کان درياءَ جو ڪپ مٿي ھو تنھن ڪري گھوڙي تان ترڪي، ڪپ تي ئي ڊھي پيو ۽ اتي غوطا کائڻ لڳو.
خوش قسمتيءَ سان (نظام سقه) ھمايون کي غوطا کائيندي ڏسي ورتو جيڪو ان وقت پاڻي ڀرڻ آيو ھو، تنھن ھڪدم مشڪ ۾ ڦوڪ سان ھوا ڀري پاڻيءَ ۾ لھي وڃي ھمايون کي نئين زندگيءَ جو تحفو ڏنائين.
بادشاھ ھن کان نالو پڇيو، ھن چيو (منھنجو نالو  ”نظام سقه“ آھي ۽ آئون شاھي نمڪ خوار آھيان.)
بادشاھ چيو (مبارڪ وقت آھي، تون مون کي درياءُ اڪاري ڇڏ.)
نظام سقه مشڪ جي مدد سان بادشاھ کي درياءَ جي ٻئي ڪپ تي پھچائي ڇڏيو. تنھن تي بادشاھ چيو ته توکي ڪھڙو انعام ڏنو وڃي، پنھنجي دل جي وڏي ۾ وڏي خواھش ٻڌائي.
نظام سقه چيو آھي ته اھا بي ادبي پر منھنجي تمنا اھا آھي ته آئون اڌ ڏينھن جي لاءِ بادشاھ ٿيان.
بادشاھ چيو (اھو اسان جو واعدو آھي ته تنھنجي خواھش پوري ڪنداسين.)
آگره پھچي ياد ڏيارجان.
بادشاھ آگره پھچي اڌ ڏينھن لاءِ حڪومت نظام سقه جي حوالي ڪري ڇڏي. سڀني وزيرن ۽ مشيرن ھن کي سلامي پيش ڪئي ۽ بادشاھي دستور مطابق ھن جي خدمت ۾ تحفا پيش ڪيا.
نظام سقه دربار لڳائي ۽ بادشاھ جي حيثيت سان حڪم جاري ڪيا ته:
چمڙي جا روپيه ۽ اشرفيون تيار ڪيون وڃن. جن تي سون ۽ چانديءَ سان سندس نالو اڪريل ھجي.
نظام سقه اڌ ڏينھن کان پوءِ حڪومت جو تخت بادشاھ ھمايون جي حوالي ڪيو.
بادشاھ ھمايون، نظام سقه جي جاري ڪيل سڪن کي قانوني سڪو قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ ڳَچ عرصي تائين شاھي سڪي سان گڏ نظام سقه جو سڪو به ھلندو رھيو.
(تاريخ فرشته)

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت